Friday 15 April 2016

محمد بشیر قادری سیلانی سے انٹرویو

For interview, profile and feature pix is must.
First question is irrelevant 
Second and third questions should have been made part of Introduction
Standard number of questions in in interview is 12. 
ماریہ عائشہ 
رول نمبر : BS-II / 37

مولانا محمد بشیر قادری سیلانی سے انٹرویو

تعارف: مولانا محمد بشیر قادری 1963ءمیں پیدا ہوئے ۔آپ 1977ءمیں ایک دینی خاندان میں شکارپور میں پیدا ہوئے بعد
میں کراچی منتقل ہوئے ۔ آپ کے دل میں غریبوں کادرد ہمیشہ سے موجود تھا جس وجہ سے آپ مختلف سماجی کاموں کو ترجیح دیتے تھے ۔جس کے بعد 1999ءمیں سیلانی ویلفیئر ٹرسٹ کی بنیاد رکھی جو آج پاکستان کی چند ایک نامور ویلفیئر آرگنائزیشن میں ہے۔
irrelevant
سوال : آج کل آپکی کیا مصروفیات ہیں؟
جواب: صبح سے لیکر شام ، شام سے لیکر صبح تک سونے کے علاوہ سیلانی کی یہ جو ذمہ داریاں ہیں  اس میں مصروف کیا ہوا ہے اللہ تعالیٰ اس میں ہی مصروف رکھے زندگی کی آخری سانس تک ۔

 Following two questions should be part of introduction
سوال : آپکی تعلیم کتنی ہے اور کہاں سے حاصل کی ؟
جواب: دنیاوی طور پر میں نے 12کلاس پڑھیں ہیں میٹرک میں نے شکارپور سے کیا انٹر میں نے عبداللہ ہارون کا لج سے کیا پھر میں نے دینی تعلیم میں دارالعلوم امجدیہ جس میں آٹھ کلاسیں ہوتی ہیں وہاں میں نے پانچ سال آخر کے پڑھے تو اس طرح دارالعلوم امجدیہ سے مجھے عالم کی ڈگری حاصل ہوئی تھی۔

سوال : آپکا تعلق کہاں سے ہے ؟کس علاقے سے ہے ؟اور آپکے والد صاحب کیا کرتے تھے؟
جواب: اوّل تو ہمارا تعلق گجرات سے ہے ۔گجرات بھارت میں ہے اور وہاں سے ہمارے والد صاحب مہاجر بن کر پاکستان آئے تھے ۔1947ءمیں اور اس کے بعد ہماری پیدائش 1962ءمیں ہوئی اور ہمارے والد صاحب ایک جنرل اسٹور کے مالک تھے اللہ کی رحمت سے ہمیں خوشحال گھرانہ ملا تھا ۔

سوال : آپکو اس فلاحی ادارہ کھولنے کا ارادہ کس سے متاثر ہوکر ہوا تھا؟
جواب: ہمارے شہر میں ایک ادارہ برکاتی فاﺅنڈیشن تو سب سے پہلے انہوں نے مجھے ایک کام سونپا تھا 1995ءمیں کہ غریبوں میں رمضان شریف کے دنوں میں راشن کی تقسیم کے لئے ان کی طرف سے جو ہے وہ کراچی کے پسماندہ علاقوں میں گیا تھا اور یہ میرا پہلا اسلامی قافلہ تھا میری زندگی اور الحمداللہ باقاعدہ 1999ءمیں سیلانی ویلفیئر  وجود میں آیا۔

سوال : مذہب میں انتہا پسندی کے بارے میں آپکی کیا رائے ہے؟
جواب: مذہب میں جو انتہا پسندی کو ہم اور آپ سمجھتے ہیں اسکی تو کوئی جگہ ہی نہیں ہے بلکہ اسلام جو ہے وہ تو بہت ہی آسان اور بہت کریم دین ہے جو اپنی آغوش میں ہر ایک کو لے لیتا ہے ۔اسلام جو ہے وہ کتے بلوں کا کیڑے مکوڑوں کا بھی خیال رکھنے کا دین ہے ۔چنانچہ اس میں جو ہے انتہا پسندی کی کوئی جگہ نہیں ہے اس طرح کی سوچ جو ہے وہ سراسر نقصان دہ ہے جو اس میں لوگوں کو جو ہے اپنے مذہب کی طرف لانے کی شدید کا اختیار کیا جائے بلکہ اللہ تعالیٰ نے قرآن پاک میں واضح کردیا ہے کہ اگرتم کسی کو اللہ تعالیٰ کے راستے میں لاناچاہتے ہو تو حکمت کے ساتھ اور بہت ہی میٹھی بات کرکے لانا۔

سوال :آپ نے اپنا ہی فلاحی ادارہ کیوں کھولنے کا ارادہ کیا اور دوسرے بھی فلاحی ادارے تھے انکے ساتھ کیوں نہیں کیا؟
جواب: دیکھیں اس میں میرا کوئی ذاتی عمل دخل نہیں ہے۔ رب العالمین نے میرے دل میں یہ خیال ڈالا کہ آپ اپنا ادارہ کھولیں ورنہ میرا اس میں کوئی شوق نہیں تھا اور مجھے ایک فیصد بھی یا د نہیں کہ میںنے کبھی سوچاہو کہ میں ذاتی ادارہ کھولوں گابلکہ ہمارے ادارے کے جوائنٹ سیکریٹری عامر بدیر نے مجھے بہت کہا تھا کہ ایک اپنا ادارہ کھولیں تو اس لئے ہم نے اپنا ادارہ کھول لیا اور برحال اس میں جو جذبات ہیں اداروں کے لحاظ سے اچھے ہیں اور اچھے ہی رہیں گے۔

سوال : آپکی نظر میں سیلانی کے علاوہ اور کونسے فلاحی ادارے بہتر ہیں؟
جواب: ہمارے شہر میں بہت سارے ادارے مثال کے طور پر المصطفیٰ ویلفیئر، شیخ فاﺅنڈیشن اور چھیپا صاحب ہیں اور ایدھی صاحب بھی کام کررہے تھے پر اب تو بہت بیمار ہیں حتیٰ کہ اب تو بستر پر آگئے ہیں اللہ انہیں صحت عطاءکرے اور ظاہر ہے کہ اب ان کے معاملات پہلے جیسے نہیں ہےںاور سب ویلفیئر ادارے ایک دوسرے سے مدد لیتے رہتے ہیں جیسے انصار برنی صاحب کام کررہے ہیںتو یتیم لڑکیوں کی شادیاں کرنے میں مدد لیتے ہیں اور کہیں کسی کی میت ہوجاتی ہے تو کراچیسے باہر بھیجنی ہوتو ایدھی صاحب سے گاڑی لیتے ہیں تو ہم انہیں رقم دیتے ہیں۔

سوال : حکومت کی طرف سے آ پ کو اس ادارے کے لئے کوئی یقین دہانی ہوئی ؟
جواب: حکومت کی طرف سے تو بس سکون ہے اور کوئی یقین دہانی نہیں کرائی ۔البتہ انہوں نے ہمارے ساتھ ملکر ایر و پلانٹ لگوائیں ہیں۔حکومت سندھ کے ساتھ ،رینجرز کے ساتھ اور پولیس کے ساتھ بھی ۔

سوال : کیا آپ ہم نوجوان نسل کے لئے کوئی پیغام دینا چاہتے ہیں؟
جواب  نوجوان نسل کے لئے میرا پیغام یہ ہے کہ ہم مسلمان ہونے کے ناطے ہماری نماز کوئی قضاءنہ ہو  دوسرا یہ کہ ماں باپ بھائی بہن بیوی پڑوسی رشتے دار اور معصوم بچوں کے ساتھ اچھا سلوک رکھیں ۔ہر انسان کے ساتھ یہاں تک کہ جانوروں کے ساتھ اچھا سلوک رکھیں  یہ جو نوجوان نسل ہے یہ نئی آنے والے آلات سے بہت غلط مطلب لے رہے ہیں مثلاً: موبائل ، فیس بُک، واٹس ایپ اور بھی بہت سی چیزیں ہیں انہیں چیزوں سے اچھے کام ہوسکتے ہیں اچھے کام تو بہت کم ہی ہورہے ہیں 



نصير مرزا سان ٿيل ڳالهه ٻول


 مشهور براڊ ڪاسٽر، نثرنگار، شاعر ۽ ڪمپيئر نصير مرزا سان ٿيل ڳالهه ٻول
انٽريو وٺندڙ سنجها سيد

سوال: توهان پنهنجي ڪيريئر جو آغاز ڪڏهن ۽ ڪٿان کان ڪيو.
جواب: منهنجو بنيادي تعلق پڙهيل لکيل گهراڻي سان آهي شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ جيڪو جديد سنڌي ادب جو ابو سڏبو آهي ان جو سڳي ڀيڻ منهنجي ڏاڏي آهي تعليم جيئن هوندي آهي ته آئون پڙهندو رهيس پر منهنجو شوق اهو هو ته آئون ماس ڪميونيڪيشن ۾ ماسٽر ڪندس يا سنڌي ٻوليءَ ۾ ماسٽر ڪندس ۽ ايز اي استاد پنهنجي ڪيريئر جو آغاز ڪندس، پر منهنجي داخلا ماس ڪميونيڪيشن م ٿي ۽ مون ماس ڪميونيڪشن ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن حاصل ڪئي هئي، جيستائين ڪا جاب ملي آئون پنهنجي شوق سان نور محمد هاءِ اسڪول جي سيڪنڊ شفٽ ۾ ٽيچنگ ڪندو رهيس، ان دوران 1983ع ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ پروڊيوسرشپ لاءِ جابس آيون ۽ آئون پروڊيوسر ٿي ويس. ان کان پوءِ سينيئر پروڊيوسر ٿيس، مينيجر ٿيس، ڊپٽي ڪنٽرولر ، ڪنٽرولر کان پوءِ ريجنل ڊائريڪٽر ٿي 20 جولاءِ 2015ع ۾ ريٽائر ٿيس اهو آهي منهنجو جابس ۽ اڪيڊمڪ ڪيريئر.

سوال: ريڊيو پاڪستان جي ڪمپيئر ۽ اينڪر کي ٽريننگ جي ڪيتري ضرورت آهي ؟
جواب: منهنجو خيال آهي ته جيئن ڪنهن ٻار جي تعليم ميدان ۾ تربيت نه ڪبي ته اهو اڳيان وڌي نه سگهندو، اهڙي طرح ريڊيو هڪ هنري ادارو آهي، ان ۾ تربيت جو هئڻ لازمي آهي هڪڙو ته توهان جو ذوق آهي ٻيو توهان ميڊيا ۾ اچڻ چاهيو ته ضرور توهان ريڊيو ٻڌندا هوندا، ان جي ٿوري گهڻي اوهان کي خبر هوندي، هر اداري جو پنهنجون ضرورتون هونديون آهن ان لاءِ اسين ٽن ڳالهين جي ڄاڻ ڏيندا آهيون. جيئن ماڻهو کي زير، زبر ۽ پيش جي خبر هجي ۽ صحيح تلفظ وٺي سگهي، ريڊيو ۾ 99 پرسن  ڪم اسڪرپٽ جو هوندو آهي جيڪو مائيڪ تي وڃي پڙهبو آهي، هڪڙا سيکڙاٽ ڪمپيئر هوندا آهن ۽ هڪڙا وري پڙهيل لکيل طبقي مان ايندا آهن.مثال طور ادي تنوير جوڻيجو، محمود مغل، سيد ماڪن رضوي انهن کي ڪنهن به پروڊيوسر کي ٻڌائڻ جي ضرورت نه هوندي آهي، انهن کي صرف پاليسي ٻڌائي ويندي آهي هڪ ته وقت جي حڪومت خلاف ڪجهه ڳالهائي نه سگهجي ۽ ٻيو هيءَ اسلامي ملڪ آهي ان جي خلاف ڪجهه ڳالهائي نه ٿو سگهجي، جيڪا ڳالهه هر ڪمپيئر کي ٻڌائڻي پوندي آهي..

