Friday 8 April 2016

Interview with Nusrat Raza Mangi


نصرت رضا منگي
انٽرويو: نبيل احمد ابڙو
رول نمبر     2k15/MC/66
ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽيڊيز بي ايس پارٽ 2

زندگي به هڪ آرٽ ئي آهي: نصرت رضا منگي




سنڌ ۾ مجسمه سازي جو هنر انتهائي قديم وقت کان وٺي موجود آهي ۽ ان کي سنڌ ۾ وڏي قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو دنيا جي قديم ترين تهذيب جي مهندار موهن جي دڙي مان پڻ اسان کي ڪنگ پريسٽ ۽ ڊانسنگ گرل جا مجسمه مليا آهن. مجسمه سازي جي انهي هنر کي سنڌ جا ماڻهو اڄ به جيئن جو تيئن جاري رکيو پيا اچن ، جديد سنڌ ۾ هن وقت نصرت رضا منگي اهڙو مجسمه ساز آهي، جنهن هن فيلڊ ۾ وڏو نالو ڪمايو آهي. نصرت رضا منگي مجسمه سازي جي شعبي  اندر وڏو ڪم ڪيو آهي، جنهن ڪري کيس وڏي مڃتا پڻ ملي آهي.سندس صوفي ازم واري مجسمن جو چرچو پوري دنيا ۾ مشهور آهي.هن وقت سينٽر آف ايڪسيلينس مهراڻ يونيورسٽي جي فائن آرٽ شعبي ۾ هيڊ آف ڊپارٽمينٽ طور پنهنجون ذميواريون سر انجام ڏئي رهيو آهي،
هن نالي واري مجسمه ساز جو جنم 20 جون 1966ع ۾ خيرپور ميرس ۾ ٿيو، انٽر ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان پاس ڪئي. نصرت رضا منگي مجسمه سازي طرف ڪيئن آيو، هو انهي شعبي کي ڪيئن سمجهي ۽ ڏسي ٿو، اچو ته ان بابت سندس ويچار ٻڌون.

.
سوال: اوهان مجسمه ٺاهڻ ڪڏهن شروع ڪيا ۽ شوق ڪيئن پيدا ٿيو؟

جواب: مون کي ياد ناهي ته مان مجسمه ٺاهڻ ڪڏهن شروع ڪيا باقي منهنجي امڙ گهر ۾ مٺي جي چلهه وغيرو ٺاهيندي هئي، جنهن کي ڏسي مون کي شوق پيدا ٿيو ۽ مون پهريون مجسمو آسمان تي اڏندڙ ڪبوتر جو ٺاهيو هو، انهي مجسمي کي ڏسي امڙ منهنجي ڪم جي تعريف ڪئي هئي.

 سوال : اوهان ڪهڙن موضوعن تي ڪم ڪيو آهي ۽ ڪريو پيا؟
جواب: منهنجا موضوع هر دور ۾ مختلف رهيا آهن، پر منهنجي توجهه هميشه سنڌ جي مسئلن تي رهي آهي، اسان ان درد کي پنهنجي ڪم ذريعي دنيا تائين پهچايون ٿا. مثال طور سنڌ اندر قرآن کڻي ڏوهه بخشرائبا آهن ان تي منهنجو ڪافي ڪم ڪيل آهي، ان کان علاوه محمد علي ڀٽي سان لطيف سائين جو مجسمو ٺاهڻ دوران مون گڏ ڪم ڪرايو. پر هاڻ مان صوفي ازم تي ڪم پيو ڪريان ۽ هن ڪم جي مون کي ڀرپور موٽ پڻ ملي رهي آهي.

سوال: آرٽ هڪ وسيع فيلڊ آهي، پو اوهان مجسمه سازي ۾ ئي مهارت ڇو ڪئي؟

جواب: اين سي اي مان نيڪالي بعد مون سنڌ يونيورسٽي جي فائن آرٽ شعبي ۾ داخلا ورتي ۽ مون يونيورسٽي ۾ جڏهن پنهنجو پهريون ڊزائن ٺاهيو ته منهنجي استاد محمد علي ڀٽي اهو ڊزائن ڏسي چيو ته تون تمام بهترين تخليقڪار آهين ۽ هن مون کي مجسمه سازي ۾ مهارت ڪرڻ لا چيو ۽ منهنجي مدد پڻ ڪئي.

