Friday 8 April 2016

Interview with Taj Joyo انٽرويو تاج جويو

The introduction is copy paste. u should have re-written in ur own words and made  but brief.
Questions are not impressive. u should have done some home work
Ur name is missing in the text.
 Factual mistakes: Now he has retired from govt job.

99
ADIL

 تاج جويو  سان ڳالھ ٻولھ

 تعارف
سنڌ جي نامياري اديب ۽ شاعر تاج جويي جو پورو نالو، تاج محمد جويو آهي. هن 6 سيپٽمبر 1954ع تي تعلق  سڪرنڊ (هاڻي دولتپور) ضلعي نوابشاهه (هاڻي بينظير آباد) جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ’پير ڪولاچيءَ‘ ۾ جنم ورتو. پهريون ڪلاس گورنمينٽ پرائمري اسڪول سن (تعلقي ڪوٽڙي، اڳوڻي ضلعي دادو) مان پاس ڪري، باقي پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ’پير شاهنواز(پير ڪولاچيءَ) مان حاصل ڪيائين. ڇهين ڪلاس کان نائين ڪلاس تائين ڊي سي (ناز باغ) هاءِ اسڪول قاضي احمد ۾ پڙهيو، جتان مڊل اسٽئنڊرڊ جو امتحان ڏنائين ۽ ضلعي ۾ پهريون نمبر حاصل ڪري، اسڪالرشپ کٽيائين. مئٽرڪ جو امتحان وري شهر سن مان 1970ع ۾ ڏنائين. هن جو ارادو ڊاڪٽر ٿيڻ جو هو، پر مائٽ غريب هئڻ ڪري سندس خرچ ڀري نه سگهيا، ۽ هن 1971ع ۾ سڪرنڊ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج ۾، اسڪالرشپ وارن پئسن مان، -ايس- وي (سينيئر ورنيڪيولر) جي ٽريننگ ڪري، فرسٽ پوزيشن حاصل ڪئي. بي. اي گورنمينٽ سچل سرمست ڪاليج نوابشاهه مان ۽ ايم. اي (سنڌي) خانگي طرح سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1978ع ۾ پاس ڪري، فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ماڻي، سنڌ يونيورسٽيءَ پاران چانسلر ۽ وائيس چانسلر گولڊ ميڊل حاصل ڪيائين. ان کان سواءِ خانگي طرح اديب سنڌي، عالم ۽ فاضل ۾ پڻ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشنون حاصل ڪيائين. 22 -آڪٽوبر- 1972ع کان پرائمري استاد طور پرائمري اسڪول طيب لاکي، تعلقي سڪرنڊ ۾ مقرر ٿيو. مختلف اسڪولن ۾ پڙهائڻ بعد، ڪجهه عرصو گورنمينٽ اڳوڻي ڊي. سي هاءِ اسڪول ۽ هاڻي ايڇ. ايم. خواجا هاءِ اسڪول نوابشاهه ۾ جونيئر اسڪول ٽيچر طور پڙهايائين ۽ هڪ سال ايڇ. ايم خواجه هاءِ اسڪول سوسائٽي نوابشاهه (خانگي) ۾ 16 گريڊ ۾ -استاد- طور پڻ پڙهايائين ۽ -ان- اسڪول جي باني استادن مان آهي. -تاج جويو- 1982ع ۾ پبلڪ اسڪول ميرپورخاص ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ -جنوري- 1984ع ۾ گورنمنٽ ڪاليج مٺيءَ ۾ ليڪچرار ٿيو. اتان 1986ع ۾ گورنمينٽ سائنس ڪاليج سڪرنڊ، -ان- بعد 1988ع کان گورنمينٽ سٽي ڪاليج حيدرآباد، گورنمينٽ ڪاليج ڪوٽڙي ۽ بعد ۾ گورنمينٽ ڪاليج قاسم -آباد-، حيدرآباد ۾ ليڪچرر ٿي رهيو. 1996ع جي -آگسٽ- مهيني ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور سندس -ترقي- ٿي ۽ سيپٽمبر 1997ع کان سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. پنج سال سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين ۽ -ٽن- چيئرمنن- حميد سنڌي، ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ ڊاڪٽر قاسم ٻگهيي سان گڏ ڪم ڪيائين. سندس چواڻي: کيس ڊاڪٽر غلام علي الانا سان گڏ ٻوليءَ جي خدمت جي ڪم ڪرڻ جو فخر حاصل آهي. ڊاڪٽر فهميده حسين جي دور ۾ کيس ٻيو ڀيرو 10 نومبر 2008ع کان سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. سندس رُڪيل پروموشن وري به اٿارٽيءَ جي دور ۾ 13 نومبر 2008ع کان ٿيو ۽ هن وقت هو ائسوسيئيٽ پروفيسر آهي ۽ ڊيپوٽيشن تي اٿارٽيءَ جي سيڪريٽري جون ذميواريون سنڀالي رهيو آهي BPS-19

سوال : قوم جي واڌاري ۽ ترقي ۾ ٻولي جو ڪهڙو ۽ ڪيترو ڪردار  آهي؟
جواب: قوم جي وصف ۾ جيڪي اهم ڳالهيون اچن ٿيون ان ۾ ٻولي اهم آهي، ڪا به قوم زبان کان سواءِ جڙي نٿي سگهي۔ ان کان سواءِ قوم جي ترقي نٿي ٿي سگهي۔

