Saturday 9 April 2016

Interview with Irshad Soomro


ارشاد سومرو هڪ بهتر ٽيچر هجڻ سان ڳڏ ھڪ سٺي ليکڪ پڻ آهي. ڪتاب لکڻ کان علاوه آرٽيڪل لکيڪ به آهي.  
سوال: (1)توهان اڄ جي دنيا ۾ توهان سنڌي ٻولي جي وجود کي ڪيئن ٿا ڏسو؟
هن وقت سنڌي ٻولي پوري دنيا ۾ ڳالهائي لکي ۽ پڙهي ٿي وڃي، هندستان ۾ سنڌي ٻولي کي قومي ٻوليءَ جو درجو حاصل آهي، ۽ گوگل ۾ به اچي وئي آهي 7 ترجمي جي مرحلن مان گذري پئي، پر ان جي مقابلي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي وجود کي اسان سنڌين مان ئي آهي، جو گھر ۾ مادري زبان ڳالهائڻ جي .بدران، ڌاريون ٻوليون زبان سان ڳالهائيندا آهن، جن ۾ اردو ۽ انگلش سرفهرست آهي

سوال (2) توهان جي راءِ ۾ ڇا سنڌي ٻولي کي معاشري ۾ ٻين ٻولين جيتري اهميت مليل آهي؟
منهنجي خيال ۾ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب شاهوڪار آهي، پر اسان جي معاشري ۾ سنڌي ادب کي به سنڌي ٻوليءَ وانگر اهميت نٿي ملي اسان جا سنڌي ماڻهون سنڌي ڪتابن کان وڌيڪ ٻين ٻولين جو ادب پڙهي فخر ٿامحسوس ڪن ۽ سنڌي ادب کي سنڌي سماج ۾ جيتري اهميت ملڻ گھرجي اوتري اهميت نٿي ملي.
سوال (3)  اڄ جي سنڌي معاشري جا مسئلا ڪهڙا آهن؟
هن وقت سنڌي معاشري ۾ سڀ کان وڌيڪ مسئلا، سٺي تعليم معاشري ۾ سڀ کان وڌيڪ مسئلا سٺي تعليم جو نه هجڻ، صحت جو نه هجڻ، جنهن جي ڪري ٿر۾ سون جي تعداد ۾ معصوم ٻارن جي موت جو ڪارڻ ٿيو، بي روزگاري جنهن جي ڪري نوجوان خودڪشيون پيا ڪن،  نوڪرين ۾ ڦرپا پروي ڪميشن بورڊ به ان کان ناهي بچيو.

سوال (4) پنهنجي ٽيچنگ ۽تعليم جي باري ڪجھ ٻڌايو؟
مون 2011ع ۾ بيڪن هائوس ۾ ٽيچنگ شروع ڪئي، اڄ به پرهايان پئي، تعليم M.Ed ۽ ايم فل آهي سنڌ يونيورسٽي مان ڪيان پئي.

سوال (5) اڄ ڪلهه اسڪولن ۾ ٻارن کي موٽيويشن ڇو نٿي ڪئي وڃي؟
پرائيويٽ اسڪولن ۾ ته ٻارن جي الاهي حوصلا افزائي ٿي پئي، هاڻي گورنمينٽ اسڪولن مان به ٻار اڳتي اچن پيا.

سوال (6) توهان ڪڏهن محسوس ڪيو ته توهان ليکڪ ٿيڻ ٿا چاهيو؟  .ڪڏهن به نه سوچيو هو ته آءُ ڪا ليکڪ ٿيندس، بس اتفاقي ٿي ويس
سوال(7)توهان کي ڪيترو وقت لگندو آهي هڪ ڪتاب لکڻ ۾ ؟    مون پهريون ڪتاب 2004ع کان لکڻ شروع ڪيو جيڪو 2010ع ۾ مڪمل ڪيو ۽ 2015ع ۾ پبلش ٿيو.
سوال (8) توهان جو ڪتاب ڇپڻ ۾ توهان کي ڪهڙيون مشڪلاتون پيش آيون؟
منهنجو پهريون ڪتاب شاعري جو آهي “گھڙي گھمن جي ڀاري آ” 2010ع ۾ هن جو سودو ڄام ساقي صاحب وٽ کڻي ويس ته هنن مسودو ڏي چيو ته هي ڪتاب اوهان جو ڪو به پبلزڊ پبلش نه ڪندو، 2015ع ۾ جڏهن سنڌراني وارن کي پبلش لاءِ ڏنو ته هنن به ائين چيو ته اوهان جو ڪتاب اسان جي پاليسيءَ جي خلاف آهي، اوهان هن مان مواد خارج ڪيو يا، نظرثاني ڪيو، پوءِ مون پنهنجي مجموعي مان ڪجھ  نظم خارج ڪيا ۽ ڪجھ نظمن جي نظرثاني ڪيم ۽ پوءِ اهڙي طرح هي ڪتاب 10 سيپٽمبر 2015ع تي مارڪيٽ ۾ اچي ويو.
سوال (9)توهان انهن شاگردن جي ڪهڙي اصلاح ڪرڻ چاهيندا جيڪي بهتر ليکڪ ٿيڻ چاهين؟
بلڪل به اصلاح ڪرڻ چاهيندس بهتر ليکڪ ٿيڻ لاءِ ٽن شين جي ضرورت هوندي، مطالعو، مشاهدو ۽ تجربو، جڏهن اهي شيون ملن ٿيون ته پوءِ ڪا تخليق سرجي ٿي.

سوال (10) توهان ڪڏهن کان ارٽيڪل لکو ۽ ڪهڙين ڪهڙين اخبارن ۾ ڇپيا آهن؟
مون 2012ع کان ارٽيڪل لکڻ شروع ڪ يا، پهريون ارٽيڪل بشير خان جي شهادت تي لکيو جيڪو 29 اپريل 2012ع تي عبرت اخبار ۾ پبلش ٿيو ان کان علاوه سوڀ، سنڌ ايڪسپريس ۾ ڇپجن پيا.
سوال (11) توهان جي آرٽيڪل جو موضوع ڪهڙو رهيو آهي؟

منهنجي آرتيڪلن جو موضوع گھڻو ڪري ته سنڌ سان ٿيل نا انصافين ئي هونديون ، معاشرتي مسئلن تي به لکيو آهي، جن ۾ موتا ڀيل وارو واقعيو، پڙهندڙن کان ڪافي موٽ ملندي آهي، جنهن ڏينهن ارٽيڪل ڇپيو آهي ته هڪ دم ايميل اچي ويندي آهي.سنڌي جي مسئلن تي لکيل ارٽيڪل پسند آيا، ۽ هنن انهن  کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ لاءِ چيو، هو پنهنجي ميگزين ۾ ڏيڻ پيا چاهين، پر ڪن سبب ڪري مون هنن کي ڏئي نه سگھيا اهو مون لاءِ اعزاز هو.                                                        
  سوال (12)  پنهنجي پڙهندڙن لاءِ معاشري لاءِ ڪو پيغام؟

پڙهندڙن لاءِ اهو پيگھام آهي، معاشري کي سنوارڻ لاءِ پنهنجي حصي جو  ڪم ايمانداري سان ڪيو ۽ ڪنهن کي اجائي تڪليف نه ڏيو.


 Interview with Irshad Soomro by Shaista Soomro 
Practical work was  conducted under guidance of Sir Sohail Sangi  

No comments:

Post a Comment