سوال : اوهان آرٽ کان علاوه ٻيو به ڪو ڪم ڪيو آهي ؟

جواب: جي بلڪل، جڏهن مان اين سي اي لاهور ۾ پڙهندو هئس ته شام جو اردو سائنس بورڊ ۾ بطور ايلسٽيٽر ڪم ڪندو هئس، جتي منهنجون ملاقتون مستنصر حسين تارڙ جهڙن ماڻهن سان ٿينديون هيون ۽ انهن وٽان سکڻ جو موقعو پڻ ملندو هو.

 سوال : اوهان کي اين سي اي مان ڪڍڻ جو ڪهڙو سبب هو؟
جواب: اهي ضيا جي آمريت وارا ڏينهن هئا ۽ پوري ملڪ ۾ سنڌين سان ماٽيلي ما وارو سلوڪ جاري هو، اسان سان به ڪاليج اندر ناانصافيون ڪيو وينديون هيون ۽ پنجابي ڳالهائيندڙن جي ڀيٽ ۾ اسان سنڌين کي مارڪون تمام گهٽ ڏنيون وينديون هيون، انهن ناانصافين خلاف اسان سنڌين هڪ تحريڪ هلائي ۽ ڪاليج جي آڊيٽوريم ۾ هڪ گڏجاڻي منعقد ڪئي هئي جنهن تان ان وقت جي پرنسپال عباسي عابدي مڇرجي اسان 7 سنڌي شاگردن کي ڪاليج مان نيڪالي ڏئي ڇڏي هئي.
.
سوال: عام طور چيو ويندو آهي ته هڪ آرٽسٽ ۾ مصوري جا گڻ ننڍپڻ کان هوندا آهن، ڇا اها حقيقت آهي؟

جواب: ڏسو، ونسٽ ونگائو 33 سالن جي عمر ۾ ڪم شروع ڪيو ۽ اڄ هو دنيا جي نالي وارن آرٽسٽن مان هڪ آهي، ته سکڻ ۽ پڙهڻ جي ڪا به عمر ناهي هوندي باقي هن ڪم لا مسلسل پريڪٽس جو هئڻ ضروري آهي ڇو جو هن ڪم ۾ وڌيڪ پريڪٽس سان ئي نکار ايندو آهي ۽ اوترو ڪم به سٺو ٿيندو آهي.

سوال: ملان ماڻهو چوندا آهن ته تصوير ٺاهڻ ۽ مصوري ڪرڻ حرام آهي، ان تي ڇا چوندا؟

جواب: اهڙن ملن کي چئو ته جڏهن هو پاڻ حج يا عمري تي ويندا آهن ته وڏيون تصويرون ڪڍرائيندا آهن، ته اسلام ۾ صرف تصويرون ٺاهڻ نه پر ڪڍرائڻ به حرام آهي.

 سوال: آرٽ جي پڙهائي تمام مهانگي آهي، پو غريب جو ٻار ڪيئن آرٽ طرف ايندو؟

جواب : اها بلڪل غلط ڳالهه آهي ته آرٽ جي پڙهائي تمام مهانگي آهي، آرٽ پڙهائي سان گڏوگڏ هڪ شوق به آهي، اسان جي يونيورسٽي ۾ غريب شاگرد به پڙهي رهيا آهن ۽ آرٽ جي پڙهائي برداشت جوڳي آهي، ايتري مهانگي به ناهي.

سوال: سنڌ اندر آرٽ اينڊ ڊزائن کي ڪيئن ٿا ڏسو؟

جواب: هن وقت سنڌ اندر آرٽ اينڊ ڊزائن پنهنجي عروج تي آهي ۽ ڪراچي آرٽ جي حوالي سان تمام اڳتي نڪري چڪو آهي، جتي آرٽسٽ کي پنهنجي ڪم جو بلڪل صحيح اجورو ملي ٿو، ۽ حال ئي ۾ اسان پنهنجي يونيورسٽي اندر انٽرنيشنل واٽر ڪلر جا مقابلا ڪرايا جنهن ۾ 32 غير ملڪي آرٽسٽن حصو ورتو، ته هن وقت دنيا ۾ سنڌ جي آرٽ جو تمام سٺو پيغام وڃي رهيو آهي.

سوال: اوهان جو ڪو پيغام؟

جواب: مان ان نام نهاد ملن ۽ ساڃاهه وندن کي چوندس ته اسان تي اجائي تنقيد نه ڪريو ڇو جو اسان آرٽسٽ تمام نازڪ هوندا آهيون، اسان کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏيو ته جيئن اسان قدرت جي خوبصورتي کي اڃا خوبصورت بڻايون.

Interview with Nusrat Mangi by Nabeel Abro 
Practical work was conducted under guidance of Sir Sohail Sangi, (April 2016)

No comments:

Post a Comment