Friday 8 April 2016

Interview Zaib Sindh زيب سنڌي

 Content is ok. Mind it No extra space at question and answers
I corrected  initial 2 questions
Spelling and punctuation marks mistakes. Do not put numbers  on questions
Para after every question's answer
 Brief introduction of personality is must
سنڌ جي اديب ڊرامه نگار، 
ڪالم نگار، پبلشر، شاعر گھڻ رخي شخصيت زيب سنڌي سان ڳالھه ٻولھه 

انٽرويو ڪندڙ؛- قرت العين سومرو

سوال : توھان ادب جي ڪھڙين صنفن تي لکيو آھي ؟ توھان لکڻ جي شروعات
 ڪڏھن ڪئي؟
جواب: مون لکڻ جي ابتدا اسڪول ايج ۾ ڪئي، ستين يا اٺين ڪلاس کان ، مون ٻه ٽي سال اخبارن ۾ ٻارن جا ادبي صفحا ۽ ٻارن جي ادبي ميگزينس ۾ پنھنجي اصلي نالي محمد خان شيخ سان لکيو ٿوري عرصي بعد 1974 ۾ جڏھن آءُ سترھن سالن جو ٿيس زيب سنڌيءَ جي ناکي سان ھڪ افسانو لکيو، جنھن کي شارٽ اسٽوري به چيو وڃي ٿو جيڪا ھڪ ڊائجسٽ اٺن صفحن تي ڇپي، اڄ تائين ان ئي نالي سان لکان پيو ۽ سڏجان پيو مون شروعات ته ٻاراڻي ادب کان ڪئي پر ڪھاڻي، شاعري ، ٽيليوين جا ڊرامه ۽ نثر جون مختلف صنفون لکندو رھيو آھيان.

سوال: پڙھندڙن توھان ڪھڙي صنف کي پزيرائي ڏني؟
جواب: مان سمجھانٿو ته مان اھو خوش نصيب ليکڪ آھيان جنھن کي ھر صنف ۾ پڙھندڙن پسند ڪيو آھي، ۽ منھنجي لکيل ڪھاڻين کي به تمام گھڻو پسند ڪيو ويو اھي ، وڏي خوش قسمتيءَ جي ڳالھ آھي ته مان جيڪا ڪھاڻي لکندو آھيان ته خبر پوندي آھي ته ان ڪھاڻيءَ جو ڪٿي نه ڪٿي اردو ۾ ترجمو ڪيو ويندو اھي، منھنجون ڪي ڪھاڻيون ھندي ۽ پنجابي ۾ به ٽرانسليٽ ٿي چڪيون آھين، مون ناول فقت ھڪڙو لکيوآھي سيتا زينب جي نالي سان جنھن سال 2011 ۾ سنڌي ادبي سگنت پاران بيسٽ ناول جو ايوارڊ مليو نه فقت اھو پر لاھور  جي ھڪ رسالي ۾ پڻ ان ناول کي اردو ۾ ترجمو ڪري ڇاپيو ويو.۽ اھو ئي ناول لاھور جي ڪلاسڪ پبلشر جي طرفان به شايع ٿيو. نه فقت ڪھاڻي پر ناول تي به مونکي پذيرائي ملي. ڊرامن ۾ به مونکي پي ٽي وي تي سٺي پزيرائي ملي ، بنيادي طور تي آءُ فنڪشن رائيٽر آھيان،  فنڪشن ۾ ڊرامه به آھي، ڪھاڻي به آھي، ناول به اھي .فڪشن جي ٽنھين صنفن ۾ مون پڙھنڙن کان سٺي موٽ ملي آھي .

