Friday 8 April 2016

Interview with Dr Nawaz Kaka

Feedback later
                                                                                                                                                                                                                                                                 
         ڊاڪٽر نواب ڪاڪا                                          
انٽرويو وٺندڙ:  شير زمان کوسو
ڪلاس: بي، ايس پارٽ 2 
رول نمبر :   2k15/MC/82 
ڊاڪٽر نواب ڪاڪا سنڌي ادب جو پروفيسر آهي جنهن پرائمري تعليم تعلقي نيو سعيدآباد ۽ ضلعي مٽياري مان حاصل ڪئي. انٽرميڊيٽ اسلاميه ڊگري ڪاليج هالا مان حاصل ڪيائين سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو مان سنڌ ادب ۾ پي ايچ ڊي ڪيائين. ڪاليج ۾ پنج سال ليڪچرار رهيو ۽ هاڻي سنڌ يونيورسٽي ۾ پروفيسر جي حيثيت سان پڙهائي رهيو آهي. ڪيترن ئي سماجي تنظيمن سندن کي ايوارڊ سان نوازيو آهي.

 ”ننڍي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي جدوجهد جي ضرورت هوندي آهي“ ڊاڪٽر
 نواب ڪاڪا.

س: سنڌي ادب ۾ اوهان جي دلچسپي ڪيئن پيدا ٿي ۽ ڪهڙن اديبن اوهان کي متاثر ڪيو؟
ج: ننڍپڻ کان وٺي طبيعت ۾ ادب جي طرف لاڙو هو. پڙهائي واري دور کان وٺي ادب پڙهڻ ۽ لکڻ جو شوق هو. ننڍي هوندي کان شيخ اياز، امرجليل، نجم عباسي کي پڙهيو، جن جي لکڻين ادب سان چاهه پيدا ڪيو ۽ ادب ۾ متاثر ڪيو. شاهه عبداللطيف ڀٽائي کان جيئن ته هر گهر مان هڪ فرد واقف آهي. اهڙي طرح شاهه لطيف به ادب ۾ متاثر ۽ رهنمائي ڪئي. ائين ادب جي طرف پنهنجي شوق ۽ جذبي سان آيس ۽ لکڻ پڙهڻ جو سلسلو هلي پيو. 

س: سنڌي ادب جو سنڌ جي قومي ترقي ۾ ڪهڙو ڪردار رهيو آهي؟
ج: دنيا پر جو جيڪو ادب لکجي ٿو، اهو پنهنجي سماج جي عڪاسي ڪندو آهي. هن طريقي سان اسان جو سنڌي ادب شاهه عبداللطيف ڀٽائي کان وٺي موجودو دور تائين پنهنجي سماج جي عڪاسي ڪري ٿو. سماج جي سٺاين ۽ اوڻاين کي ظاهر ڪري ٿو. ان سان گڏوگڏ ثقافتي قدر به ادب ۾ محفوظ ٿي ويا آهن. ادب ۾ جيڪي لکڻيون آهن، سي پنهنجي سماج جي سجاگيءَ جو سبب آهن. سنڌي ادب ماڻهن ۾ جوش پيدا ڪرڻ لاءِ، ٻولي سان محبت پيدا ڪرڻ لاءِ ۽ ثقافتي قدرن کي سڃاڻڻ لاءِ وڏو ڪردار نڀايو آهي ۽ مان سمجهان پيو ته سنڌي ادب هن حوالي سان گهڻي ڀاڱي ڪم ڪندو اچي پيو.

س: دنيا جي هر ادب انساني حقن جي اظهار لاءِ وڏو ڪم ڪيو، تنهن ۾ سنڌي ادب جو ڪهڙو ڪردار رهيو؟
ج: ادب جو موضوع ئي زندگي آهي. زندگي ۾ جيڪي عمل ٿين ٿا، اهي اديب جا اول ترجيح آهن. مشاهدو اديب جو پهريون ڪم هوندو آهي. مختلف ڪردارن جي نشاندهي مختلف ناولن، ڊرامن، ڪهاڻين ۽ شاعري ۾ ٿيندي رهي آهي. مظلوم توڙي ظالم ڪردار تي به هر ادب ۾ لکيو ويو آهي. انساني حق انسان جون بنيادي گهرجون آهن. اسان وٽ جيڪو ادب جو ذخيرو موجود آهي. ان ۾ گهڻي ڀاڱي بنيادي حقن جي ڳالهه ٿيل آهي. جمال ابڙي، نسيم کرل جي ڪهاڻين، امر جليل، نجم عباسي، اياز قادري جي مجموعن ۽ شاعري ۾ شاهه لطيف کان وٺي شيخ اياز تائين انساني حقن قومي توڙي بين الاقوامي سطح ٿي ادب ذريعي آواز اٿاريو ويو آهي.