سوال: اڄ جي دؤر ۾ ڄاڻ ۽ تفريح جا ٻيا به ڪافي ذريعا آهن ان ۾ ريڊيو جي ڇا اهميت آهي؟
جواب: ريڊيو ٻن قسمن جا ٿين ٿا، هڪ ميڊيم ويز ٻيو ايف ايم چينل، ميڊيم ويز سرڪاري آهي ۽ ايف ايم پرائيويٽ آهي، ايف ايم مخصوص جڳهين تي ڪم ڪندا آهن اهي ماڻهو پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ ٻڌي سگهندا آهن، جيڪي سرڪاري ريڊيو آهن اهي پنهنجي ثقافت لوڪ ادب ۽ پنهنجي تهذيب جا محافظ هوندا آهن، براڊ ڪاسٽنگ جو اهو ڪم آهي ته پنهنجي ثقافتي سڀني شين کي بچائي ۽ انهن کي محفوظ ڪري ۽ ايف ايم جو ڪم رڪارڊ رکڻ نه آهي بس تڪڙيون تڪڙيون ڳالهيون تڪڙا تڪڙا مشهورا ڏيئي ماڻهن کي تفريح مهيا ڪرڻ آهي، پنهنجي موسيقي، ڊراما، ناول ۽ لوڪ ورثو بچائڻ ميڊيم ويز ريڊيو جو ڪم آهي.

سوال: توهان ريڊيو لاءِ ڪهڙيون ڪوششون ورتيون ۽ ڪهڙيون ڪاميابيون حاصل ڪيون؟
جواب: اهو بلڪل ائين آهي ته مون پيءُ جي صورت پنهنجي اولاد لاءِ ڇا ڪيو، آئون پيدائشي براڊ ڪاسٽر آهيان مون کي لڳو ته آئون ڄائو ئي ريڊيو لاءِ آهيان مون ايز اي پروڊيوسر پنهنجي نئي نسل جي ٽيلنٽ کي سامهون آندو مون پنهنجي عمر جا ماڻهو آندا، جن ۾ محمود مغل، سيد ماڪن شاهه رضوي، بخشڻ مهراڻوي وغيره ان کان مون پنهنجي عمر جا ڳائڻا ۽ ڳائڻيون آنديون ۽ نئي نسل جي ماڻهن کي متعارف ڪرايم جيئن ته آئون براڊ ڪاسٽر سان گڏ شاعر ۽ ليکڪ به آهيان ريڊيو جيڪو هڪ وڏي تاريخ آهي ان ۾ ڪافي وڏا ماڻهو رهيا آهن، انهيءَ تاريخ کي مون رٽرن فارم ۾ آندو ۽ اها تاريخ ٻارنهن سئو (1200) صفحن تي مشتمل آهي، هزارين ڪلاڪن جي رڪارڊنگ آهي، عظيم شخصيتن جا انٽرويو آهن، ڊراما، ڪهاڻيون وغيره، جيڪي اسڪول ٽيپ ۾ محفوظ هئا انهن کي اسان ڊجيٽلائيز ڪيو، اها تقريباً هزار ڪلاڪن جي رڪارڊنگ آهي جنهن کي مون اٺن سالن جي ۾ مڪمل ڪيو جنهن جو نالو حيدرآباد ڪيٽ لاگ رکيوسون، اهو ڪيٽ لاگ هزار صفحن تي مشتمل آهي ان کي آئون پنهنجي وڏي ڪاميابي سمجهان ٿو.

سوال: توهان شاعر به آهيو، شاعري جي باري ۾ ڇا چوندا؟
جواب: آئون شاعراڻه خاندان ۾ پيدا ٿيو آهيان ان ۾ نوي پرسن ماڻهو شاعر آهن يا شاعراڻو ذوق رکن ٿا، مونکي لفظن ۽ سُرن هميشه پاڻ ڏانهن ڇڪيو آهي، خوشبوءَ جي سنگ سنگ منهنجي شاعريءَ جو پهريون مجموعو آهي. ٻيو مجموعو آهي ٿي نه سگهيس شاعر جي نالي سان مارڪيٽ ۾ موجود آهي. ان کانپوءِ مون لاتعداد ڪتابن جا مهاڳ لکيا آهن.

سوال:-  توهان جو ڪو اهڙوڪتاب جيڪو اوهان کي گهڻو وڻندو هجي؟
جواب: منهنجو پهريون ڪتاب سفر من اندر جيڪو تمام گهڻو مشهورو ٿيو ۽ ان تي مون کي ايوارڊ به مليو اهو مونکي تمام گهڻو پسند آهي.

سوال:- ڪهڙي شاعر جي شاعري توهان کي وڌيڪ وڻندي آهي؟
جواب: سڀ کان پهرين ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي جيڪو پوري ڪائنات آهي، ان کان پوءِ شيخ اياز جنهن کان آئون گهڻو متاثر آهيان. ان کان پوءِ ڊاڪٽر تنوير عباسي، امداد حسيني ۽ جديد شاعرن ۾ اول ۽ آخر صرف هڪ نالو وٺندس، حسن درس جيڪو مون کي پسند آهي.

سوال:- ميڊيا ۾ عورت جو مستقبل ڇا آهي ۽ ان کي ڪهڙي نظر ڏٺو وڃي ٿو؟
جواب: منهنجي خيال ۾ عورت جو مستقبل روشن آهي، عورت جيتري پڙهيل لکيل هوندي اوتري ٺڳبي گهٽ، ادارن جا پنهنجا قانون هوندا آهن، جنهن جي ڪري ڪنهن مرد کي همت نه ٿيندي آهي اداري اندر رهي ڪا هلڪي ڳالهه ڪري سگهي ان ڪري سڀني کي محتاط رهڻو پوندو آهي.

سوال:-  توهان لکڻ ڪڏهن شروع ڪيو؟
جواب: آئون جڏهن ميٽرڪ ۾ پڙهندو هوس تڏهن کان مون ٻارن جا نظم لکڻ شروع ڪيا، منهنجا ادب ۾ ٻه استاد آهن هڪڙو سائين نثار حسيني ۽ ٻيو شيخ عزيز صاحب انهن مونکي لکڻ سيکاريو.

سوال:-  ڪهڙي موضوع تي لکڻ زياده پسند ڪندا آهيون؟
جواب: هر ماڻهو جي هڪ فطرت هوندي آهي مونکي اداس ميوزڪ وڻندي آهي اسٽار ڪينسر آهي ۽ آئون ان تي يقين ڪريان ٿو ته ڪينسر اسٽار وارا ماڻهو پراڻين ڳالهين دلچسپي وٺندا آهن، ان ڪري آئون ماضيءَ تي لکندو آهي، اڄڪلهه منهنجو موضوع آهي حيدرآباد شهر جي تاريخ لکڻ.

سوال: توهان اديب، شاعر ۽ براڊ ڪاسٽر آهيو، انهن سڀني ڪمن مان توهان فيورائيٽ ڪم ڪهڙو آهي؟
جواب:
 آئون بنيادي طور تي شاعر آهيان، مون پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو به آهي ته اها منهنجي خواهش آهي ته آئون جڏهن گذاري وڃان ته منهنجي قبر لکيل هجي ته هن قبر ۾ هڪ شاعر دفن آهي.

سوال: توهان جون ريٽائرمينٽ کان پوءِ ڇا مصروفيات آهن؟
جواب: ريٽائرمينٽ کان پوءِ آئون پينگهي ۾ لڏندو رهندو آهيان ۽ پنهنجي زال سان جيڪا پڙهيل لکيل خاتون آهي ان سان ڪچهري ڪندو آهيان ۽ ڪڏهن وري ڪتابن جا مهاڳ به لکندو آهيان ۽ ڪڏهن ڪڏهن جي نالي سان ڪاوش اخبار ۾ ڪالم به لکندو آهيان .

Interview of Naseer Mirza by Snajha Syed - April 2016
This practical work was  carried out under the guidance of Sir Sohail Sangi

Monday 11 April 2016

صوفي راڳي جمال الدين فقير جو انٽرويو





انٽرويو: ناصر لسڪاڻي
رول نمبر 2K15-MC-67
                           صوفي راڳي جمال الدين فقير
سانگهڙ ضلعي جي ڳوٺ ٻوٻي اسٽيشن ۾ 1952ع ۾ مصري فقير جي گهر ۾ هڪ ٻار جي پيدائش ٿي، جنهن جو نالو جمال الدين رکيو ويو. درگاهه منٺار فقير راڄڙ کپري جي مريد مصري فقير جمال الدين کي سندس ننڍپڻ کان ئي درگاهه تي وٺي ويندو هو، ننڍي هوندي کان ئي درگاهه سان تعلق هئڻ ڪري پاڻ صوفي راڳي طور اڀريا، جمال الدين فقير صرف پرائمري تائين تعليم حاصل ڪئي،  جمال الدين فقير 25 سالن جي ڄمار ۾ شادي ڪئي، کيس 9 ٻارن، چار ڌيئرن ۽ 5 پٽن جو اولاد آهي، پاڻ ريڊيو پاڪستان تان مشهوري ماڻي، کيس ڪيترائي ايوارڊ ملي چڪا آهن.

سوال:  سنڌ صدين کان صوفين جي ڌرتي رهي آهي، اڄڪلهه جي حالتن جا ڪهڙا ڪارڻ آهن؟
جواب:  سنڌ ڌرتي ڪيترائي انمول هيرا پيدا ڪيا آهن ۽ صدين کان صوفين جي ڌرتي رهي آهي، سنڌ ۾ سچل سرمست ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جهڙا شاعر ٿي گذريا آهن، جن ماڻهن کي ڀائيچاري، امن ۽ هم آهنگي جو درس ڏنو، نئين نسل پاران اهڙن شاعرن کي نه پڙهڻ ۽ تعليم جي گهٽتائي جي ڪري جهالت ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي،جنهن سبب ماڻهن ۾ برداشت نه رهيو آهي ۽ ماڻهو انتهاپسندي طرف وڃي رهيا آهن.

س: ماڻهن کي صوفي راڳ ڏانهن آڻڻ لاءِ ڪهڙيون ڪوششون ڪرڻيون پونديون.
ج: اڄڪلهه جو نوجوان نسل اصل راڳ کان پري ٿيندو پيو وڃي، اڄڪلهه جو نئون راڳ مثال طور راڪ ۽ پاپ يا اهڙي قسم جو راڳ اصل راڳ کي نقصان پهچائي رهيو آهي، غزل جون محفلون پڻ گهٽجنديون پيون وڃن، نوجوان نسل کي اصل راڳ ڏانهن واپس آڻڻ لاءِ اسان کي اصل راڳ ۽ پاپ جو نچوڙ ڪڍڻو پوندو، جنهن سان نوجوان نسل کي پاپ ميوزڪ ۽ اصل راڳ ٻنهي جو لطف اچي.

