Monday 4 April 2016

روشن برهماڻي سان ڳالهه ٻولهه


send photo of the personality and also add introduction of the . 4-5 lines introduction is must. Do not put question numbers. , 
personality  
  DO not use English words.
. Make answer of questionNo 1 as introduction.  etc be avoided صاحب words like 
ڄامشوري جي سياسي، سماجي، ادبي، علميشخصيت روشن خيال رکندڙ روشن برهماڻي سان ڪيل ڳالهه ٻولهه:
انٽرويو وٺندڙ
زاهد حسين مگسي
سوال(1): پنهنجي زندگي جي باري ۾ ٻڌايو ته ڪٿان پڙهائي حاصل ڪئي ۽ پڙهائي جي دوران اوهان کي ڪهڙن مشڪل مرحلن مان گذرڻو پيو؟
جواب:ڪاڇي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ واهي پانڌي ۾ سن 1966ع ۾ پيدا ٿيس. بنيادي پرائمري تعليم به اتان ئي حاصل ڪئي. اتفاق سان حاجي خان ڳاهو برانچ جو هاءِ اسڪول بند ٿي ويو ۽ ان کان پوءِ مون کي تعليم ڇڏڻي پئي، شهر ۾ ڪو اهڙو واسطيدار ماڻهو نه هيو جو مان ان وٽ رهي تعليم جاري رکي سگهان. مون کي فخر آ جو مان هڪ هاري جو پُٽ آهيان، پڙهائي ڇڏڻ کانپوءِ حاجي غلام حسين نالي هڪ شخص آيو ۽ چيائين توهان جو ڇوڪرو ڪجهه پڙهيل آهي سو مون وٽ ڪم ڪرڻ لاءِ موڪليو ڇوڪري کي، بابا جي چوڻ تي مون 2 سال اتي ڪم ڪيو.
ان دوران 1983ع و ايم.آر.ڊي جو دور هو، ان دور ۾ عوامي تحريڪ جي طرفان دوستن تحريڪ هلائي جن ۾ نور نبي راهوجو، وفا برهماڻي ۽ دادو جا ڪجهه ٻيا دوست هئا، اتي منهنجي ڪچهري نورنبي سان ٿي ۽ هن منهنجي (Waiting) ڏٺي ۽ هنن مون کي پڙهڻ لاءِ همٿايو.
“هينئر اسان ٻارن کي پڙهڻ جي تياري جو چوندا آهيون ته شاگردن کي لائيٽ به کپي، بجلي به کپي ۽ الڳ ڪمرو به کپي، پڙهائي جو ماحول به هجي، 1986 واري زماني ۾ اسان جي ڳوٺ ۾ بجلي جو نظام نه هيو ۽ اسان چمني/لالٽين تي ويهي پڙهندا هئاسين.
ڏينهن رات جي اڻٿڪ محنت کانپوءِ نائين ۽ ڏهين جو امتحان پائليٽ هاءِ اسڪول دادو جي شهر مان پاس ڪيو. مئٽرڪ جي امتحان کانپوءِ پاڻ ۾ اعتماد پيدا ٿيو ته مان پڙهي سگهان ٿو.
·       فرسٽ ايئر کانپوءِ مان پهريو دفعو سجاڳ ٻار تحريڪ ۾ شموليت اختيار ڪئي. ان سان اهو ٿيو ته دوستن جي مدد سان اسان هڪ لائبريري قائم ڪئي ۽ ان دور ۾ مون ڪافي ڪتاب پڙهيا جن ۾ “مان”، “ناول”، “پهاڙو ڪي بيٽي” ۽ پليو صاحب جا لکيل ڪتاب، علمي، ادبي ڪتاب، روسي ناول خاص ڪري “نوجوانو ڪا گيت” نجم عباسي سان گڏ شيخ اياز جهڙا ڪتاب پڙهي ڪتابن سان دوستي رکي.
ڪتاب پڙهڻ جو شوق ايتري قدر وڌي ويو هو ته اسين دوست جڏهن به گڏبا هئاسين ته هڪ ٻئي کان ڪتابن جو معلوم ڪندا هئاسين، اسان سڀني دوستن ۾ پڙهائي جو مقابلو هوندو هو.