سوال توھان کي لکڻ تي ڪھڙي شيءَ اتساھُ ڏنو ؟
جواب منھنجو پنھنجو خيال آھي ته ڪنھن به رائيٽر يا فنڪار ۾ ھڪ پيدائشي طور تي اندر ۾ ڪجھ ھوندو آھي ، جنھن کان ھُو پاڻ واقف نه ھوندو آ پر ان جي اند ۾ ھڪ بيچيني ھوندي آھي ، مان جڏھن پنھنجي سانڀر ۾ سوچيندو آھيان ته پنھجن سالن جي عمر جون يادگيريون به آھن ، مون کي تڏھن ھڪ بيچيني ٿيندي ھئي پر خبر نه ھئي ته اھو ڇا آھي ، مون جڏھن اسڪول جي عمر م ھڪ ڪھاڻي لکي ته منھنجي اندر جي آنڌ مانڌ تي ڇنڊو پوڻ محسوس ٿيو منھنجي ان ننڍڙي ڪھاڻي جي لکڻ سان مون کي ڏاڍو سڪون مليو پر اھا بيچيني اڄ تائين ختم نه آھي ٿي ، مان سمجھان ٿو ته اھا بيچيني ئي آھي جيڪا ھڪ ليکڪ کان ڪجھه نه ڪجھه لکرائيندي رھي ٿي، جڏھن مون  پھريون ڀيرو ڪجھه لکيو ته مونکي احساس ٿيو ته مان ڪجھه لکي سگھان ٿو ۽ مونکي ڪجھه چڻو آھي ، اڄ به مونکي ائين لڳندو اھي ته مونکي اڃا ڪجھه چوڻو آھي ۽ اھا ئي بي چيني آھي جيڪا مونکان مسلسل لکرائيندي رھي ٿي.

سوال؛- توھان ڪالم نگار به آھيو توھان جي ڪالمن جو موضوع گھڻو ڪري سياسي رھيوآھي يا سماجي ؟
جواب ھا مون ڪالم به لکيا، ھن ئي سال منھنجي لکيل ڪالمن جو ڪتاب ”سنڌ جي ڳالھه‟ ڇپيو اھي ، 2010 کان 2011 تائين ڊيلي ڪاوش ۾ ڪالم لکيا ، ان کان پوءِ ريگولر ڪالم نٿو لکي سگھان ڇو ته مونکي ڪجھه ٻيون مسروفيتون به آھين، پر وقفي وقفي سان ھاڻي به لکندو آھيان ، جيتري تائين موضوع جي ڳالھه آھي ته آءُ سياسي تجزيه نگار ڪون اھيان، سياسي لکڻيون ڪون لکيون آھين ، ٿي سگھي ٿو ته منھنجي ڪالمن ۾ سياسي ٽچ آيو ھجي ڇو ته سياست به اسان جي سماج جو حصو آھي ، سياست کي سماج کان ڌار نٿا ڪري سگھون، جنرلي مون علمي، ادبي ۽ سماجي موضوعن تي لکيو اھي ، جيئن ته نياڻن جا مسئلا، عورتن ڏکن ۽ تڪليفن جا موضوع ، مجموعي طور تي جيڪو منھنجي ڪالمن جو تاثر نڪري ٿو اھو اسانجي سنڌي سماج جو موضوع اھي، مون جيڪي لڳاتار ڪالم لکيا انھن جو عنوان دل جي ڳالھ ھو .

(5)سوال؛- توھا جي ڪھڙي ڊرامه کي وڌيڪ شھرت ملي ئ
جواب جڏھن پي ٽي وي تي ھفته ۾ ھڪ سنڌي ڊرامون ھلندو ھو جنھن جو جٽاءُ 25 منٽ ھوندو ھو تڏھن 1986 ۾ مون پنھنجي ھڪ ڪھاڻي کي ڊرامه ٽائيز ڪيو جنھن جو نالو ” وڃايل ٻار‟ ھو جيڪو منھنجو ٽليوين جو پھريون ڊرامه ھو، ساڳي وقت مون پي ٽي وي لاءِ ڪجھه سيريل پڻ لکيا ڪيترائي ڊرامه لکيا پر ھڪڙو ڊرامه جيڪو مون پھريون اردو سيريل لکيو جينھن جو نالو ”جانشين‟ ھو. ان تي مون تمام گھڻي شھرت ملي .اھو ڊرامه  1999 ۾ ٽيلي ڪاسٽ ٿيو، ان کان اڳ ڪنھن به ڊرامه ايترو بزنس ڪيو ھو ، ان ڊرامه رڪارڊ ٽوڙ بزنس ڪيو ، ان کان پوءِ منھنجو ھڪ اردو سيريل گھڻو مقبول ٿيو جنھن جو نالو ”انجاني راستي‟ ھو م، مون ڪجھ ٽيلي فلمس به لکيو پر ھڪ ٽيلي فلم جيڪا سنڌي ناول سيتا زينب تي بيس ڪري ٿي اي آر واءِ تي ساڳي نالي سان ٽيلي ڪاسٽ ٿي ، مون کي انھن سيريلس ۽ ٽيلي فلمس تي تمام گھڻو ريسپانس مليو خاص طور تي ”جانسِن ‟ کان پوءِ ماڻھن مون کي گھڻو پسند ڪيو. جيڪو ڪجھ لکيم پئي ان کي ڌيان سان ڏٺو ويو .