س: شاهه عبدالطيف ڪهڙن سببن جي ڪري هر دور جو جديد شاعر رهيو آهي؟
ج: شاهه لطيف هڪ ڪلاسيڪل شاعر آهي ۽ ڪلاسيڪل شاعر زمان، مڪان ۽ زبان جي سرحدن کان مٿانهون هوندو آهي يعني ان جي شاعري هر دور ۾ پنهنجي اهميت برقرار رکي. ڪلاسيڪل شاعري اهو وکر آهي جيڪا پئي پراڻي ڪونه ٿئي. شاهه لطيف جي شاعري ۾ اهي عالمي ۽ آفاقي قدر موجود آهن جيڪي اڄ جي دور جي ماڻهن جي اندر جي ڳالهه ڪن ٿا. ان جي احساسن، جذبن، ان سان ٿيندڙ ناانصافيون ۽ ان جي ثقافتي قدرن جي هر حوالي سان شاهه لطيف رهنمائي ڪري ٿو. سجاڳي ، جدوجهد، محنت ۽ قرباني هر دور جون گهرجون رهيون آهن. جيڪي شاهه لطيف جي شاعري جا بنيادي عنصر آهن. ان ڪري اڄ به هن جي شاعري ساڳي اهميت برقرار رکندي اچي ۽ سڀاڻي به رکندي.

س: موجوده ادب ۾ گهڻي ڀاڱي مقدار ملي ٿي، ادب ۾ ڪهڙي شيءِ اهميت رکي ٿي مقدار يا معيار؟
ج: ادب ۾ ڪنهن هڪ شيءِ جي چونڊ نه تا ڪري سگهون. مثال اسان چئون ته اساني کي معيار کپي پوءِ ڀلي ڪو هڪري ڪهاڻي لکي ۽ وڌيڪ نه لکي. جڏهن ليکڪ لکن ٿا. ان جون ڪجهه لکڻيون معيار جي بلنديون کي ڇهن ٿيون، ڪي وچ ٿريون آهن ته ڪي لکڻيون به معيار ۾ گهٽ آهن. اهڙي حوالي سان هر ليکڪ جي پنهنجي اهميت، قابليت ۽ ذهني سوچ آهي. ڪڏهن عام لکندڙ به شاعري، مضمون، ڪهاڻي ۽ ناول جي صورت ۾ سٺيون لکڻيون لکن ٿا ۽ هڪڙي ئي لکڻي انهن کي سڃاڻپ ڏئي ڇڏيندي آهي. ڪڏهن وري ليکڪ گهڻو لکن ٿا ۽ انهن جي ڪابه لکڻي گهڻي ڪامياب نه ٿي وڃي. ان ڪري معياري ادب جو مقدار گهڻو هجڻ گهرجي ڇو ته معيار جي هر دور ۾ گهرج هوندي آهي.

س: سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ ۾ سنڌي اديبن جو ڪهڙو ڪردار رهيو آهي؟
ج: ڪو دور هو جڏهن عالمي فڪري لاڙا پيدا ٿيا، مزاحمتي ۽ قومپرست ي وارو لاڙو عروج ٿي هو. انهي پليٽ فارم تان اديبن منظم ڪوششون ورتيون . ان دوران ليکڪن عملي ڪردار نڀايو، پيمفليٽ لکندا آيا، سياسي ۽ سماجي شعور لاءِ ٻاهر نڪرندا آيا. اديبن ٻوليءَ جي بچاءِ لاءِ تحريڪون هلايون ۽ واڌاري لاءِ معياري ادب تخليق ڪئي. پر موجوده دور ميڊيا جو دور آهي، جنهن ۾ اسان کي ڏيکا گهڻو ٿو نظر اچي. جيئن عام ماڻهو ڏيکاءُ جي پويان آهي. تيئن دانشور به ميڊيا ۽ ڪوريج ۾ شهرت حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. پر عملي صورت ۾ اڳان نه ٿا اچن ۽ نه ئي سماج ۾ انهن کي موٽ ملي ٿي. تنهن جي باوجود ڪجهه اهڙا اديب آهن. جيڪي شيخ اياز جا هم عصر هئا، جيڪي اڄ به پنهنجي ٻوليءَ سان سچا آهن ۽ ٻولي کي قومي درجو ڏيڻ ۾ انهن جو وڏو  ڪردار رهيو آهي.