سوال : سنڌي ٻولي ۾ نوجوان نسل پاران ٿيندڙ شاعري ۽ نثر نويسي مان ڪيترا مطمئن آهيو؟
جواب : ان حوالي سان اسان ڏاڍا خوشنصيب آهيون، اڄ ڪلھ جي دور ۾ ڏاڍا سٺا شاعر ۽ نثر نگار به آهن، ائين ناهي جورڳو مايوسي آهي، هن وقت ايوب کوسو، سعيد ميمڻ، اقبال رند، شوڪت نوناري ۽ جام ٻيا آهن، اسان وٽ تنقيدي جائزو به هجڻ کپي جيڪو رف شاعري ۽ نثر کي درست ڪري، مان شاعري جي مستقبل مان مايوس ناهيان۔ باقي نثر ۾ به رسول بخش ميمڻ، طارق قريشي، شبنم گل ۽ ٻيا کوڙ سارا ليکڪ آهن۔

سوال : سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ ۾ اڃا نائين ساڃاھ وند ڪامياب نه ٿي سگهيا آهن، ناڪامي جا بنيادي ڪارڻ ڪهڙا آهن؟
خواب : ناڪامي ناهي ٿي، ڪجھ ماڻهون نٿا چاهين ته سنڌي ٻولي قومي ٻولي ٿي، هو وقت جاغلام رهيا آهن، سنڌي صدين کان وٺي هلندي آئي آهي، دفتري ٻولي رهي آهي، اسان ته ڪڏهن به ٻي ٻولي جي خلاف ڪا ڳالھ ناهي ڪئي، اهو سنڌ جو حق به آهي ۽ ٿيڻ به گهرجي۔

سوال : نوجوان نسل کي سنڌي ادب ۽ شاعري ڏانهن آڻڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟
جوان : شاعري ۽ ادب هڪ جذبو آ ان لاءِ مطالعو ۽ مشاهدو ڪرڻ ضروري آ، نوجوان وڏي انگ ۾ ڪتابن ۽ لکڻ ڏانهن اچن پيا ۽ ڪم ڪن پيا۔




سوال : سنڌ ۾ ادب، شاعري ۽ آرٽ کي ڪيتري اهميت حاصل آهي؟
جواب : اسان جي ادارن ۾ ان کي اهميت ناهي پر هر آرٽسٽ، شاعر وٽ ان جي اهميت آهي۔ اسان جا جام آرٽسٽ آهن پر انهن کي ايتري اهميت ملي نٿي۔ حڪومتي سرپرستي ناهي پر بنا حڪومتي سرپرستي جي هر آرٽسٽ پنهنجي سر جدوجهد ڪري رهيو آهي، اهي زندگي جو جز آهن۔ حڪمرانن ۽ ادارن کي ان جي اهميت تسليم ڪرڻ گهرجي ۽ توجه ڏيڻ گهرجي۔


 سوال : سنڌ ۾ شاھ لطيف، سچل سرمست ۽ شيخ اياز کانپوءِ هن جي مقابلي جو ڪو شاعر پيدا ٿيو آهي؟
جواب : هر دور پنهنجا شاعر پيدا ڪندو آ۔ لطيف ۽ اياز پنهنجي صدي جا وڏا شاعر آهن، هن صدي ۾ ڪو وڏو شاعر پيدا ٿي سگهي ٿو۔ ڪهڙي خبر ته ڪو وڏو شاعر لڪيل هجي۔ اسين فيصلو نٿا ڪري سگهون تاريخ فيصلو ڪندي۔

سوال : ڇا سنڌي اديب عالمي معيار جو ادب پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهيا آهن؟
جواب : جيستائين سنڌي ادب جو ترجمو نه ٿيندو تيستائين ڪيئن سوچيون۔ ڇا شاھ سائين، امر جليل، نارائن شام،امداد، شمشير، مرزا قليچ يا شيخ اياز وغيره جون شاعري ۽ لکڻيون عالمي ميار جي ناهي؟۔ اسان جا ڪيترا ئي نوجوان آهن جن جي شاعري عالمي معار جي آهي پر ان کي اهميت ڏئي ترجمو ڪجي۔ اسان وٽ تنقيد به پيدا ڪئي وڃي، اها ئي عالمي معيار جو ادب پيدا ڪندي آهي۔

سوال : ڇا ٽيڪنالاجي ڪتاب پڙهندڙن ۾ گهٽتائي آندي آهي؟
جواب : بلڪل آئي آهي، اڄ ڪلھ جا نوجوان انٽريٽ ۽ ٽيڪنالاجي جو غلط استعمال ڪن ٿا پيا پر ايئن به ناهي، اڄ ڪلھ جا نوجوان ڪتابن ڏانهن به اچن پيا، ڪو زمانو هو جو ان تان به ڌيان هٽجي ويو هو۔ اڄ ڪلھ نيٽ تي ڪتاب موجود آهن پر اسان سمورو ادب نيٽ تي نٿا لاهي سگهون۔ نيٽ تي جيڪي بهتر شيون آهن اهي ڪرڻ کپن۔

سوال : سنڌ ۾ تعليم جي تباهي جا بنيادي ڪارڻ  ڇا آهن؟
جواب : وڏي ۾ وڏا ڪارڻ اسان جا تعليمي ادارا، افيسر ۽ تعليمي پاليسيون آهن۔ ٻولي کان غفلت به هڪ ڪارڻ آهي۔ ادارن ۾ نااحل ماڻهون استاد لڳا پيا آهن۔ اهي ساڳيا گورنمينٽ اسڪول ڪاليج ماڻ پرهيل آهن جيڪي اسان وڏا وڏا نالا ڏسون ٿا۔ 

سوال : سائين اخر ۾ ڪو پينغام ڏيڻ چاهيندو؟
جواب : پنهنجي ٻولي کي نه وساريو، ان کي کڻي اڳتي وڌو۔ ۔ ۔:


Interview with Taj Joyo by 
This practical work was conducted under supervision of Sir Sohail Sangi,  April 2016 at Department of Media and Communication Studies, University of Sindh Jamshoro

No comments:

Post a Comment