(6)سوال توھان پي ٽي وي تي سنڌي ڊرامه جو معيار ڪين ٿا ڏسو؟
جواب مان سمجھان ٿو ته جي ڪو مون سان اختلاف راءِ رکي ته ان کي حق آھي ، پر سنڌي ڊرامه جو جيڪو سفر آھي ان عروج بجاءِ پوئتي موٽ کاڌي آھي ، پوءِ ڀلي اسان جا پرائيويٽ چينل ھجن يا اسان جو مڌر چينل پي ٽي وي ڇو نه ھجي جتان سنڌي ڊرامه جي ابتدا ٿي .سنڌي ٽيلي ڊرامه جي شروعات به پي ٽي وي کان ٿي ، زينت جيڪو مرزا قليچ بيگ جو ناول ھو ان کي شمشيرالحيدري ڊرامه ٽائيز ڪيو چئن قستن ۾ ، ان چئن قستن واري ڊرامه کان پوءِ پي ٽي وي تي سنڌي ڊرامه جي شروعات ٿي ۽ پوءِ سنڌي ڊرامه عروج ڏانھن ھلندو ويو ، ان جو نتيجو اھو ٿيو جو سنڌي ڊرامن کي انٽرنيشنل ايوارڊ پڻ مليا ، خود اردو پروڊوير سنڌي ڊرامن کان متاثر ٿيندا ھئا، اھو ئي سبب آھي جو ڪيترائي سنڌي ڊرامه وري اردو ۾ ترجمو ٿيا، عبدالقادر جوڻيجو جي ”راڻيءَ جي ڪھاڻي‟ منھنجو ھڪ سولو پلي ۽ ڪيتران ئي ليکڪن جا ڊرامه وري اردو ۾ ٽرانسليٽ ٿيا، مطلب ته سنڌي ڊرامه جي ھڪ ڌاڪ ھئي ، تمام مھڻتي پروڊيوسر ھئا ، اسڪرپٽ جي ھڪ ھڪ لائين تي تمام گھڻي محنت ٿيندي ھئي ، ريھرسل ٿيندي ھئي آرٽسٽ محنت ڪندا ھئا ،تڏھن ته سنڌي ٻين ٻولين کي متاثر ڪري انٽر نيشنل ايوارڊ کنيا، اھو ڊرامه ھاڻي مون کي نظر نٿو اچي ، نه صرف پي ٽي وي تي ، پر ٻين چينلس تي به سنڌي ڊرامه جو اھو معيار نظر ڪون ٿو اچي.