·       انٽر کانپوءِ مان پرائمري استاد طور ڀرتي ٿيم. 1987ع ۾ ٽريننگ دوران اهو سال منهنجي لاءِ ڪارائتو ثابت ٿيو. ٽيسٽ ڏيڻ کانپوءِ مان هاءِ اسڪول ماستر طور مقرر ٿيس.
بي.اي B.A ڪئي، M.A ڪئي، تعليم جي حوالي سان پي.ٽي.سي PTC، سي.ٽي۔آ CTI ۽ جي.ايس.ٽي جو ڪهڙي بي.ايڊ B.ED ڪيم.
·       شروعاتي طور تي بگهاڻ ۽ ٺٽي ۾ پوسٽنگ ٿي ۽ ان کانپوءِ اڄ تائين ڄامشورو ۾ پوسٽنگ آهي.
·       ان دوران ايم.ايڊ به ڪيم ۽ سنڌ يونيورسٽي مان ايوننگ ۾ پڙهائي جي بُک اڄ تائين ختم نه ٿي.
سوال(2) ڪاڇي جي اونداهين مان پڙهي روشن خيال ٿيندڙ  روشن برهماڻي صاحب، استاد کان علاوه ٻين ڪهڙن عهدن تي فائز آهيو؟
جواب:   عوامي تحريڪ جو مرڪزي رابطه سيڪريٽري به رهي چڪو آهيان.
·       تحريڪ رسالي ۾ ڪم ڪيو.
·       تحريڪ رضيار جو چيف ايڊيٽر به رهيس.
·       “سجاڳي” رسالا جيڪو ٻارن لاءِ چپيو هو، ان جا تقريبن 20 پرچه مون ڪڍيا ڇو ته چيف ايڊيٽر هئس. 2012 ۾ ڪن سياسي اختلافن جي ڪري سياست کي الوداع ڪيو. موجود حال ۾ سياسي طور ڪنهن به پارٽي جو ميمبر نه آهيان.
·       استادن جي تنظيم، گسٽا ۾ ڪم ڪري رهيو آهيان. ڄامشورو ۾ “سهارا يوٿ الائنس” جو بنياد رکيو (جنرل سيڪريٽري رهيس) ان جو مقصد بي سهارا ۽ غريب ماڻهن جي مدد ڪرڻ هو. انهن جي قانوني مدد يا وڪيل آهيا ڪرڻ اسان جو مقصدهو.
·       2013 ۾ سياسي ۽ سماجي ڌرين جي مدد سان اسان ڄامشورو شهري ايڪشن ڪميٽي جو بنياد رکيو.
سيوا، پريس ڪلب، پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ وڪيل به هن ڪميٽي جا ميمبر آهن.
غفار دوست، واپڊا يونيوين هن ڪميٽي جي پليٽفارم تان اسان غريب ۽ بي سهارا ماڻهن جي هر ممڪن مدد ڪريون ٿا. شهر جو هر مسئلو حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا.
اسان جا بنيادي 03 نقطا آهن.
(امن) (2) تعليم (3) صحت
·       ڄامشورو جي مين روڊ جي لاءِ جدوجهد ڪرائي ۽ ان ۾ ڪامياب وياسين، لياقت ميڊيڪل اسپتال ڄامشورو جي حالت تمام خراب هئي، ڊاڪٽر ويهندا ڪونه هئا، اسان جدوجهد هلائي ته اسپتال جي حالت بهتر ٿي ۽ ڊاڪٽر ڊيوٽي ڪرڻ لڳا.
پيئڻ جي پاڻي لاءِ ٺهيل پاڻي جي ٽانڪي اسپتال انتظاميه دڪان ٺاهي ڪرائي تي ڏئي چڏيو اسان ان جي خلاف تحريڪ هلائي ۽ پيئڻ جي پاڻي لاءِ الڳ ٽانڪي ٺهرائي مريضن جي لاءِ پيئڻ جو صاف پاڻي وارو نظام بحال ڪرايو.