س: توهان جو پهريون پروگرام ڪڏهن ۽ ڇا تان نشر ٿيو؟
ج: منهنجو پهريون پروگرام 1988ع ۾ پي ٽي وي تان نشر ٿيو، ان بعد منهنجو هڪ انٽرويو ريڊيو پاڪستان تان نشر ٿيو،  ان بعد مختلف ريڊيو اسٽيشنن تان پروگرام نشر ٿيا.

س: اوهان پاڪستان کان ٻاهر ڪٿي ڪٿي پرفام ڪيو آهي؟
ج: راڳ ۽ ان جا چاهيندڙ هڪ فنڪار کي آسمان جي اوچاهين تائين پهچائي ڇڏيندا آهن، آئون  گورنمينٽ ڪلچرل ڊپارٽمينٽ طرفان اٽلي، جنيوا، سوئيٽزرلينڊ، لنڊن، بيلجيم ۽ آمريڪا سميت ترڪي ۾ به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي، جتي ماڻهن مون کي ڏاڍو ساراهيو.

س: راڳ سکڻ جي شروعاتي دور ۾ ڪهڙين تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو؟
ج: جيڪي ماڻهو ڪامياب ٿيا آهن، انهن سڀني پنهنجي مٿان تڪليفن، ڏکن ۽ سورن جا پهاڙ برداشت ڪيا آهن، انهن سڀني جيان مون کي به شروع واري دور ۾گهڻيون ساريون تڪليفون سهڻيون پيون، غريب خاندان سان تعلق هئڻ ڪري راڳ ۽ گهر جو گاڏو گڏيل طور هلائڻ لاءِ وڏي محنت ڪرڻي پئي.

س:  توهان جا ايسيتائين ڪهڙا البم رليز ٿي چڪا آهن؟
ج:  منهنجا ايسيتائين کوڙ سارا البم رليز ٿي چڪا آهن، جن مان ڪجهه هي آهن، ناز پروڊڪشن سڪرنڊ پاران ڏهه البم۽ اي اي قاسم ماڪا پروڊڪشن پاران ڏهه کان مٿي البم شامل آهن.

س: توهان جا مشهور ڪلام ڪهڙا آهن؟
ج: منهنجا گهڻا ئي ڪلام مشهور ٿيا پر  ڪجهه ڪلام اهڙا آهن، جن جي هر محفل ۾ فرمائش ٿيندي آهي، جهڙوڪ اها مٽي حڪم ڪريندي هزار، آئون نچڻ واري تنهنجي ڀولڙي ۽ هم صنم ڪي در سي شراب پي آئي. انهن ڪلامن مون کي عوام ۾ ڏاڍي مقبوليت ڏني.

س: قرآن شريف ڪيتري عرصي ۾ هٿ سان لکيو؟
ج: ڇهه کان ست مهينن ۾ قلمي نسخو ختم ڪيو، ڪراچي ميوزيم پاران اهو نسخو ميوزيم ۾ رکڻ لاءِ گهريو ويو، پر مون انڪار ڪري ڇڏيو.

س: توهان کي ايسيتائين ڪهڙن ايوارڊن سان نوازيو ويو آهي؟
ج:  مون کي ايسيتائين کوڙ سارا ايوارڊ مليا آهن، جيئن شاهه لطيف جا ٻه ايوارڊ، هڪ 2001 ع ۾ ۽ ٻيو 2013ع ۾، هڪ سچل سرمست ايوارڊ به مليو، پي ٽي وي طرفان به ٻه ايوارڊ ڏنا ويا آهن، آمريڪا  ۾ سانا ڪنوينشن ايوارڊ ، مصري شاهه ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي ايوارڊ مليا آهن.

 - April 2016 - Interview of Sufi Singer Jamal Fakir by Nasir Laskani 
Practical work was  conducted under guidance of Sir Sohail Sangi 

Saturday 9 April 2016

Interview with Irshad Soomro


ارشاد سومرو هڪ بهتر ٽيچر هجڻ سان ڳڏ ھڪ سٺي ليکڪ پڻ آهي. ڪتاب لکڻ کان علاوه آرٽيڪل لکيڪ به آهي.  
سوال: (1)توهان اڄ جي دنيا ۾ توهان سنڌي ٻولي جي وجود کي ڪيئن ٿا ڏسو؟
هن وقت سنڌي ٻولي پوري دنيا ۾ ڳالهائي لکي ۽ پڙهي ٿي وڃي، هندستان ۾ سنڌي ٻولي کي قومي ٻوليءَ جو درجو حاصل آهي، ۽ گوگل ۾ به اچي وئي آهي 7 ترجمي جي مرحلن مان گذري پئي، پر ان جي مقابلي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي وجود کي اسان سنڌين مان ئي آهي، جو گھر ۾ مادري زبان ڳالهائڻ جي .بدران، ڌاريون ٻوليون زبان سان ڳالهائيندا آهن، جن ۾ اردو ۽ انگلش سرفهرست آهي

سوال (2) توهان جي راءِ ۾ ڇا سنڌي ٻولي کي معاشري ۾ ٻين ٻولين جيتري اهميت مليل آهي؟
منهنجي خيال ۾ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب شاهوڪار آهي، پر اسان جي معاشري ۾ سنڌي ادب کي به سنڌي ٻوليءَ وانگر اهميت نٿي ملي اسان جا سنڌي ماڻهون سنڌي ڪتابن کان وڌيڪ ٻين ٻولين جو ادب پڙهي فخر ٿامحسوس ڪن ۽ سنڌي ادب کي سنڌي سماج ۾ جيتري اهميت ملڻ گھرجي اوتري اهميت نٿي ملي.
سوال (3)  اڄ جي سنڌي معاشري جا مسئلا ڪهڙا آهن؟
هن وقت سنڌي معاشري ۾ سڀ کان وڌيڪ مسئلا، سٺي تعليم معاشري ۾ سڀ کان وڌيڪ مسئلا سٺي تعليم جو نه هجڻ، صحت جو نه هجڻ، جنهن جي ڪري ٿر۾ سون جي تعداد ۾ معصوم ٻارن جي موت جو ڪارڻ ٿيو، بي روزگاري جنهن جي ڪري نوجوان خودڪشيون پيا ڪن،  نوڪرين ۾ ڦرپا پروي ڪميشن بورڊ به ان کان ناهي بچيو.

سوال (4) پنهنجي ٽيچنگ ۽تعليم جي باري ڪجھ ٻڌايو؟
مون 2011ع ۾ بيڪن هائوس ۾ ٽيچنگ شروع ڪئي، اڄ به پرهايان پئي، تعليم M.Ed ۽ ايم فل آهي سنڌ يونيورسٽي مان ڪيان پئي.

سوال (5) اڄ ڪلهه اسڪولن ۾ ٻارن کي موٽيويشن ڇو نٿي ڪئي وڃي؟
پرائيويٽ اسڪولن ۾ ته ٻارن جي الاهي حوصلا افزائي ٿي پئي، هاڻي گورنمينٽ اسڪولن مان به ٻار اڳتي اچن پيا.

سوال (6) توهان ڪڏهن محسوس ڪيو ته توهان ليکڪ ٿيڻ ٿا چاهيو؟  .ڪڏهن به نه سوچيو هو ته آءُ ڪا ليکڪ ٿيندس، بس اتفاقي ٿي ويس
سوال(7)توهان کي ڪيترو وقت لگندو آهي هڪ ڪتاب لکڻ ۾ ؟    مون پهريون ڪتاب 2004ع کان لکڻ شروع ڪيو جيڪو 2010ع ۾ مڪمل ڪيو ۽ 2015ع ۾ پبلش ٿيو.
سوال (8) توهان جو ڪتاب ڇپڻ ۾ توهان کي ڪهڙيون مشڪلاتون پيش آيون؟
منهنجو پهريون ڪتاب شاعري جو آهي “گھڙي گھمن جي ڀاري آ” 2010ع ۾ هن جو سودو ڄام ساقي صاحب وٽ کڻي ويس ته هنن مسودو ڏي چيو ته هي ڪتاب اوهان جو ڪو به پبلزڊ پبلش نه ڪندو، 2015ع ۾ جڏهن سنڌراني وارن کي پبلش لاءِ ڏنو ته هنن به ائين چيو ته اوهان جو ڪتاب اسان جي پاليسيءَ جي خلاف آهي، اوهان هن مان مواد خارج ڪيو يا، نظرثاني ڪيو، پوءِ مون پنهنجي مجموعي مان ڪجھ  نظم خارج ڪيا ۽ ڪجھ نظمن جي نظرثاني ڪيم ۽ پوءِ اهڙي طرح هي ڪتاب 10 سيپٽمبر 2015ع تي مارڪيٽ ۾ اچي ويو.
سوال (9)توهان انهن شاگردن جي ڪهڙي اصلاح ڪرڻ چاهيندا جيڪي بهتر ليکڪ ٿيڻ چاهين؟
بلڪل به اصلاح ڪرڻ چاهيندس بهتر ليکڪ ٿيڻ لاءِ ٽن شين جي ضرورت هوندي، مطالعو، مشاهدو ۽ تجربو، جڏهن اهي شيون ملن ٿيون ته پوءِ ڪا تخليق سرجي ٿي.

سوال (10) توهان ڪڏهن کان ارٽيڪل لکو ۽ ڪهڙين ڪهڙين اخبارن ۾ ڇپيا آهن؟
مون 2012ع کان ارٽيڪل لکڻ شروع ڪ يا، پهريون ارٽيڪل بشير خان جي شهادت تي لکيو جيڪو 29 اپريل 2012ع تي عبرت اخبار ۾ پبلش ٿيو ان کان علاوه سوڀ، سنڌ ايڪسپريس ۾ ڇپجن پيا.
سوال (11) توهان جي آرٽيڪل جو موضوع ڪهڙو رهيو آهي؟

منهنجي آرتيڪلن جو موضوع گھڻو ڪري ته سنڌ سان ٿيل نا انصافين ئي هونديون ، معاشرتي مسئلن تي به لکيو آهي، جن ۾ موتا ڀيل وارو واقعيو، پڙهندڙن کان ڪافي موٽ ملندي آهي، جنهن ڏينهن ارٽيڪل ڇپيو آهي ته هڪ دم ايميل اچي ويندي آهي.سنڌي جي مسئلن تي لکيل ارٽيڪل پسند آيا، ۽ هنن انهن  کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ لاءِ چيو، هو پنهنجي ميگزين ۾ ڏيڻ پيا چاهين، پر ڪن سبب ڪري مون هنن کي ڏئي نه سگھيا اهو مون لاءِ اعزاز هو.                                                        
  سوال (12)  پنهنجي پڙهندڙن لاءِ معاشري لاءِ ڪو پيغام؟

پڙهندڙن لاءِ اهو پيگھام آهي، معاشري کي سنوارڻ لاءِ پنهنجي حصي جو  ڪم ايمانداري سان ڪيو ۽ ڪنهن کي اجائي تڪليف نه ڏيو.