(7)سوال؛- توھان جي ڇپل ڪتابن جو تعداد ڪيترو اھي ءٌ ڪھڙن موضوعن تي لکيوآھي؟
جواب مجموعي طور تي منھنجن ڪتابن جو تعداد ارڙھن آھي ، جنھن ۾ ڪھاڻين جا ڪتاب آھن ، ناول ، ڪالم ، ۽ نثر جي مختلف صنفن تي ڪتاب آھي ”توکي مون ساريو‟ جي نالي سان ،  ان کان سواءِ مون ڪجھ ڪتاب ترجمو پڻ ڪيا آھن، جيڪي ڏاڍا مقبول ٿيا ، جنھن ليليٰ خالد جي آتم ڪٿا ، چنگيز ماتوف جو ناول ڏرتي ماءُ جي نالي سان شامل آھن، ھڪڙو موضوع آھي جيڪو مونکي ھيميشه اپيل ڪندو رھيو پر ان موضوع تي ڪوبه ڪتاب سنڌي ۾ ڪون ڇپيو ، سواءِ منھنجي لکيل ڪتاب ”جپسي يورپ جا خانه بدوش سنڌي‟ جيتوڻيڪ ان موضوع جو تعلق سنڌ جي تاريخ ۽ نٿراپولاجي سان تمام گھرو آھي، ڪجھه ريسچر آرٽيڪ لکيا اھن ،پر بنادي طور تي ريسرچ اسڪالر نه آھيان، تنھن ڪري ڪوشش ڪئي ته سنڌي ۾ جيڪو ڪجھ ڇپيو آھي ، ان کي سرچ ڪيان ۽ پوءِ مون کي تقريبَ ٻارھان آرٽيڪل مليا سنڌي ادب جي تاريخ ۾ 40، 50 سال پراڻا ، ۽ ڪجھ منھن جا دوست جيڪي جپسين سان مليا ھئا ، مون انھن کي عرض ڪيو ته مونکي لکي ڏيو ته جپسين کي اوھان ڪيئن ڏٺو ، دوستن منھنجي مدد ڪئي ۽ اھو ڪتاب تازو ئي بازار ۾ آيو آھي، اھي موضوع منھنجي لکڻي ۾ شامل رھيا اھن، مون شاعري به ڪئي آھي جڏھن ته مان بنيادي طور تي شاعر ڪون آھيان پر جيڪي سٽون لکيون آھين انھن کي سھيڙيان پيو جلدي ڪتاب جي صورت ۾ شايع ٿيندو.

(8)سوال؛- اڄ جيڪو سنڌي ادب لکجي ٿو ان مان توھان ڪيترو مطمئن آھيو؟
جواب؛- شاعري ۾ مان تمام مطمئن آھيان پر نثر ۾% 100 مطمئن نه آھيان، پوءِ به مونکي ڪڏھن ڪڏھن ڪاڪا اھڙي ڪھاڻي نظر ايندي آھي جنھن مان لڳندو اھي ته سنڌي ڪھاڻيءَ جو مستقبل روشن آھي ، ناول جي سفر به جيڪو بنھه سست ٿي چڪو ھو سو وري شروع ٿي چڪو اھي ، ته مان مجموعي طور تي سنڌي ادب جي ھرپھلو کان پراميد آھيان.
(9)سوال؛- توھان سنڌي ٻولي کي ھن وقت ڪٿي ٿا  ڏسو ، سنڌي ٻولي جي بقا کي خطرو ته ڪون آھي؟
جواب خطرھ ته پنھنجي جاءِ تي رھن ٿا ، نه فقت سنڌي ٻوليءَ کي پر دنيا جون ڪيتريون ئي اھڙيون ٻوليون آھن جن کي خطرھ لاحق آھن ، پر سنڌي ٻولي سروائيو ڪندي رھي آ ء۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ اھي خوبيون مونود اھين جيڪي ٻولي کي بچائڻ ۾ مدد ڏينديون اھن ، اردو کي پنھنجي الفابيٽ آھي ، ان کان الاوھ پاڪستان جون جيڪي اصلوڪيون ٻوليون آھن انھن مان واحد سنڌي ٻولي آھي جنھن کي پنھنجي الفابيٽ آھي ، جنھن ۾ پرائمري کان وٺي پي ايچ ڊي تائين پڙھايو وڃي ٿو ، ھاڻي ته سنڌي ٻولي انٽر نيٽ تي به موجود اھي ، ۽ سنڌي ٻولي کي ٽرانسليٽ ڪرڻ جو سافٽوير به اچي چڪو اھي ، جنھن ۾ ڪجھ ئي وقت ۾ ڪنھن به ٻوليءَ کي سنڌي ۾ ترجو ڪري سگھجي ٿو ، سنڌي ٻوليءَ جي گوگل تي نئي شروعات اھي جنھن کي پراپر ٺاھڻ ۾ اڃا وقت لڳندو، پر جڏھن ڪا به ٻولي ان حد تائين ترقي ڪري ته مان نه ٿو سمجھان ته ان ٻولي کي ڪو خطرو ٿيندو، ساڳي ئي وقت سرڪاري طور تي نساب منظور ٿيل آھي سرڪاري ادارا ھجن يا پرائيويٽ ، سنڌي لازمي پڙھائڻي آھي،  پر اڪثر پرائيويٽ ادارا ان قائدي قانون ھجڻ جي باوجود سنڌي نه ٿا پڙھائن ته حڪومت کي ايڪشن وٺڻ گھرجي ان قانون تي انھن کي عمل ڪرائڻ لاءِ.