·       ڄامشورو شهري ايڪشن ڪميٽي جو نظريو اهو آهي ته هڪ ٻئي تي تنقيد ڪرڻ بجاءِ ان تي غور ڪريو ته مان ڇا ٿو ڪري سگهان.
·       هڪ استاد، وڪيل يا عام ماڻهو پنهنجي شهر جي لاءِ ڇاٿو ڪري سگهي ان تي غور ڪرڻ کپي.



سوال(3): ڄامشورو شهري ايڪشن ڪميٽي جي پليٽ فارم تان امن امان لاءِ اوهان کي ڪيتري حد تائين ڪاميابي حاصل ٿي؟
جواب: سماجي اڳواڻ بخت سومرو قتل ڪيس تان اسان تحريڪ جي شروعات ڪئي، ان معاملي تي اسان ايس.پي. آءِ. جي، وزير اعلى تائين خط لکيا، ان کان پوءِ پوليس جا اعلى عملدار اسان سان اچي مليا ۽ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي، غير حاضر عملدار اچي ڊيوٽي ڪرڻ لڳا، چوڪيون قائم ٿيون ۽ پوليس پئٽرولنگ ڪرڻ لڳي.
اسڪول جي معاملي تي جاپاني ٽيم آئي انهن اسڪول جو دورو ڪيو بيگو خان ميرجت ۾ اسڪول جو مسئلو هيو ڇوڪرين جي تعليم جي لاءِ ان جي لاءِ ڄامشورو ايڪشن ڪميٽي جي طرفان تحريڪ هلائي اسڪول بحال ڪرايو ۽ گتا مل ڪوٽڙي گل فارم جي اسڪول لاءِ تحريڪ هلائي ان کي بحال ڪرايو، اگر هر ڪو ماڻهو پنهنجي حصي جو ڪم ڪري ته ڪافي بهتري اچي سگهي ٿي.
سوال(4): ڄامشورو شهر جي مسئلن لاءِ جيڪڏهن اوهين تحريڪ هلايو ٿا ته ان تحريڪ ۾ اوهان سان شهرين جو ڪيترو ساٿ هوندو آء؟
جواب: تازوئي سٽي ڄامشورو ۾ واپڊا وارن جي طرفان ڪاروائي ڪري ٽرانسفارمر لاهڻ واري عمل خلاف اسان تحريڪ هلائي جنهن ۾ ڄامشورو جي عوام ڀرپور نموني ڄامشورو شهري ايڪشن ڪميٽي سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪري اهو ثابت ڪيو ته اسان سان ڄامشورو جو عوام ڀرپور نموني ساٿ ڏيڻ وارا آهن. ان تحريڪ جو نتيجو اهيو نڪتو ته شهر جا سڀئي ٽرانسفارمر پنهنجي حال تي بحال ڪيا ويا، بلڪل اهڙي نموني شهر جي هر مسئلي ۾ اسان سان شهرين جو ساٿ ڀرپور نموني هوندو آهي.
سوال(5): اوهان کي ڄامشورو جو ايدهي ڇو سڏيو ويندو آهي؟
جواب: مون زندنگي ۾ ڪڏهن به پنهنجي نالي سان خان لکڻ پسند نه ڪيو، ڪاميٽيءِ جا ڪجهه دوست آهن ۽ ڄامشورو جي عوام اهي جيڪي هر ادبي ثقافتي ۽ تعليمي پروگرامن ۾ مون کي ايدهي سڏيندا آهن. اصل ۾ مان لائق نه آهيان جو ايدهي جهڙو لقب مون کي ڏنو وڃي، منهنجي اسڪول ۾ ڪافي غريب شاگرد آهن جنهن جو فيون وغيره اسين برداشت ڪندا آهيون، هسپتال ۾ ايندڙ غريب مريضن جي مالي مدد ڪندا آهيون ڪنهن کي رت جي ضرورت هوندي آهي ته ڪنهن کي ڊاڪٽرن جو مسئلو هوندو آهي ۽ وري ڪنهن کي ڪيس وڙهڻ جي لاءِ وڪيل جي ضرورت هوندي آهي، ڪو غريب سماج جو ماريل وڏيرن جي ظلم جو شڪار هوندو آهي ته ان جي قانوني مدد ڪندا آهيون.