 Interview with Irshad Soomro by Shaista Soomro 
Practical work was  conducted under guidance of Sir Sohail Sangi  

Friday 8 April 2016

Interview with Badal Jamali بادل جمالي

Good
بادل جمالي
انٽرويو :عبدالسبحان جمالي
BS Part-II, 2K15/MC/05
وطن جي مٽي ۽ ماڻهن سان اڻمئي محبت ڪندڙ بکر جمالي واسي شخصيت ليکڪ، شاعر، محقق ، اداڪار، پروڊيوسر، ڊائريڪٽر ۽ سماجي ڪارڪن جي سڃاڻپ رکندڙ نثري ادب ۽ اداڪاري فيلڊ ۾ پنهنجي باوقار ڪردار جي مالڪ بادل جمالي جو اصل نالو محمد سليمان جمالي آهي هن 29 مئي 1947ع تي ڳوٺ شهداد جمالي ۾ جنم ورتو هن پنهنجو ننڍپڻ بکر جمالي جي ڀر سان ڳوٺ شهداد جمالي ۾ گذاريو شروعاتي تعليم ڳوٺ علي مراد جمالي مان حاصل ڪئي ان کانپوءِ ميٽرڪ هن گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول بکر جمالي مان 1969ع ۾ ڪئي. ميٽرڪ کانپوءِ ڪراچي فلم انڊسٽريز  1973ع ۾ پهتو اُتي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪيو.1974ع ۾ پاڪستان ٽيليوزن نيٽ ورڪ ۾ نوڪري ملي هن اُتي پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪيو ۽ 2007ع ۾ اُتان ريٽائر ٿيو. سنڌي ادب سان لڳاءُ هجڻ سبب هينئر سيڪريٽري طور سنڌي ادبي بورڊ نيو سعيد آباد ۾ ڪم ڪري رهيو آهي هن پنهنجي پهرين ڪتاب “ پاڙي ناهي پروڙ” جو (نسيم کرل) گولڊ ميڊلسٽ آهي اهو ڪتاب 1980ع ۾ لکيو هو.
س: توهان کي ادب ۾ ڪڏهن ۽ ڪيئن شوق ٿيو؟
ج: ادب پڙهڻ ۽ لکڻ جو شوق ننڍپڻ کان هو مون شاعري سان لکڻ جي شروعات ڪئي ۽ اڳتي هلي جڏهن آئون ڪراچي پهتس ته منهنجوواسطوسنڌي ادب سان ٿيو ، مون ڪهاڻين کي ترجيع ڏني ۽ پوءِ مون ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ اڳتي آئون شاعري نه ڪري سگهيس ءِ ڪهاڻيڪار ٿي ڪري سامهون آيس.  دوستن ڪهاڻيون پسند ڪيون .
س: اوهان سنڌي ادب ۾ ڪهاڻين جا ڪهڙا ڪتاب لکيا آهن؟
ج:  پهريون ڪتاب “ پاڙي ناهي پروڙ” مون 1980 ۾لکيو جنهن کي 1980 جو بهترين ڪهاڻين جو مجموعو سمجهي نسيم کرل گولڊ ميڊل مليو ۽ ساڳئي سال شاعري تي شيخ اياز کي به مليو. ان کانپوءِ منهنجو ٻيو ڪتاب (سنگرام) 1987 ۾آيو ۽ ان کان علاوه (چونڊ سنڌي ڪهاڻيون) 1975 کان 1980 جي وچ واريون جيڪي ڪهاڻيون هيون انهن جي چونڊ مون ڪئي هئي. ريٽائر ٿيڻ کانپوءِ مون 2013کان ڪهاڻيون لکيون آهن ۽ هاڻي سٺو مجموعو ٿيو آهي انشاءالله تمام جلد نئين ڪتاب جي صورت ۾ ڏيندس.

س: محمد دائود بلوچ سان ڪهڙن ڪتابن تي ڪم ڪيو ۽ ڪڏهن ڪيو؟
ج: مون محمد دائود بلوچ سان گڏ (چار ڪهاڻيڪار چار نقادس) جي نالي سان هڪ ڪتاب ترتيب ڏنو هو جيڪومنصور پبليڪيشن جو مالڪ به هو ۽ اسان جو مانوارو دوست هو ان کان سواءِ  ان ساڳئي اداري لاء ٻه ڪتاب  ڪهاڻي نمبر جي نالي سان مون ۽ محمد دائود گڏ جي1982۽1983۾ ترتيبت ڏنا هئا.

س: توهان ڪهڙي قسم جي شاعري ڪئي پنهنجي ڪا شاعري ٻڌايو؟
ج: جيڪا منهنجي شروعاتي شاعري هئي اها  رومانوي قسم جي هئي پر تڏهن اهڙي خاص يا شاندارشاعري نه هئي جنهن تي آئون فخر ڪيان ۽ انهي ڪري ڇپائي نه ٿي سگهي ڇاڪاڻ ته اها ڪچي ڦڪي شاعري هئي ان زماني جي منهنجي لکيل شاعري هن ريت هئي.
نحص پنهنجي تي نادم ناهيان
جي وقت جي بازي مون نه کٽي
جيت اسان جي ٿئي يا نه ٿئي
هار ته هميشه پنهنجي آ

س: سنڌي ادب جي بهتري جي لاءِ ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي؟
ج:هڪ ليکڪ طور سنڌي ادبي بورڊ جي ميمبر ۽ ورڪر جي حيثيت سان  1975 ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڪراچي ۾ جوائننگ ڪئي هئي، ورڪر جي حيثيت سان ۽ ميمبر جي حيثيت سان مون اتي  تقريبن اٺهه کان ڏهه سال سنگت ۾ گذاريا جتي منهنجي ڪردارکي ڏاڍو ساراهيو ويو، ادب ،لکڻ ، تنقيد ۽ رهنمائي جي حوالي سان دوستن تمام گهڻي تعريف ڪئي منهنجوڏاڍو سٺو ۽ پازيٽيو ڪردار رهيو.

س: سنڌي ادب جي حوالي سان سنڌي ڪهاڻي جي پڙهڻ ، تخليق ڪرڻ ۽ غلطين جي باري ۾ ڇا چوندا؟
ج: ڪہاڻين جو پڙهڻ هر وقت هر دور ۾ هوندو آهي پر ادب ۾هاڻي ڪهاڻين جو رجهان بدلجندو پيو وڃي عام پڙهندڙ کي هينئر معياري ڪتاب نٿو ملي ڇاڪاڻ ته ڪهاڻين ۾ ٻولي غلط لکي ويندي آهي. شاعري ۾ پڻ ٻولي جو غلط استعمال ڪيو ويندو آهي، مذڪر ۽ مونث جو تقريبن فرق ئي ختم ٿي ويو آهي جئين ٿو  ڪير محسوس ڪري تئين ٿو لکي هو پنهنجو معيار ڪونه ٿو ڏسي ته آئون مارڪيٽ ۾ ڪهڙي شئي موڪليان پيو ان جو ڪهڙو معيار هجي ڇاڪاڻ ته تخليقڪار کي جڏهن پنهنجي معيارجي خبر نه آهي ته اهو ٻولي کي ڇا ڏسندو مٿان وري اصلاح به نه ٿي  ٿئي ڇاڪاڻ ته اڳ ايڊيٽر هوندا هئا اهي ان شئي کي پڙهي درست ڪري پوءِ ڇاپيندا هئا. هاڻي ته ايڊيٽر به اسان جا دوست اهڙا وڃي ٿيا آهن جن کي اها توفيق به ڪانهي جو هو غلط کي صحيح ڪن جنهن جي ڪري اها شئي غلط لکي وئي آهي ته هاڻي اها ڇپجي به غلط پئي ۽ اها جاري آهي هاڻ ڪو ماڻهو ڪٿي جملو پڙهيو (منهنجي آواز خراب آهي) ته هو به چوڻ شروع ڪندو ته(منهنجي آواز خراب آهي) جنهن ڪري اسان کي سنڌي ٻولي جو معيار بهتر ڪرڻ گهرجي ۽ ايڊيٽرن کي به گهرجي  ته اهڙيون غلطيون جتي ٿين ٿيون انهن کي درست ڪري اصلاح ڪن اهو انهن جو فرض آهي.

س: ٽيڪنالاجي جي استعمال سان  ادب ۽ اخلاق تي ڪهڙو اثر پئي ٿو؟
ج: اڳئي اسان ڪهاڻين ۾ ٽيلي فون کي وڏي اهميت ڏيندا هئاسين وڏو ڪاري رنگ جو پي ٽي سي ايل وارن جو سيٽ هوندو هو ان ذريعي گفتگو ٿيندي هئي ماڻهو ڪمرن تائين محدود هوندا هئا. هن وقت موبائل جو زمانو اچي ويو آهي هر ڪنهن جي  کيسي ۾ موبائل آهي اوهان جبل تي هجو، جهنگ ۾ هجو،يا کڻي باغ ۾ هجو جنهن سان وڻي ڳالهائي سگهو ٿا اها سهولت تازي آئي آهي اسان جي دور ۾ پابنديون هيون ايتري قدر جو ڪهاڻيڪارن لاءِ پيار ڪرڻ جي جڳهن ته پيار جو اظهار ڪرڻ محبوبه کي ڏکيو لڳندو هو هاڻي ته ڪو به مسئلو ڪونهي هاڻي وڏي آزادي ٿي وئي آهي جو هر هنڌ مرد توڙي عورت وٽ موبائل آهن هر ڪو ڳالهائي سگهي ٿو هن وقت موبائل جي ڪري معاشري تي تمام غلط اثر پئجي رهيو آهي اهڙي طرح اهي سڀ ڳالهيون ادب ۽ اخلاق تي به اثر انداز ٿين ٿيون ڇاڪاڻ ته ماڻهو هاڻي دلير ٿي ويو آهي اڳيون ڳالهيون ناهن رهيو. اڳي ڪنهن سان پنهنجي دل جي ڳالهه ڪرڻ ڏاڍي ڏکي هئي پر اڄڪلهه هلندي ڦرندي ماڻهو دل جي ڳالهه چئي ٿا وٺن. ان ڪري اهي تبديليون معاشري سان گڏوگڏ ادب ۽ اخلاق تي به اثر انداز ٿين ٿيون هاڻي اهڙو معتبر قسم جو ادب تخليق ڪجي جيڪو هر ڪنهن جي لاءِ قابل قبول هجي اهو اڄ به مشڪل آهي ڇو جو ماڻهو اڄ به لکڻ تي ويهي ٿو ته هو شعور جي وهڪري ۾ اهڙيون شيون لکي ويندو آهي  جيڪي عام ماڻهن جي اڳيان ڳالهائڻ جهڙيون نه هونديون آهن پوءِ انهن تي  تنقيد ٿيندي آهي پر معتبر ادب ته اهو آهي جيڪو سڀني جي لاءِ هڪجهڙو هجي مرد توڙي عورت سڀ پڙهي سگهن ۽ ان ۾ بي ادبي نه هجي.