(10) سوال؛- سنڌ کي ڪھڙا سياسي سماجي مسئلا درپيش آھن ،ان ۾ اديب جو ڪھڙو ڪردار ٿي سگھي ٿو؟
جواب سياسي ۽ سماجي مسئلا سنڌ سان شروع کان لاڳاپيل اھن ، پاڪستاني ٺھڻ کان اڳ نه پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ نه ڪي سياسي مسئلا اڄ تائي حل ٿي سگھيا اھننه ئي سماجي مسئلن ڪا گھڻي بھتري حاصل ڪري سگھيا اھيون ، ڪجھ بھتري اھي اھا تعليم جي وڌڻ جي ڪري نه ته مجموعي طور تي اسان جا سياسي مسئلا جيئن جو تيئن آھين ،سياسي سطع تي جيڪي نا انصافيون موجود اھن انھن جو سماج تي منفي اثر پوي ٿو ۽ سماجي سطع تي اسان اڃا به وڌيڪ پوئتي آھيون ، توھان ڏسو ته شھر ۾ پر اڃاوڌيڪ ٻھراڙين ۽ ڳوٺن عورتن سان ڇا پيو ٿئي ، اڃا طلم ۽ ڏاٺ تان ھٿ نه کڻي سگھيا آھيون ، ڪارو ڪاريءَ جو مسئلو ، جرگا سسٽم ۽ ڏوھ ڏنٺ ۾ نياڻين جي ڏيڻ جو سلسلو اڃا تائي شروع اھي ، سماجي برايون اسان وٽ موجود آھن اديب انھن ۾ ھڪ ٺو ڪرادر ادا ڪري ٿو ۽ ڪندو آيو آھي ، ڇو ته ادب ۽ شاعري جو اثر سڌو سئون سماج تي پئي ٿو، شاعري اسان وٽ ماضي حال ۽ متقبل ۾ روشن آھي اھو جوش ۽ ولولو ادب جون ٻيون صنفون ڪھاڻي ۽ ڪالم م به سماجي شعور ملي ٿو ، اڄ جي صحافي ۾ به اڳ کان وڌيڪ شعور ملي ٿو پر سڀ کان وڌيڪ ضرورت جيڪا اھي اھا تعليم جي جيڪا انھن براين کي جڙ کان ختم ڪري سگھي ٿي .
(11) سوال ؛- سنڌ ۾ جيڪا تعليمي صورتِحال آھي ان جو ذميوار ڪنھن کي ٿا سمجھو؟ ۽ ان جي بھتري لاءِ ڪھڙين ڳالھين تي تحوجه ڏيڻ جي ضرورت آھي؟
جواب مان سمجھان ٿو ته سنڌ ۾ جيڪو تعليمي زوال آيو آ ، ان جو ڪو ھڪ ذميوار ڪونھي ، ان شاگرد ، والدين ۽ استاد برابر جا قصور وار آھن، ايڊمنسٽريشن ۾ ھيٺ کان مٿي تائين خاميون موجود آھن جن جي ڪري اسان جو تعليم نظام ڪوليپس ٿي ويو اھي ، نه ته ماضي ۾ توھان ڏسندا ته سرڪاري اسڪولن مان پڙھيل ماڻھو پرائيويٽ ادارن مان پڙھيل نوجوانن کان ڪيترو ذھين رھيا آھن ، ان جو مطلب ته ان وقت جو استاد ذميوار ھو ،اھي شاگرد کي پنھنجن ٻچن وانگي سمجھندا ھئا ۽انھن کي ڦل ٽامي ڏيندا ھئا ، ۽ شاگرد به استادن کان سکڻ جي شوق ۾ باادب ھوندا ھئا ، ۽والدين ه پنھنجي ٻارن کي جاچيندا رھندا ھئا ،ان ڪري اسان جي تعلي جو بھتر نظام ھو، شاگرد ، استاد، والدين ۽ ايڊمنسٽريشن اڄ جي ذميواريءَ جو مظاھرو ڪن ته اڄ به تعليمي نظام بھتر ٿي سگھي ٿو .