ايدهي ته وڏي ڳالهه آهي دوستن جي مهرباني جيڪي عزت جي لائق سمجهن ٿا ۽ مٿيان سبب آهن جنهن جي ڪري مون کي ڄامشورو جو ايدهي سڏيو وڃي ٿو.
سوال(6): توهان هڪ سرڪاري ملازم آهيو ۽ شهري ايڪشن ڪميٽيءِ جا ميمبر به آهيون توهان هڪ استاد جون ذميواريون ۽ ٻيا سماجي ڪم هڪ ئي وقت تي ڪيئن سرانجام ڏيندا آهيون؟
جواب: ان وقت کان وٺي جڏهن مون سياست کي الوداع ته ڪيو هو، توهان منهنجا شاگرد به رهيو توهان به هن جي گواهي ڏئي سگهون ٿا ته مان ڪڏهن به ڊيوٽي ٽائيم تي اسڪول مان غير حاضر نه رهيس منهنجا سبجيڪٽ پنهنجي وقت تي مڪمل ڪرائي ڇڏيندو آهيان ۽ ڪورس کان علاوه شاگردن کي علمي سرگرميون ڪرائيندو آهيان.
حالانڪه مون کي منهنجا سياسي سماجي دوست چوندا رهندا آهن ته توهان جي پوسٽنگ اهڙي جڳهه تي ڇو نه ڪرائي ڇڏجي جتي سڪون سان ڊيوٽي ڪري سگهجي پر مان انهن کي اهيو چيو ته مون کي ڪنهن قسم جي آرائش جي ضرورت نه آهي ٻارن کي پڙهائڻ منهنجو پيشو ۽ سماجي ڪم ڪرڻ منهنجو ايمان آهي. اول مونکي جيڪو ڪم ڪرڻو آهي اها آهي تعليم ۽ سياست بعد جي ڳالهه آهي، ڊيوٽي ٽائيم کانپوءِ رسالي جو ڪم ڪندو هيم.
14 سال گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ڄامشورو ڪالوني ۾ استاد طور پنهنجيون ذميواريون سنڀاليون ڪم ۾ سچائي ڏسي استادن جي طرفان F.A مقرر ٿيس جڏهن مان F.A ٿيس ته اسڪول جي حالات ۾ ڪافي بهتري آئي حاضري جي شرح 700 شاگردن کان وڌي 1100 تائين پهتي اسان اسڪول کي وڻن سان سينگاريون جيستائين استاد شاگرد جو دوست نٿو ٿئي تيستائين شاگرد جو پڙهڻ ڏکيو آهي ان جي نظريي جي آڌار تي اسان شاگردن کي بهترين تعليم ڏئي رهيا آهيون.
سوال (7): منهنجي معلومات جي مطابق توهان ڪنهن NGO سان بح منسلق آهيو، انهن جو ڪم ڇا آهي ان ۾ توهان جو ڪهڙو ڪرادار آهي؟
جواب: ڪنهن به NGO,s ۾ مان ملازم نه آهيان، ضلعي ڄامشوري جي ليول تي جيڪي NGO’s آهن جن ۾ I.R.C هجي SPO هجي سڀئي ڪم ڪن ٿيو، هنن وٽ جيڪي پروگرام ۽ سيمينار ٿين ٿا دوست دعوت ڏين ٿا مان ويندو آهيان ۽ ٻيو رضاڪارڻا طور مان NGO’s ۾ ڪم ڪندو آهيان.
الف اعلان وارن مهم پئي هلائي اسڪول ۾ ٻارن جي داخلا جي لاءِ اسان انهن جي ڀرپور مدد ڪئي. ٻهراڙي توڙي شهر جي ڪيترن ئي ٻارن کي اسان اسڪول ۾ داخل ڪرايو اسان ڳوٺ ڳوٺ ۾ اها مهم هلائي.
جيستائين اسان جو طبقو پڙهيل لکيل نه هوندو ته اسان صاف سياست نه ڪري سگهنداسين ۽ نه ئي دنيا جي ٻين قومن سان مقابلو ڪري سگهنداسين.