س: اليڪٽرانڪ ميڊيا جي اچڻ سان ادب تي ڪهڙو اثر پيو آهي؟
ج: اليڪٽرانڪ ميڊيا جي اچڻ سان ڪتابن جي وڪري تي ضرور اثر ٿيو آهي ڇاڪاڻ ته اڳي هزار ڪتاب مهيني ٻن ۾ وڪامبا هئا هاڻي نٿا وڪامن ڇو جو تڏهن لکڻ پڙهڻ کي گھڻي ترجيع ڏني ويندي هئي ڇاڪاڻ ته اڳي ماڻهن وٽ وقت  گذارڻ جي لاءِ ڪا ٻي مصروفيت نه هوندي هئي هاڻي الڪيٽرانڪ ميڊيا اچي وئي آهي ان کانپوءِ سڄو ڪريڊٽ ٽي وي ڏانهن وڃي ٿو، توهان ڊرامه ڏسو، ميوزڪ ٻڌو ۽ ٻيا پروگرام ڏسو اهي سڀ شيون ڏسڻ کانپوءِ ماڻهو وٽ ڪتاب پڙهڻ لاءِ ٿورو وقت ٿو بچي تنهن هوندي به جنهن جي ادب سان دلچسپي آهي اهو  اڄ به پڙهي ٿو، ڪتابن جو وڪرو اڄ به جاري آهي.



س: سنڌي ادب شاعري ۽ آرٽ جي حوالي سان ڪهڙي حيثيت رکي ٿو؟
ج: ادب، شاعري ۽ آرٽ اهي ٽئي ساڳيا چئبا ڇاڪاڻ جو ٽئي ادب سان ملندڙ آهن، اوهان انهن کي الڳ نه ٿا ڪري سگهو، ادب  تمام وسيع آهي اوهان جي موسيقي ان ۾ اچي ٿي وڃي، اوهان جي شاعري ان ۾ اچي ٿي وڃي، ڊرامه به ان ۾ اچي ٿا وڃن، تقرير به ان ۾ اچي، ايستائين ٻولي سڄي ان دائيري ۾ آهي.

س: پاڪستان ٽيليوزن نيٽ ورڪ ۾ اوهان عوام لاءِ ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو؟
ج: مون وڌ کان وڌ ادبي پروگرام ڪيا آهن، ادب ۽ ٻولي جي حوالي سان تمام خوبصورت پروگرام ڪيا آهن. ان ۾ اسان بحث مباحثو،  ڪريڪيوليرم ۾ غلطيون جهڙوڪ اسان واري دور جا ڪتاب ٻارن کي پڙهايا ويندا هئا 1950 واري ڇاپي سبب ٻار پريشان ٿيا ڇو جو مارڪيٽ ۾ اهي ڪتاب نه پيا ملن. ان تي اسان تعليمي آفيسرن کي گھرايو ۽  تمام سخت بحث ڪيا ان ۾ مون سان ڪافي تعليم کاتي جا آفيسر ناراض به ٿيا پر بعد ۾ ٽيليوزن تي جڏهن  اهي پروگرام ڏٺائون ته کين خبر پئي ته اسين پنهنجي جاءِ تي صحيح هئاسين ۽ اصل ۾ غلطيون هنن جو هيون جن کي بعد ۾ هنن تسليم به  ڪيو هو ان کان پوءِ هنن ان ڌيان طلب مسئلي تي غور ڪرڻ جو واعدو ڪيو. جنهن کان هنن جيڪي ڪتاب مارڪيٽ ۾ ناهن انهن جي جاءِ تي نوان ڪتاب ڏنا. پاڪستان ٽيليوزن نيٽ ورڪ جي پليٽ فارم تان مون پروڊيوسر جي حيثيت سان ادب جي لاءِ سٺا ادبي پروگرام ڪيا ۽ بيشمار مشاعره ڪيا ادبي مباحثه ڪيم ڪيترائي ليکڪ، فنڪار، ادب جا ماڻهو مون متعارف ڪرايا آهن ۽ وڌ ۾ وڌ پاڪستان ٽيلي وزن نيٽ ورڪ مون ادب جي حوالي سان وڌ ۾ وڌ ڪم ڪيو.

س: پاڪستاني ڊرامن کي دنيا ۾ گھڻي چاهه سان ڏٺو وڃي ٿو، هن جو ڪريڊٽ ڪنهن ڏانهن وڃي ٿو؟
ج: ڪنهن هڪڙي ماڻهو کي نه پر سڄو ڪريڊٽ پاڪستان ٽيليوزن نيٽ ورڪ جو آهي ڇاڪاڻ ته  پاڪستان ٽيليوزن نيٽ ورڪ نه صرف پاڪستان جو پهريون پر دنيا جو وڏو ادارو به رهي چڪو آهي هن جا جيڪي ڊائريڪٽر هئا انهن کي ٻين ملڪن ۾ تربيتون ڏياريون ويو، ان کان پوءِ انهن تمام خوبصورت ڊرامه ڪيا آهن، انهن نه صرف پاڪستان ۾ پر پاڪستان کان ٻاهر پڻ وڏو نالو ڪمايو خاص ڪري هندستان جي فلمي اڪيڊمي جيڪا پونا ۾ هئي ان  ۾اداڪارن کي سکيا طور پاڪستان جا ڊرامه ڏيکاريا ويندا  هئا ته اداڪاري ڪيئن ڪجي ڊائريڪشن ڪيئن ڪجي اهي پونا جي ڊائريڪٽرن جو ڳالهيون آهن. ان کان پوءِ اسان جا تمام وڏا بهترين ڊائريڪٽ محمد نثار حسين جيڪو لانگ پلي ڪندو هو طويل دورانيا جو وڏو ڊائريڪٽر هو. ان کانپوءِ ياور حيات ، شهزاد خليل، شعيب منصور، سيد محسن علي ۽ قاسم جلالي اهي سڀ اسان جا وڏا ڊائريڪٽر هئا ۽ اسان انهن کان تربيت حاصل ڪئي انڪري اسان به پنهنجي حال سارو سٺا ڊرامه ڪيا خاص ڪري سنڌي ۾ جيڪي اڄ تائين يادگار آهن.

س: ڇا پرائيويٽ چينل اچڻ کانپوءِ پي ٽي وي جي ڏسندڙن ۾ گھٽتائي آئي آهي؟
ج: جي بلڪل گھٽتائي آئي آهي ڇاڪاڻ ته پي ٽي وي هڪ قومي ادارو آهي ان جي پنهنجي سرڪاري پاليسي آهي ڇا ڪرڻ گھرجي ڇا نه ڪرڻ گھرجي، جڏهن ته پرائيوٽ ادارا جيڪي آهن اهي ان پاليسي ته عمل نه ٿا ڪن اهي هر قسم جون شيون ڏيکاريندا آهن، اهي پنهنجي مالڪ جي مرضي تي ٿا هلن. چينل جا مالڪ جيڪڏهن پاڻ بهادر آهن ته اهي هر قسم جون شيون جيڪي هو هلائڻ چاهين عشق محبت جون هجن يا جيڪو به ڪجهه پرائويٽ چينل  ذريعي  ڏيکاري سگھن ٿا انهن کي آزادي آهي. پي ٽي وي ۾ اڄ به اها ناهي، پي ٽي جو پروڊيوسر يا ڊائريڪٽر جڏهن سوچين ٿا ته انهن کي هزارين پابندين کي منهن ڏيڻو پوندو آهي ان پابندين جي باوجود به هو پنهنجن ڊرامن کي مٿي ڪري رهيا آهن جو اڄ به دنيا ۾ انهن جو نالو آهي ڪڏهن اهو دور هو ته ٽي وي تي ڪا سيرل هلندي هئي ته ماڻهو مارڪيٽون بند ڪري ان کي ڏسندا هئا اهو سڄو دور پي ٽي وي سان هو هاڻي اوهان وٽ وڏا چينل آهن. جنهن ۾ ڊرامن جي ڪروڙين روپين جي بجيٽ آهي پر توهان جو مارڪيٽون هيئنر بند نه ٿيو ٿين ڇو جو اداڪاري يا ڊائريڪشن جو معيار اهو ناهي  جيڪو پي ٽي وي جو هو.

س: نوجوان نسل ۾ ڀارت جي ڊرامن ۽ فلمن جو شوق تمام گھڻي حد تائين پيدا ٿي ويو آهي، ڇا سماج تي هنن جي ثقافت جا منفي اثر پئجي سگھن ٿا؟
ج: اهو اسان تي هندوستاني ثقافت جو حملو آهي ۽ اهو ٿيندو رهيو آهي ۽ اسان جا نوجوان واقعي متاثر ٿين پيا اهو  جيڪو ٽين ايج يا ارلي ٽوئنٽي ۾ جيڪي نوجوان آهن انهن نوجوانن ۾ ڇوڪرا هجن توڙي ڇوڪريون هجن انهن کي اهي انڊيا جون شيون  متاثر ڪن ٿيون. هاڻي "بي بي تيري چٽيان ڪلائيان" آهي اهو پاڪستاني چينل طرفان ته ڪون ٿو ٿي سگهي ۽ نه ڪو ٻيو چينل اهڙو ڪرڻ جو سوچيندو به. انڊيا مان ڊائريڪٽ اهي شيون اچن ٿيو ۽ ماڻهو ڏسن ٿا حيرت ان تي آهي ته اڄ اسان جي شادين جي موقعن تي اهي انڊين گانا هلن ٿا جن ۾ "عشق ڪمينا" يا "چولي ڪي پيڇي ڪيا هي" پڻ شامل آهن. اسان پي ٽي وي ذريعي اهي شيون عوام کي نٿا ڏيکاريون توهان پنهجن پرائيويٽ طريقن سان اهي سڀ شيون گھرن ۾ فيملين کي به ڏيکاريو ٿا ان ڪري اها ٻي پاليسي آهي. ڪجهه ماڻهن فلمن جي آزادي ۽ ڊرامن تي پابندي هڻڻ جي ڳالهه گورنمينٽ جي سامهون رکي ته گورنمينٽ جو اهو موقف آيو ته ٽي وي تي فيملي چينل به آهن ۽ فلمن کي ماڻهو پاڻ شوق سان ڏسڻ چاهين ٿا. ان ۾ اها شئي جيڪي توهان ڏسڻ لاءِ ويا اها توهان ڏسي سگهو پيا پر ٽي وي گھر گھر موجود آهي هن ۾ اهڙو ڪجهه نه ڏيکاريو ويندو آهي ڇاڪاڻ ته گھر ۾ ويٺي ڏسندڙن کي اهو ناهي خبر اڳيان ڇا ايندو تڏهن ڊرامن ۾ آزادي نه ٿا ڏئي سگهون.



س:  سنڌي ادب ۾ اوهان جي نظر ۾ سٺا ليکڪ ڪهڙا آهن؟
ج: سڀني سٺو ڪم ڪيو آهي ۽ ڪن پيا پر ڪجهه خاص لکيڪ  آهن جن تمام بهترين ڪم ڪيو آهي جيئن جمال ابڙو صاحب جيڪو منهنجو روحاني استاد پڻ آهي، آغا سليم جيڪو ڪمال جو افسانا نگار ۽ نثر نگار هو ان کانپوءِ سائين امر جليل آهي، نسيم کرل هو، ميڊم مهتاب جا افسانه، ميڊم خيرالنساءِ جعفري جنهنجا افسانا توهان پڙهندئو ته توهان کي خبر پوندي ته اهي ڪمال جا ليکڪ هئا.