س: اسان جو اڄوڪو نوجوان ڪهڙن سببن جي ڪري ادب کان پري آهي؟
ج: پڙهڻ ۾ لکڻ وارا نوجوان ادب کان ڪڏهن به پري ڪونه هوندا آهن. گهڻن کي اڄ به ادب سان گهڻي دلچسپي آهي. جن نوجوانن کي تعليمي ۽ ادبي ماحول مليو آهي. اهي ادب ۾ اڄ به ڏاڍا سرگرم آهن. انهن پڙهائي وارو اثر قبوليو آهي. پر جيڪي نوجوان ڳوٺاڻي ماحول ۽ روايتن ۾ گهيريل آهن جن وٽ لائبريري جي بدران نيٽ يا سوشل ميڊيا جون سهولتون موجود آهن، اهي ادب پڙهڻ ۽ لکڻ کان تمام گهڻو پري آهن. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڳوٺاڻن ۾ لائبريري ۽ تعليمي سهولتون عام ڪجن جيئن سنڌ جو اڄوڪو نوجوان ادب کان آشنا ٿي.

س: گهڻا اديب صحافي به رهي چڪا آهن ته ادبي لکت، صحافتي لکت کان ڪيئن مختلف آهي؟
ج: ادب ۽ صحافت ٻه جدا شعبا آهن. ادب جو تعلق ٻوليءَ سان آهي ۽ صحافت ڄاڻ جو وسيلو آهي. جيئن ڊرامو هڪ ادب جو صنف آهي پر ان کي عام ماڻهو تائين پهچائڻ صحافت سان راڳاپيل پروڊيوسر جو ڪم آهي. ڪڏهن هڪ ليکڪ به ميڊيا تي اچي ادبي پروگرام ڪري ٿو. ائين هر علم جو ٻي علم سان واسطو رهيو آهي. صحافت جي وجود کان پوءِ ٻئي ادب ۽ صحافت گڏ گڏ هليا آهن. اديب ميڊيا ۾ اچي پنهنجون لکڻيون پيش ڪري ٿو، ائين ميڊيا به ان لاءِ ادبي اظهار جو سبب بنجي ٿو.
س: سنڌي ادب جي ترقي ۾ عورت ليکڪائن ڪهڙيون خ
دمتون سرانجام ڏنيون؟
ج: اسان جي سماج ۾ عورتن کي ڪجهه ڪرڻ جو موقعو ناهي ڏنو ويو. پر جيتري قدر انهن کي موقعا فراهم ڪيا ويا، انهن هر موقعي ۽ هر هنڌ پاڻ کي مڃايو آهي. ادب ۾ ڊاڪٽر فهميده حسين، عظيم ڪهاڻيڪار نوراحدا شاهه، ماهتاب محبوب، شاعره روبينه ابڙو، جميلا نرگس ۽ ڪلاپرڪاش جا نالا نمايان آهن. اڳوڻي دور کان هاڻوڪي دور ۾ ادب ۾ عورتن جون خدمتون ڏسڻ وٽان آهن.

س: موجوده دور ۾ سنڌي ادب کي ڪهڙا خطرا درپيش آهن؟
ج: موجوده دور ۾ سنڌي ادب کي ڪي اهم خطرا درپيش ناهن، جنهن مان چئجي ته ادب لکجي ڪونه ٿو. جڏهن ته ڪنهن به ٻوليءَ لاءِ وڏو خطرو ان ٻوليءَ ۾ نه لکجڻ آهي. سنڌي ادب جي لکجڻ سان گڏوگڏ پڙهڻ وارو حلقو پڻ موجود آهي. ان کان علاوه گهڻن اديبن ڪيترن ئي ٻين ٻولين جا ڪتاب سنڌي ۾ ترجما ڪيا آهن جيڪي ادب جي واڌاري جو سبب آهن.

س: اوهان سنڌ جي نوجوانن خاص ڪري ادب سان لاڳاپيل شاگردن کي ڪهڙو پيغام ڏيڻ ضروري سمجهو ٿا؟
ج: اسان جو نوجوانن کي اهو پيغام آهي ته هو پنهنجي پاڻ سان سچا ۽ حقيقت پسند ٿين. پنهنجي زندگي ۾ هڪڙو واضع نقط نظر رکن ۽ ان جي حاصلات لاءِ ڪوششون وٺن نه فقط ادب پر زندگي جي ڪهڙي به شعبي مان هجن، ان ۾ محنت ڪن ڇو ته ننڍي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي جدوجهد جي ضرورت هوندي آهي.

Interview with Prof Dr Nawab Kaka by Sher Zaman Khoso 

This practical work was conducted under guidance of Sir Sohail Sangi, 
at Department of Media and COmmunication Studies, University of Sindh, Jamshoro (April 2016) 

No comments:

Post a Comment