سوال (8): اوهان سياست ۾ به رهيا آهيون ۽ اوهان هڪ استاد به آهيو اوهان جي نظر ۾ ڇا ڪنهن شاگرد کي سياست ۾ اچڻ گهرجي يا نه؟
جواب: ڪنهن دور ۾ لفظ ڪامريڊ تمام وڏي معنى رکندڙ لفظ هيو ڪامريڊ معنى همدرد، ساٿي، دوست، دنيا ليول تي هڪ مڃيل لفظ آهي. اسان جي هن دور ۾ هڪ سازش تحت ڪامريڊ لفظ کي گندو ڪيو ويو اڄڪلهه واري لفظ ڪامريڊ جي معنى ڀتاخور، ڦورو ڪامريڊ معنى ڪپڙي جي ڌلائي جا پئسا نه ڏيڻ ۽ ماني کائي ان غريب هوٽل واري کي پئسا نه ڏيڻ جهڙا ڪم ڪري لفظ ڪامريڊ کي بگاڙيو ويو آهي.
سياست کي مان عبادت سمجهندو آهيان.
دنيا ۾ جيڪي انقلاب آيا آهن هن سياست جي ڪري ئي ممڪن آهن ڪامريد لين کان شروعات ڪيون ڪامريد ماسڪ تائين ۽ ويٽنام ۽ ٻين ملڪن ۾ جيڪي انقلاب آيا آهن اهي سب سياست کي هٿ وٺي خراب ڪيو ويو آءِ ليڊرن کان غداريون ڪرائي ليڊرن کي پئسا کارائي ملڪي عام جو روح سياست کان کڄي ويو آهي مان سمجهان ٿو ته شاگردن کي سياست ۾ حصو وٺڻ گهرجي اهي سياسي ڪارڪن ئي هئا جيڪي اڄ ميديا جي عهدن تي فائز آهن منهن م سائين سهيل سانگي، عاجز جمالي، دودو چانڊيو ۽ ٻيا ڪافي مانهون هئا جن سياست کي سمجهيو ۽ سياست ڪئي.
جيڪڏهن اسان پنهنجي شاگردن کي سياست کان بلڪل منع ڪنداسين ته پوءِ ڪرپٽ وڏيرا ۽ ڪرمنل ماڻهو اسان پڙهيل لکيل طبقي مٿان هاوي ٿيندا.
سب کان پهرين تعليم لازمي آهي ۽ ان کانپوءِ اسان جي شاهردن کي اجوڪي ڪامريدي ۾ نه وڃڻ گهرجي ان کي افر صاف سياست ڪرن جو موقعو ملي ته اهو ضرور سياست ڪري.
پڙهائي ۾ اگر سست اهي ۽ نعرن هڻڻ ۾ تيز آهي ته اها سياست هن جي ڪنهن ڪم جي نه آهي. اها سياست هڪ شاگرد جي لاءِ تباهي آهي سياست جي ميدان هڪ باڪردار ۽ همت وارو ٿيڻ کپي جيئين دنيان جا ٻيا سياستدان ٿي گذريا آهن ان جي عزت تي ڪيربه اڄ تائين آگر کڻي نٿو سگهي. سياست جي ميدان ۾ لينن واوزيتن ۽ مارڪ جي حياتي تي اگر نظر وجهنداسين ته هو توڙي جو غريب هئا پر دل جا تمام گهڻا امير هئا. انهن جي ڳالهيون زمانن کي لوڏي ڇڏيو آ، انهن جي جدوجهد همت ۽ حوصلن کي اڄ اسان مشعله راهه بنايون ٿا.
سوال (9): اسڪول جو هيڊ هئڻ جي ناتي اسڪول جي ٻارن ۾ ڪهڙي قسم جون سرگرميون ڪرائيندا آهيو؟
جواب: اسان جي اسڪول ۾ نصابي توڙي غير نصابي سرگرميون ڪرايون وينديون آهن. ان کان علاوه اسان وٽ تقريري مقابله، راندين جا مقابله پڻ مقرر ڪيا ويندا آهن. NGO’s جي مدد سان اسان پنهنجي اسڪول ۾ ڪافي پروگرام ڪرايا ڊرائيونگ جا مقابله ڪريا منهنجي توڙي ملڪي 3 ڏينهن جنهن ۾ 14 آگسٽ 23 مارچ جهڙا ڏينهن ڀرپور نموني ڀرپور مذهبي ۽ قومي جذبي سان ملهايا ويندا آهن.