س: نوجوانن کي ڪهڙو پيغام ڏيندا؟

ج: عام پيغام آهي پڙهو گھڻو پڙهندئو ته ذهن کلندئو انگريزي ادب پڙهو اردو ادب پڙهو سنڌي ادب پڙهو پر پڙهو ۽ ان کي پروڙيو ۽ پنهنجي وڪيبلري جيڪا آهي اُها وسيح ڪيو لفظ پنهنجي ذهن ۾ تمام گهڻا شامل ڪيو انهن جي معنيٰ اوهان کي اچڻ گھرجي ٻي ڳالهه ته پنهنجو ذهن کليل رکو ڪٿي به وڃو مشاهدو ڪيو ڪاريگر وٽ ويندئو ته ڏسو ڪم ڪيئن ٿو ڪري محنت ڪش وٽ ويندا ته ڏسو محنت ڪيئن ٿو ڪري پنهنجي دل ۾ جنون پيدا ڪيو ۽ 
سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو. 

Interview with Badal Jamali by Subhan Jamali - April 2016 
Practical work was  conducted under guidance of Sir Sohail Sangi 

Interview Zaib Sindh زيب سنڌي

 Content is ok. Mind it No extra space at question and answers
I corrected  initial 2 questions
Spelling and punctuation marks mistakes. Do not put numbers  on questions
Para after every question's answer
 Brief introduction of personality is must
سنڌ جي اديب ڊرامه نگار، 
ڪالم نگار، پبلشر، شاعر گھڻ رخي شخصيت زيب سنڌي سان ڳالھه ٻولھه 

انٽرويو ڪندڙ؛- قرت العين سومرو

سوال : توھان ادب جي ڪھڙين صنفن تي لکيو آھي ؟ توھان لکڻ جي شروعات
 ڪڏھن ڪئي؟
جواب: مون لکڻ جي ابتدا اسڪول ايج ۾ ڪئي، ستين يا اٺين ڪلاس کان ، مون ٻه ٽي سال اخبارن ۾ ٻارن جا ادبي صفحا ۽ ٻارن جي ادبي ميگزينس ۾ پنھنجي اصلي نالي محمد خان شيخ سان لکيو ٿوري عرصي بعد 1974 ۾ جڏھن آءُ سترھن سالن جو ٿيس زيب سنڌيءَ جي ناکي سان ھڪ افسانو لکيو، جنھن کي شارٽ اسٽوري به چيو وڃي ٿو جيڪا ھڪ ڊائجسٽ اٺن صفحن تي ڇپي، اڄ تائين ان ئي نالي سان لکان پيو ۽ سڏجان پيو مون شروعات ته ٻاراڻي ادب کان ڪئي پر ڪھاڻي، شاعري ، ٽيليوين جا ڊرامه ۽ نثر جون مختلف صنفون لکندو رھيو آھيان.

سوال: پڙھندڙن توھان ڪھڙي صنف کي پزيرائي ڏني؟
جواب: مان سمجھانٿو ته مان اھو خوش نصيب ليکڪ آھيان جنھن کي ھر صنف ۾ پڙھندڙن پسند ڪيو آھي، ۽ منھنجي لکيل ڪھاڻين کي به تمام گھڻو پسند ڪيو ويو اھي ، وڏي خوش قسمتيءَ جي ڳالھ آھي ته مان جيڪا ڪھاڻي لکندو آھيان ته خبر پوندي آھي ته ان ڪھاڻيءَ جو ڪٿي نه ڪٿي اردو ۾ ترجمو ڪيو ويندو اھي، منھنجون ڪي ڪھاڻيون ھندي ۽ پنجابي ۾ به ٽرانسليٽ ٿي چڪيون آھين، مون ناول فقت ھڪڙو لکيوآھي سيتا زينب جي نالي سان جنھن سال 2011 ۾ سنڌي ادبي سگنت پاران بيسٽ ناول جو ايوارڊ مليو نه فقت اھو پر لاھور  جي ھڪ رسالي ۾ پڻ ان ناول کي اردو ۾ ترجمو ڪري ڇاپيو ويو.۽ اھو ئي ناول لاھور جي ڪلاسڪ پبلشر جي طرفان به شايع ٿيو. نه فقت ڪھاڻي پر ناول تي به مونکي پذيرائي ملي. ڊرامن ۾ به مونکي پي ٽي وي تي سٺي پزيرائي ملي ، بنيادي طور تي آءُ فنڪشن رائيٽر آھيان،  فنڪشن ۾ ڊرامه به آھي، ڪھاڻي به آھي، ناول به اھي .فڪشن جي ٽنھين صنفن ۾ مون پڙھنڙن کان سٺي موٽ ملي آھي .

سوال توھان کي لکڻ تي ڪھڙي شيءَ اتساھُ ڏنو ؟
جواب منھنجو پنھنجو خيال آھي ته ڪنھن به رائيٽر يا فنڪار ۾ ھڪ پيدائشي طور تي اندر ۾ ڪجھ ھوندو آھي ، جنھن کان ھُو پاڻ واقف نه ھوندو آ پر ان جي اند ۾ ھڪ بيچيني ھوندي آھي ، مان جڏھن پنھنجي سانڀر ۾ سوچيندو آھيان ته پنھجن سالن جي عمر جون يادگيريون به آھن ، مون کي تڏھن ھڪ بيچيني ٿيندي ھئي پر خبر نه ھئي ته اھو ڇا آھي ، مون جڏھن اسڪول جي عمر م ھڪ ڪھاڻي لکي ته منھنجي اندر جي آنڌ مانڌ تي ڇنڊو پوڻ محسوس ٿيو منھنجي ان ننڍڙي ڪھاڻي جي لکڻ سان مون کي ڏاڍو سڪون مليو پر اھا بيچيني اڄ تائين ختم نه آھي ٿي ، مان سمجھان ٿو ته اھا بيچيني ئي آھي جيڪا ھڪ ليکڪ کان ڪجھه نه ڪجھه لکرائيندي رھي ٿي، جڏھن مون  پھريون ڀيرو ڪجھه لکيو ته مونکي احساس ٿيو ته مان ڪجھه لکي سگھان ٿو ۽ مونکي ڪجھه چڻو آھي ، اڄ به مونکي ائين لڳندو اھي ته مونکي اڃا ڪجھه چوڻو آھي ۽ اھا ئي بي چيني آھي جيڪا مونکان مسلسل لکرائيندي رھي ٿي.

سوال؛- توھان ڪالم نگار به آھيو توھان جي ڪالمن جو موضوع گھڻو ڪري سياسي رھيوآھي يا سماجي ؟
جواب ھا مون ڪالم به لکيا، ھن ئي سال منھنجي لکيل ڪالمن جو ڪتاب ”سنڌ جي ڳالھه‟ ڇپيو اھي ، 2010 کان 2011 تائين ڊيلي ڪاوش ۾ ڪالم لکيا ، ان کان پوءِ ريگولر ڪالم نٿو لکي سگھان ڇو ته مونکي ڪجھه ٻيون مسروفيتون به آھين، پر وقفي وقفي سان ھاڻي به لکندو آھيان ، جيتري تائين موضوع جي ڳالھه آھي ته آءُ سياسي تجزيه نگار ڪون اھيان، سياسي لکڻيون ڪون لکيون آھين ، ٿي سگھي ٿو ته منھنجي ڪالمن ۾ سياسي ٽچ آيو ھجي ڇو ته سياست به اسان جي سماج جو حصو آھي ، سياست کي سماج کان ڌار نٿا ڪري سگھون، جنرلي مون علمي، ادبي ۽ سماجي موضوعن تي لکيو اھي ، جيئن ته نياڻن جا مسئلا، عورتن ڏکن ۽ تڪليفن جا موضوع ، مجموعي طور تي جيڪو منھنجي ڪالمن جو تاثر نڪري ٿو اھو اسانجي سنڌي سماج جو موضوع اھي، مون جيڪي لڳاتار ڪالم لکيا انھن جو عنوان دل جي ڳالھ ھو .

(5)سوال؛- توھا جي ڪھڙي ڊرامه کي وڌيڪ شھرت ملي ئ
جواب جڏھن پي ٽي وي تي ھفته ۾ ھڪ سنڌي ڊرامون ھلندو ھو جنھن جو جٽاءُ 25 منٽ ھوندو ھو تڏھن 1986 ۾ مون پنھنجي ھڪ ڪھاڻي کي ڊرامه ٽائيز ڪيو جنھن جو نالو ” وڃايل ٻار‟ ھو جيڪو منھنجو ٽليوين جو پھريون ڊرامه ھو، ساڳي وقت مون پي ٽي وي لاءِ ڪجھه سيريل پڻ لکيا ڪيترائي ڊرامه لکيا پر ھڪڙو ڊرامه جيڪو مون پھريون اردو سيريل لکيو جينھن جو نالو ”جانشين‟ ھو. ان تي مون تمام گھڻي شھرت ملي .اھو ڊرامه  1999 ۾ ٽيلي ڪاسٽ ٿيو، ان کان اڳ ڪنھن به ڊرامه ايترو بزنس ڪيو ھو ، ان ڊرامه رڪارڊ ٽوڙ بزنس ڪيو ، ان کان پوءِ منھنجو ھڪ اردو سيريل گھڻو مقبول ٿيو جنھن جو نالو ”انجاني راستي‟ ھو م، مون ڪجھ ٽيلي فلمس به لکيو پر ھڪ ٽيلي فلم جيڪا سنڌي ناول سيتا زينب تي بيس ڪري ٿي اي آر واءِ تي ساڳي نالي سان ٽيلي ڪاسٽ ٿي ، مون کي انھن سيريلس ۽ ٽيلي فلمس تي تمام گھڻو ريسپانس مليو خاص طور تي ”جانسِن ‟ کان پوءِ ماڻھن مون کي گھڻو پسند ڪيو. جيڪو ڪجھ لکيم پئي ان کي ڌيان سان ڏٺو ويو .

(6)سوال توھان پي ٽي وي تي سنڌي ڊرامه جو معيار ڪين ٿا ڏسو؟
جواب مان سمجھان ٿو ته جي ڪو مون سان اختلاف راءِ رکي ته ان کي حق آھي ، پر سنڌي ڊرامه جو جيڪو سفر آھي ان عروج بجاءِ پوئتي موٽ کاڌي آھي ، پوءِ ڀلي اسان جا پرائيويٽ چينل ھجن يا اسان جو مڌر چينل پي ٽي وي ڇو نه ھجي جتان سنڌي ڊرامه جي ابتدا ٿي .سنڌي ٽيلي ڊرامه جي شروعات به پي ٽي وي کان ٿي ، زينت جيڪو مرزا قليچ بيگ جو ناول ھو ان کي شمشيرالحيدري ڊرامه ٽائيز ڪيو چئن قستن ۾ ، ان چئن قستن واري ڊرامه کان پوءِ پي ٽي وي تي سنڌي ڊرامه جي شروعات ٿي ۽ پوءِ سنڌي ڊرامه عروج ڏانھن ھلندو ويو ، ان جو نتيجو اھو ٿيو جو سنڌي ڊرامن کي انٽرنيشنل ايوارڊ پڻ مليا ، خود اردو پروڊوير سنڌي ڊرامن کان متاثر ٿيندا ھئا، اھو ئي سبب آھي جو ڪيترائي سنڌي ڊرامه وري اردو ۾ ترجمو ٿيا، عبدالقادر جوڻيجو جي ”راڻيءَ جي ڪھاڻي‟ منھنجو ھڪ سولو پلي ۽ ڪيتران ئي ليکڪن جا ڊرامه وري اردو ۾ ٽرانسليٽ ٿيا، مطلب ته سنڌي ڊرامه جي ھڪ ڌاڪ ھئي ، تمام مھڻتي پروڊيوسر ھئا ، اسڪرپٽ جي ھڪ ھڪ لائين تي تمام گھڻي محنت ٿيندي ھئي ، ريھرسل ٿيندي ھئي آرٽسٽ محنت ڪندا ھئا ،تڏھن ته سنڌي ٻين ٻولين کي متاثر ڪري انٽر نيشنل ايوارڊ کنيا، اھو ڊرامه ھاڻي مون کي نظر نٿو اچي ، نه صرف پي ٽي وي تي ، پر ٻين چينلس تي به سنڌي ڊرامه جو اھو معيار نظر ڪون ٿو اچي.