(12) سوال؛- توھان پبلشر به رھي چڪا آھيو ، توھا اھو سفر ڪيئن رھيو؟
جواب مون 1982 ۾ پبلشر جي حيثيت سان پنھنجي پروفيشنل لائيف جي شروعات ڪئي ، 1982 ۾ مون پھريون ڪتاب ڃورايو ذولفقار راشديءَ جو ”سوچ کي لوچ‟ جيڪو شاعريءَ جو ڪتاب ھو ان کان پوءِ ٽي سال لاڳيتو 1985 تائين مون ڪتاب ڇپرايا ان دور ۾ مان نئون ھوس پر مون معياري ڪتاب ڇپرائڻ جو اعزاز به مليو، مون کي ان ڪم ۾ ذاتي دلچسپي ھئي منھنجو دل چوندو ھو ته ڪتاب سٺو ۽ سھڻو ھجي، اگر ان دور جو ڪتاب کڻي ڏسندا ته ٻين ادارن ۽ سڳنڌ پبليڪشن ۾ واصع فرق نظر ايندو، بائينڊنگ کان وٺي ٽائيٽل تائين نفاست نظر ايندي ، ٻيو جيڪو مونکي ايڊوانٽيج مليو ته پاڻ لکندو ھوس ۽ ادبي حلڪن ۾ اٿندو ويھندو ھوس، ته سينير رائيٽرس مون کي سڃاڻيدا ھئا ان ڪري ٻئي ڪنھن کا ڇپائڻ بجاءِ مون ترجيع ڏيندا ھئا، اھو ئي سبب آھي جو شيخ اياز ۽ امر جليل جا ڪتاب مون ڇپيا ، جنھن جي ڪري ٻين ليکڪن جو ڌيان به ڇڪيو، 1985 کان پوءِ اھو سلسلو ٿورو ھٽجي ويو ، مون ڪوشش ڪيئ ته ان سلسلي کا جاري رکان پر وقت ساٿ نه ڏنو، ان کان پوءِ به مون وقفي وقفي سان ڪتاب ڇپيا پر ھاڻي ھڙو ڪوئي به سلسلو ڪون اھي ،اھو 25 سال اڳ بند ٿي چڪو اھي .
(13) سوال: توھان پنھنجي پڙھندڙن لاءِ ڪھڙو پيغام ڏيڻ چاھيندو؟
جواب: پيغام وڏا ماڻھو ڏيندا اھن ، مان ننڍڙو ماڻھوآھيان ، مونکي ڪابه خوش فھمي نه آھي ته مان ڪو 40 سال لکي احسان ڪيو آھي ، بس لکڻو آھي ٻار پڙھيا اٿم ھڪ فرد جي حصثيت سان پيغام نه پر گذارش ڪيان ٿو سنڌ جي سڀني ماڻھن کي ته پنھنجي اولد پڙھايو ۽ انھن تي تحوجه سنڌ لاءِ سوچيو ،  جڏھن ته ان جون پاڙون وري به تعليم مان ڦٽي نڪرن ٿيون اڄ جو معصوم ٻار سنڌ جو ايندڙ مستقبل آھي نه فقت ان جي تعليم تي ڌيان ڏيو پر ان جي تربيت تي به ڌيان ڏيو ته جيئن سنڌ جو مسقبل روشن ٿئي .

Interview with Zeb  Sindhi 
Practical work was carried under supervision of Sir Sohail Sangi, Department of Media and Communication Studies, University of Sindh 

No comments:

Post a Comment