ميٽرڪ پاس ڪرڻ وارن کي هر سال الوداعي پارٽي ڀرپور نموني ڏني ويندي آهي، جنهن ۾ شاگرد ٽيبلوز ۽ تقريري مقابله ڪندا آهن.
سوال((10): توهان پنهنجي شاگردي واري زماني ۾ ڪافي سارا ڪتاب پڙهيا، توهان کي ڇا ٿو لڳي ته توهان جا شاگرد ۽ اڄڪلهه جا نوجوان ڪتابن مان ڪيتري دلچسپي وٺن ٿا؟
جواب: ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته اسان جي نوجوانن سان اهيو تمام وڏو الميو آهي ته اڄ جو نوجوان شاگرد ڪتابن کان ڪافي پري آهي ۽ ڪتاب شاگرد نه هئڻ جي برابر پڙهندا آهن مان پنهنجي شاگردن کان ڪتابن جي باري ۾ سرگرمي ڪرائيندو آهيان ته مون کي لڳندو آهي ته ڪير شاگرد ڪتابن ۾ دلچسپي رکن ٿا مان پنهنجي پاران ڀرپور ڪوشش ڪري شاگردن کي ڪتابن ڌانهن متوجه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان ڇو ته ڪتاب ئي بهترين دوست آهن ڪنهن به شاگرد کي صرف درسي ڪتابن تي نه ٻارڻ گهرجي دنيا جو وڏي ۾ وڏو علم ڪتابن ۾ رکيل آهي.
سوال (11) اوهان اسڪول جا هيڊ آهيون تقريبن 6 سالن کا وٺي توهان جي اسڪول ۾ ڪاليج جي بلڊنگ اڃا نه ٺهي سگهي، ان حوالي سان توهان ڪهڙي تحريڪ هلائي آ؟
جواب: اسان هڪ وڏي عرصي کان هن مسئلي تي مهم هلائي رهيا آهيون صحافي دوستن جي مدد سان اسان ڪافي پيپر لکيا اخبارن ۾ ڪافي آرٽيڪل لکيا ويا آهن ۽ بلڊنگ جون فائلون نيب وارن کي موڪلي ڏنيون آهن.
گورنمينٽ ۾ اسان کي ڪو آسرو نظر نٿو اچي اسان هن لاءِ تحريڪ هلائي رهيا آهيون ۽ ڪو ماڻهو اسان جي مدد ڪري اسان بلڊنگ کي بحال ڪري سگهون.
سوال (12) جيئن ته اوهان ڄامشورو اليڪشن ڪميٽي جا عهديدار به آهيون توهان کي ڇاٿو لڳي سٽي ڄامشورو جا ٻيا ڪهڙا حسان مسئلا آهن جيڪي هنگامي بنيادن تي حل ٿيڻ گهرجن.
جواب: سڀ کان پهرين ڄامشورو جي تعليم تمام تباهه آهي. ڪافي اسڪول تعليم جي لحاظ سان تمام پٺتي پيل آهن نياڻين جي تعليم تباهه آهي پاڻي جو تمام وڏو مسئلو آهي.
·       پاڻي جو تمام وڏو مسئلو آهي.
·       لائن ۾ بدبودار پاڻي اچي ٿو جيڪو پيئڻ جي لائق نه آهي.
·       صفائي سٿرائي جو نظام بلڪل درهم برهم آهي.
سوال (13) سنڌ جي بهتر مستقبل ۽ خوشحالي جي لاءِ شاگردن جي لاءِ ڪو پيغام؟
جواب: قائد اعظم کان ماءُ پيءُ پڇا ڪئي ته “ابا رات جو ايترو ڇو ٿو پڙهي”؟ امان اگر ماڻهون محنت نه ڪندا ته وڏي درجي ته ڪيئن پهچنداسين؟ ڪنهن مقام تي پهچڻ لاءِ بنيادي جُزو محنت آهي.