(7)سوال؛- توھان جي ڇپل ڪتابن جو تعداد ڪيترو اھي ءٌ ڪھڙن موضوعن تي لکيوآھي؟
جواب مجموعي طور تي منھنجن ڪتابن جو تعداد ارڙھن آھي ، جنھن ۾ ڪھاڻين جا ڪتاب آھن ، ناول ، ڪالم ، ۽ نثر جي مختلف صنفن تي ڪتاب آھي ”توکي مون ساريو‟ جي نالي سان ،  ان کان سواءِ مون ڪجھ ڪتاب ترجمو پڻ ڪيا آھن، جيڪي ڏاڍا مقبول ٿيا ، جنھن ليليٰ خالد جي آتم ڪٿا ، چنگيز ماتوف جو ناول ڏرتي ماءُ جي نالي سان شامل آھن، ھڪڙو موضوع آھي جيڪو مونکي ھيميشه اپيل ڪندو رھيو پر ان موضوع تي ڪوبه ڪتاب سنڌي ۾ ڪون ڇپيو ، سواءِ منھنجي لکيل ڪتاب ”جپسي يورپ جا خانه بدوش سنڌي‟ جيتوڻيڪ ان موضوع جو تعلق سنڌ جي تاريخ ۽ نٿراپولاجي سان تمام گھرو آھي، ڪجھه ريسچر آرٽيڪ لکيا اھن ،پر بنادي طور تي ريسرچ اسڪالر نه آھيان، تنھن ڪري ڪوشش ڪئي ته سنڌي ۾ جيڪو ڪجھ ڇپيو آھي ، ان کي سرچ ڪيان ۽ پوءِ مون کي تقريبَ ٻارھان آرٽيڪل مليا سنڌي ادب جي تاريخ ۾ 40، 50 سال پراڻا ، ۽ ڪجھ منھن جا دوست جيڪي جپسين سان مليا ھئا ، مون انھن کي عرض ڪيو ته مونکي لکي ڏيو ته جپسين کي اوھان ڪيئن ڏٺو ، دوستن منھنجي مدد ڪئي ۽ اھو ڪتاب تازو ئي بازار ۾ آيو آھي، اھي موضوع منھنجي لکڻي ۾ شامل رھيا اھن، مون شاعري به ڪئي آھي جڏھن ته مان بنيادي طور تي شاعر ڪون آھيان پر جيڪي سٽون لکيون آھين انھن کي سھيڙيان پيو جلدي ڪتاب جي صورت ۾ شايع ٿيندو.

(8)سوال؛- اڄ جيڪو سنڌي ادب لکجي ٿو ان مان توھان ڪيترو مطمئن آھيو؟
جواب؛- شاعري ۾ مان تمام مطمئن آھيان پر نثر ۾% 100 مطمئن نه آھيان، پوءِ به مونکي ڪڏھن ڪڏھن ڪاڪا اھڙي ڪھاڻي نظر ايندي آھي جنھن مان لڳندو اھي ته سنڌي ڪھاڻيءَ جو مستقبل روشن آھي ، ناول جي سفر به جيڪو بنھه سست ٿي چڪو ھو سو وري شروع ٿي چڪو اھي ، ته مان مجموعي طور تي سنڌي ادب جي ھرپھلو کان پراميد آھيان.
(9)سوال؛- توھان سنڌي ٻولي کي ھن وقت ڪٿي ٿا  ڏسو ، سنڌي ٻولي جي بقا کي خطرو ته ڪون آھي؟
جواب خطرھ ته پنھنجي جاءِ تي رھن ٿا ، نه فقت سنڌي ٻوليءَ کي پر دنيا جون ڪيتريون ئي اھڙيون ٻوليون آھن جن کي خطرھ لاحق آھن ، پر سنڌي ٻولي سروائيو ڪندي رھي آ ء۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ اھي خوبيون مونود اھين جيڪي ٻولي کي بچائڻ ۾ مدد ڏينديون اھن ، اردو کي پنھنجي الفابيٽ آھي ، ان کان الاوھ پاڪستان جون جيڪي اصلوڪيون ٻوليون آھن انھن مان واحد سنڌي ٻولي آھي جنھن کي پنھنجي الفابيٽ آھي ، جنھن ۾ پرائمري کان وٺي پي ايچ ڊي تائين پڙھايو وڃي ٿو ، ھاڻي ته سنڌي ٻولي انٽر نيٽ تي به موجود اھي ، ۽ سنڌي ٻولي کي ٽرانسليٽ ڪرڻ جو سافٽوير به اچي چڪو اھي ، جنھن ۾ ڪجھ ئي وقت ۾ ڪنھن به ٻوليءَ کي سنڌي ۾ ترجو ڪري سگھجي ٿو ، سنڌي ٻوليءَ جي گوگل تي نئي شروعات اھي جنھن کي پراپر ٺاھڻ ۾ اڃا وقت لڳندو، پر جڏھن ڪا به ٻولي ان حد تائين ترقي ڪري ته مان نه ٿو سمجھان ته ان ٻولي کي ڪو خطرو ٿيندو، ساڳي ئي وقت سرڪاري طور تي نساب منظور ٿيل آھي سرڪاري ادارا ھجن يا پرائيويٽ ، سنڌي لازمي پڙھائڻي آھي،  پر اڪثر پرائيويٽ ادارا ان قائدي قانون ھجڻ جي باوجود سنڌي نه ٿا پڙھائن ته حڪومت کي ايڪشن وٺڻ گھرجي ان قانون تي انھن کي عمل ڪرائڻ لاءِ.

(10) سوال؛- سنڌ کي ڪھڙا سياسي سماجي مسئلا درپيش آھن ،ان ۾ اديب جو ڪھڙو ڪردار ٿي سگھي ٿو؟
جواب سياسي ۽ سماجي مسئلا سنڌ سان شروع کان لاڳاپيل اھن ، پاڪستاني ٺھڻ کان اڳ نه پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ نه ڪي سياسي مسئلا اڄ تائي حل ٿي سگھيا اھننه ئي سماجي مسئلن ڪا گھڻي بھتري حاصل ڪري سگھيا اھيون ، ڪجھ بھتري اھي اھا تعليم جي وڌڻ جي ڪري نه ته مجموعي طور تي اسان جا سياسي مسئلا جيئن جو تيئن آھين ،سياسي سطع تي جيڪي نا انصافيون موجود اھن انھن جو سماج تي منفي اثر پوي ٿو ۽ سماجي سطع تي اسان اڃا به وڌيڪ پوئتي آھيون ، توھان ڏسو ته شھر ۾ پر اڃاوڌيڪ ٻھراڙين ۽ ڳوٺن عورتن سان ڇا پيو ٿئي ، اڃا طلم ۽ ڏاٺ تان ھٿ نه کڻي سگھيا آھيون ، ڪارو ڪاريءَ جو مسئلو ، جرگا سسٽم ۽ ڏوھ ڏنٺ ۾ نياڻين جي ڏيڻ جو سلسلو اڃا تائي شروع اھي ، سماجي برايون اسان وٽ موجود آھن اديب انھن ۾ ھڪ ٺو ڪرادر ادا ڪري ٿو ۽ ڪندو آيو آھي ، ڇو ته ادب ۽ شاعري جو اثر سڌو سئون سماج تي پئي ٿو، شاعري اسان وٽ ماضي حال ۽ متقبل ۾ روشن آھي اھو جوش ۽ ولولو ادب جون ٻيون صنفون ڪھاڻي ۽ ڪالم م به سماجي شعور ملي ٿو ، اڄ جي صحافي ۾ به اڳ کان وڌيڪ شعور ملي ٿو پر سڀ کان وڌيڪ ضرورت جيڪا اھي اھا تعليم جي جيڪا انھن براين کي جڙ کان ختم ڪري سگھي ٿي .
(11) سوال ؛- سنڌ ۾ جيڪا تعليمي صورتِحال آھي ان جو ذميوار ڪنھن کي ٿا سمجھو؟ ۽ ان جي بھتري لاءِ ڪھڙين ڳالھين تي تحوجه ڏيڻ جي ضرورت آھي؟
جواب مان سمجھان ٿو ته سنڌ ۾ جيڪو تعليمي زوال آيو آ ، ان جو ڪو ھڪ ذميوار ڪونھي ، ان شاگرد ، والدين ۽ استاد برابر جا قصور وار آھن، ايڊمنسٽريشن ۾ ھيٺ کان مٿي تائين خاميون موجود آھن جن جي ڪري اسان جو تعليم نظام ڪوليپس ٿي ويو اھي ، نه ته ماضي ۾ توھان ڏسندا ته سرڪاري اسڪولن مان پڙھيل ماڻھو پرائيويٽ ادارن مان پڙھيل نوجوانن کان ڪيترو ذھين رھيا آھن ، ان جو مطلب ته ان وقت جو استاد ذميوار ھو ،اھي شاگرد کي پنھنجن ٻچن وانگي سمجھندا ھئا ۽انھن کي ڦل ٽامي ڏيندا ھئا ، ۽ شاگرد به استادن کان سکڻ جي شوق ۾ باادب ھوندا ھئا ، ۽والدين ه پنھنجي ٻارن کي جاچيندا رھندا ھئا ،ان ڪري اسان جي تعلي جو بھتر نظام ھو، شاگرد ، استاد، والدين ۽ ايڊمنسٽريشن اڄ جي ذميواريءَ جو مظاھرو ڪن ته اڄ به تعليمي نظام بھتر ٿي سگھي ٿو .
(12) سوال؛- توھان پبلشر به رھي چڪا آھيو ، توھا اھو سفر ڪيئن رھيو؟
جواب مون 1982 ۾ پبلشر جي حيثيت سان پنھنجي پروفيشنل لائيف جي شروعات ڪئي ، 1982 ۾ مون پھريون ڪتاب ڃورايو ذولفقار راشديءَ جو ”سوچ کي لوچ‟ جيڪو شاعريءَ جو ڪتاب ھو ان کان پوءِ ٽي سال لاڳيتو 1985 تائين مون ڪتاب ڇپرايا ان دور ۾ مان نئون ھوس پر مون معياري ڪتاب ڇپرائڻ جو اعزاز به مليو، مون کي ان ڪم ۾ ذاتي دلچسپي ھئي منھنجو دل چوندو ھو ته ڪتاب سٺو ۽ سھڻو ھجي، اگر ان دور جو ڪتاب کڻي ڏسندا ته ٻين ادارن ۽ سڳنڌ پبليڪشن ۾ واصع فرق نظر ايندو، بائينڊنگ کان وٺي ٽائيٽل تائين نفاست نظر ايندي ، ٻيو جيڪو مونکي ايڊوانٽيج مليو ته پاڻ لکندو ھوس ۽ ادبي حلڪن ۾ اٿندو ويھندو ھوس، ته سينير رائيٽرس مون کي سڃاڻيدا ھئا ان ڪري ٻئي ڪنھن کا ڇپائڻ بجاءِ مون ترجيع ڏيندا ھئا، اھو ئي سبب آھي جو شيخ اياز ۽ امر جليل جا ڪتاب مون ڇپيا ، جنھن جي ڪري ٻين ليکڪن جو ڌيان به ڇڪيو، 1985 کان پوءِ اھو سلسلو ٿورو ھٽجي ويو ، مون ڪوشش ڪيئ ته ان سلسلي کا جاري رکان پر وقت ساٿ نه ڏنو، ان کان پوءِ به مون وقفي وقفي سان ڪتاب ڇپيا پر ھاڻي ھڙو ڪوئي به سلسلو ڪون اھي ،اھو 25 سال اڳ بند ٿي چڪو اھي .
(13) سوال: توھان پنھنجي پڙھندڙن لاءِ ڪھڙو پيغام ڏيڻ چاھيندو؟
جواب: پيغام وڏا ماڻھو ڏيندا اھن ، مان ننڍڙو ماڻھوآھيان ، مونکي ڪابه خوش فھمي نه آھي ته مان ڪو 40 سال لکي احسان ڪيو آھي ، بس لکڻو آھي ٻار پڙھيا اٿم ھڪ فرد جي حصثيت سان پيغام نه پر گذارش ڪيان ٿو سنڌ جي سڀني ماڻھن کي ته پنھنجي اولد پڙھايو ۽ انھن تي تحوجه سنڌ لاءِ سوچيو ،  جڏھن ته ان جون پاڙون وري به تعليم مان ڦٽي نڪرن ٿيون اڄ جو معصوم ٻار سنڌ جو ايندڙ مستقبل آھي نه فقت ان جي تعليم تي ڌيان ڏيو پر ان جي تربيت تي به ڌيان ڏيو ته جيئن سنڌ جو مسقبل روشن ٿئي .

