فهيم الڻ
انٽرويو فرقان علي
BS-II Roll 29

س: صوفي راڳ کي ئي ڇو ترجيح ڏني؟
ج: صوفي راڳ کي انهي ڪري تجيح ڏني، ڇو ته راڳ ڪئي قسمن جا آهن. پوپ راک ۽ ٻيا به جيڪي شايد مونکي خبر به نه هجي پر صوفي راڳ هڪ اهڙي شئي آهي، جنهن مان محبت جو ئي پيغام نڪري ٿو ۽ انسانيت جو جيڪڏهن توهان انسان جي آدم جي معنى ڪڍڻ چاهيندو ته ان مان توهان کي صوفيزم ملندو. صوفيزم محبت جو هڪ ٻيو نالو آهي.
س: توهان پنهنجي والد صاحب کان ڇا سکيو؟

س: صوفي کان علاوه ڳائڻ جو سوچيو آهي؟
ج: نه صوفي کان علاوه ڳائڻ جهڙو پاڻ کي تباهه ڪرڻ.
س: ڳائڻ کان علاوه ڪهڙا شوق آهن؟
ج: ڳائڻ کان علاوه به گهڻا شوق آهن، مال ڌارڻ، ٻڪريون، مينهون، منهنجي والد صاحب جا به اهي هي شوق هئا، پر اسان جا شوق سڀ فقيراڻا آهن، ڪي وڏا شوق نه آهن، درگاهن تي ويهڻ به شوق آهي، وحدت ۽ ڪسرت جڏهن گڏبيون آهن، تڏهن هي سڀ ٿيندو آهي.
س: سنڌ ۾ صوفي راڳ کي ڪيئن ٿا ڏسو؟
ج: سنڌ ۾ صوفي راڳ جيئرو آهي، مون کي ته ائين ٿو لڳي واحد سنڌ ئي ڌرتي آهي، جنهن تي صوفي راڳ جيئرو آهي، باقي دنيا ۾ ڪٿي به صوفي راڳ نه رهيو آهي، ڪيترائي اسٽوڊيوز آهن، جنهن صوفي کي راڪ سان گڏائي ڇڏيو جنهن ٺاهڻ نه بلڪه بگاڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ اميد آهي ته ان راڳ کي بچائيندي به سنڌ.
س: ڪوڪ اسٽوڊيو ۾ توهان جو سفر ڪيئن رهيو؟
ج: ڪوڪ اسٽوڊيو ۾ سٺو سفر رهيو، انهن جي پنهنجي سوچ آهي، اسان جي پنهنجي پر ڪم ڪيو، گڏ سٺو ڪم ڪيو ۽ مزو آيو، آئيندي به جي گهرائيندا ته وينداسين پر ڪم جي اسان جي نظريي مطابق ٿيو ته ڪنداسين.
س: ٻين ڳائڻ سان گڏ تجربو ڪيئن رهيو؟
ج: تمام سٺو “فاخر محمود” سان به ڪم ڪيو، سيف سميجو سان به، شيخي سان ۽ علي ظفر سان به وڏو مزو آيو، هر ڪنهن جو پنهنجو اسٽائيل آ، اسان ڪنهن به صحيح يا غلط نه ٿا چئي سگهون.
س: توهان جي انسپريشن ۾ ڪهڙا سنگر آهن؟ جنهن مان متاثر ٿي توهان ڳائڻ شروع ڪيو؟
ج: عابده پروين توهان ائين چئي سگهو ٿا ته مان پٽ الڻ فقير جو آهيان پر مداح عابده پروين جو پهريون نصرت به ٻڌندو هئس، پر عابده پروين “Ever Green” جڏهن به ٻڌندو آهيان، اکين مان ڳوڙها ڪري پوندا آهن، عابده کي آن ڪري به ٻڌندو آهيان، ڇو ته هي ڪڏهن صوفي کان هٽي هي ڪون ۽ عابده کي منهنجو سلام آهي، لتا جهڙي ڳائڙي به هن جي پيرن تي ڪري عابده جهڙو فنڪار مشڪل پيدا ٿئي.
س: الڻ فقير کان علاوه ڳائڻ جو سوچيو؟
ج: سوچي سمجهي ڪڏهن به ڪجهه نه ڪيو آهي، جيڪو ٿيندو ڪنداسين ۽ ڪوشش هوندي نه هن ڪم ۽ هن فقيري کي زنده رکون.
Interview with Faheem Alan Faqeer by Furqan Ali
Under guidance of Sir Sohail Sangi, Department of Media and Communication STudies, University of Sindh Jamshoro (April 2016)
سنڌ جي ھڪ صوفي راڳيءَ جو تمام سٺو انٽرويو.
ReplyDelete