جيئن استاد بخاري جون سٽون آهن ته:
خلقت سُڏڪي گهرندي آهي،
صحت، دولت، مان ۽ شهرت
قدرت مرڪي چوندي آهي
محنت، محنت، محنت ۽ محنت
اگر اسان جا نوجوان پنهنجي ملڪ ۽ وطن جي خوشحالي چاهن ٿا ته، انهن کي وڏي محنت جي ضرورت آهي انهن کي بردباد ٿيڻو پوندو: تعليم جي ميدان ۾ کين هڪ سپاهي وانگر هڪ مزدور وانگر ان کان بالاتر ٿي ڪري محنت ڪرڻي پوندي، شاگرد کي ڪنهن به ڏکئي ڪم کان نه ڪيٻائڻ گهرجي، همت، محنت ۽ بهادري سان اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي ۽ شاگرد کي “نه ڇڏ” محنت ڪرڻ گهرجي، کين محنت جو ڦل ضرور ملندو ۽ هڪ ڏينهن ملڪ جي خوشحالي جو سبب بڻجندا.
شاگردن کي مطالعي جو دائرو تمام وسيح ڪرڻو پوندو، اسان انٽرنيٽ جي زماني ۾ جي ڪلڪ تي ڪتاب ملڻ عام ٿي ويو آ، دنيا جي ڪنهن به زبان جي ڪتاب کي باآساني ترجمو ڪري پڙهي سگهڻ ممڪن ٿي چڪو آهي. اهو سڀ ڪجهه اسان جي اڄڪلهه جي شاگردن کي پيدا ٿيندئي موجود آهي ته پوءِ شاگردن کي پنهنجي وس آهر محنت ڪرڻ جي ضرورت آ.
شاگردن کي هر ملڪ جي ترقي جي تاريخ پڙهڻ گهرجي ۽ ان مان سبق حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.
ماضي کي حال سان گڏائي اگر مستقبل جو سوچينداسين ته اڄ جو شاگرد ملڪ جي بهتري لاءِ ڪردار نبهائي سگهي ٿو. پنهنجي محنت ۾ ڪردار ۾ ۽ عملي علم ۾ سچائي جو جذبو رکي محنت ڪرڻ گهرجي.
شاگردن کي وقتي ضرورت “ڊيوٽي” جو سوچي محنت ڪرڻ نه گهرجي ڇو ته پنهنجو پاڻ تي صرف پنهنجو حق رکڻ گهرجي.
جيئن ڪارل مارڪس چيو آهي ته “زندگي جو مقصد ڪائنات جو اعلى شعور حاصل ڪري بي سهارا انسانن جي زندگي ۾ حوصلو پيدا ڪرڻ ۽ مرجهايل چهرن تي مرڪ آڻڻ آهي”.
سچو شاگرد اهو آهي، جيڪو پنهنجي مٿان پاڙيسرين ۽ ملڪ جي خدمت کي پنهنجي مٿان فرض سمجهي ۽ پنهنجي ڌرتي سماج، غريب ۽ مسڪينن جي لاءِ محنت ڪري، جيڪي ماڻهو وهمن ۾ ورتل آهن جيئن ته وڏيرڪي سماج، قبرپرسيتي ۽ پيرپرستي ۾ جڪڙيل آهن انهن کي صحيح راهه ڏيکارڻ شاگردن جي اولين ترجيح هئڻ گهرجي.
مان سمجهان ٿو ته جيسين شاگرد پنهنجي جدوجهد ۽ اٿان علم سان انهن ناڪاره شين مان جان نه ڇڏائيندو، هڪ آزاد، نئي سوچ ۽ کليل ذهن پيدا نه ڪندو تيستائين اسان جو سماج وڌي نه سگهندو انهن لاءِ شاگردن لاءِ ضروري آهي ته هو جديد علم ۽ تاريخ کان ليس ٿين. اڄ جو نوجوان شاگرد ملڪ جي خوشحالي ۽ بهتر مستقبل لاءِ ڪارآمد ثابت ٿي سگهي ٿو.


No comments:

Post a Comment