Interview with Zeb  Sindhi 
Practical work was carried under supervision of Sir Sohail Sangi, Department of Media and Communication Studies, University of Sindh 

Interview with Rahmat Ali Shaikh Advocate

Some thing wrong with ur composing format. .see spacing.
Spelling mistakes
No photo.
Do not use English word.
 detailed comments later.

نام : امرا شیخ
کلاس : BS-II
رول نمبر : 2K15/MC/34
رحمت علی شیخ وکیل سے انٹرویو
تعا رف 
رحمت علی شیخ نے 1974ء میں کالج اور 1982ء میں ایل ۔ایل۔بی جناح لاءکالج سے کیا تھا۔ ان کو لاء سے وابستہ تقریباً چالیس سال ہوگئے ہیں ۔انہوں نے اپنی سروس میں سول کیس کو زیادہ ترجیح دی۔  

سوال :مقدمہ بازی کیوں ہوتی ہے ؟ اسکو کس طرح سے کم کیا جاسکتا ہے ؟ دوسرے ممالک کی مثالیں۔
جواب :مقدمہ بازی دو فریقین کے مابین تنازعے کو حل کرانے اور ان کے درمیان کوئی نہ انصافی نہ ہوں ملک میں قانون کی حکمرانی rule of lawکا نفاذ کیا جائے تو ہی یہ ممکن ہوسکتا ہے۔

سوال : سول مقدمہ جات دیر سے کیوں نمٹائے جاتے ہیں؟
 جواب : سول مقدمہ جات دیر سے نمٹائے جانے کی سب سے بنیادی وجہ ان مقدمات میں دوڈگریوں کا حصول ہے ۔ پہلی ڈگری عدالتی فیصلہ ہوتی ہے جس کے مطابق کوئی بھی ایک فرد مقدمے میں کامیاب قرار دیا جاتا ہے پھر مذید عمل شروع ہوتے ہیں جس میں اسی عدالت سے ایک اور ڈگری کے اجزاء کی درخواست دی جاتی ہے اور وہی سے مذیر عدالتی کاروائی دہرائی جاتی ہے جو پہلی والی ڈگری کے اجزاء کے وقت ہوتی تھی لیکن اس ڈگری کا تعلق پہلے والی ڈگری پر عمل درآمد ہوتے ہیں۔

سوال : ہمارے ملک میں انصاف حاصل کرنا اتنا مہنگا کیوں ہے؟
 جواب : 1973ءکے آئین کے شک (37)(د)کے مطابق سستے اور سہل حصول انصاف کو یقینی بنایا جائے لیکن بد قسمتی سے حقیقت کچھ اور بیان کرتی ہے ۔یہ ہر ریاست کی ذمہ داری ہوتی ہے کہ ملک کی معیشت کے شعبے کو اتنا پروان چڑھائے کہ غربت کی لکیر کا حصول بھی نہ رہے اور معاشرے کا ہر فرد ایسی زندگی بسر کرے جس میں اُسے تمام بنیادی ضروریات تک رسائی با آسانی ہو۔ ان ضروریات میں انصاف بھی اہم ترین ضرورت ہے۔ ہمارے معاشرے میں انصاف مہنگا تصور کیا جاتا ہے۔ کیونکہ وکلاءحضرات کی فیس اتنی زیادہ ہوتی ہے کہ خط غربت کے نیچے زندگی بسر کرنے والے فرد کے لئے انصاف صرف نام تک محدود ہے۔ لیکن عمل اورحقیقی طور پر انصاف کی فراہمی نا ممکن نظر آتی ہے۔


سوال : Public Interest Litigationکیوں نہیں ہے اسکو کس طرح سے بڑھایا جائے؟
 جواب : Public Interest Litigation یعنی وہ مقدمات جن میں مجموعی طور پر معاشرے کے حقوق شامل ہوں۔ ہمارے ملک میں Public Interest Litigationکی مقدار بہت کم ہے ۔ یا اس طرح کہہ لیجئے کہ اس کی بنیادی وجہ لوگوںکا اپنے حقوق کی تعلیم کی کمی اور جدید تحقیق سے آگاہی کی بھی کمی ہے ۔پاکستان کی اعلیٰ عدلیہ سب سے مشہور فیصلہ شیلاءرضا مقدمہ کی صورت میں آیا۔ وہ بھی Public Interest Litigation جس میں اس نقطہ پر بھی نظر ڈالی گئی ہے کہ ایسے مقدمات کی کمی کی وجہ عملی ، جدید اور تحقیقی تعلیم کی کمی ہے ۔اسے بڑھانے کا طریقہ صرف بنیادی تعلیمی نظام کو مزید وسیع اور جامع کرنے میں ہیں ۔جن کی بار بار revisionسے ان میں شعور یا آگاہی کا مادہ صحیح کام کرنے لگ جاتا ہے ۔

Make this question  No 2
سوال : وکلاء کے بارے میں لوگوں کی کیا رائے ہوتی ہے؟
 جواب : وکلاء کے بارے میں لوگوں کی رائے یہ ہے کہ معاشرے کے عوام الناس کو انصاف مہیا کرانے میں کلیدی کردار ادا کرتے ہیں۔

Make this question  No 1.
سوال : معاشرے میں وکلاء کا کردار کیا ہے؟
 جواب : معاشرے میں وکلاء کا کردار صرف عدالت تک ہی محدود نہیں بلکہ ان کا کردار معاشی ،سیاسی اور معاشرتی لہٰذ سے بھی ہمارے معاشرے میں اپنا کردار با خوبی نبھائے نظر آتے ہیں۔

سوال : قانون کی حکمرانی کو عدالتوں میں کس نظر دیکھا جاتا ہے؟
 جواب : عدالتوں میں قانون کی حکمرانی کو بہت اہمیت کی نظر سے دیکھا جاتا ہے یہ تمام انصاف کا دارومدار ہوتا ہے اگر اس میں کوئی بھی کمی یا زیادتی ہوئی تو یقینی طور پر معاشرے کی ساخت پر اثر پڑے گا۔ جس کی وجہ ہر شخص اپنا اپنا انصاف قائم کرنے کاخطرہ بھی ہوتا ہے۔ اب بھی ہمارے معاشرے کہ کچھ حصوں میں پنچایت نظام ہونے کی وجہ سے نظام ہونے کی وجہ سے نظام معاشرے کی ساخت پر گہرے اثرات پڑرہے ہیں ۔ 

سوال : نظائر میں قانون کی کیا حیثیت ہے؟
 جواب : نظائر یعنی وہ فیصلہ جو اعلیٰ عدلیہ کسی مسئلہ میں کرتی ہے اور قانون میں ان کی اہمیت ایک پختہ قانون کی حیثیت ہوتی ہے کیونکہ ہر ذیلی عدالت اس بات کی پابند ہے کہ وہ اس اعلیٰ عدلیہ کے فیصلوں کو جو کسی مسئلے میں پہلے اس عدالت میں حل ہوچکا ہو اور اب یہی مسئلہ ذیلی عدالت میں دوبارہ درپیش ہو تو ذیلی عدالت اعلیٰ عدلیہ کے فیصلے کی پابند ہے۔ 

سوال : ایک ملک کو چلانے کے لئے قانون کس حد تک مدد کرتا ہے؟
جواب : یہ بات اظہر بن شمس ہے کہ کوئی بھی ملک کاتصور اس وقت تک ادھورا رہتا ہے جب تک اس ملک میں قانونی بالادستی کو بحال نہ کیا جائے اور ملک کے تمام سیاسی اور غیر سیاسی سرگرمیوں کا انبھار بھی قانون ہی ہوتا ہے اس کی پیمائش کرنا ممکن نہیں کیونکہ جس چیز کو ہم ملک چلانے میں مددگار سمجھ سکتے ہیں وہ تمام قانون کے زیر اثر ہوتی ہے ۔

سوال : کیا عدالتیں بنیادی حقوق کو محفوظ رکھتی ہیں؟
 جواب : جی ہاں! جہاں تک عدالتوں کی بات ہے تو عدالتیں بنیادی حقوق کو محفوظ رکھتی ہیں۔ مگر دوسری طرف ریاست کی مشینری اپنا کام صحیح نہ کرے تو یقینی طور پر سیاسی حقوق کی فراہمی ایک خوابیدہ خواب ہی رہ جاتا ہے۔

سوال : آنے والے قانون دان کو آپ کیا پیغام دینا چاہتے ہیں؟
جواب : ہمارے ملک میں قانون کی اہمیت وافادیت میں تو کوئی کمی نہیں ہے جتنے قوانین اب تک نہیں ہیں مکمل طور پر بہترین ثابت کرسکتے ہیں ۔لیکن بد قسمتی سے جب executive کی بات آتی ہے یا ان قوانین کی عمل درآمد کی بات آتی ہے تو یہ ادارہ باہمی تصویرہوتے ہیں مجھے یقین ہے کہ آنے والے قانون دان بھی اسی قانونی حُسن اور لگن کو برقرار رکھتے ہیں۔