Monday 11 April 2016

صوفي راڳي جمال الدين فقير جو انٽرويو





انٽرويو: ناصر لسڪاڻي
رول نمبر 2K15-MC-67
                           صوفي راڳي جمال الدين فقير
سانگهڙ ضلعي جي ڳوٺ ٻوٻي اسٽيشن ۾ 1952ع ۾ مصري فقير جي گهر ۾ هڪ ٻار جي پيدائش ٿي، جنهن جو نالو جمال الدين رکيو ويو. درگاهه منٺار فقير راڄڙ کپري جي مريد مصري فقير جمال الدين کي سندس ننڍپڻ کان ئي درگاهه تي وٺي ويندو هو، ننڍي هوندي کان ئي درگاهه سان تعلق هئڻ ڪري پاڻ صوفي راڳي طور اڀريا، جمال الدين فقير صرف پرائمري تائين تعليم حاصل ڪئي،  جمال الدين فقير 25 سالن جي ڄمار ۾ شادي ڪئي، کيس 9 ٻارن، چار ڌيئرن ۽ 5 پٽن جو اولاد آهي، پاڻ ريڊيو پاڪستان تان مشهوري ماڻي، کيس ڪيترائي ايوارڊ ملي چڪا آهن.

سوال:  سنڌ صدين کان صوفين جي ڌرتي رهي آهي، اڄڪلهه جي حالتن جا ڪهڙا ڪارڻ آهن؟
جواب:  سنڌ ڌرتي ڪيترائي انمول هيرا پيدا ڪيا آهن ۽ صدين کان صوفين جي ڌرتي رهي آهي، سنڌ ۾ سچل سرمست ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جهڙا شاعر ٿي گذريا آهن، جن ماڻهن کي ڀائيچاري، امن ۽ هم آهنگي جو درس ڏنو، نئين نسل پاران اهڙن شاعرن کي نه پڙهڻ ۽ تعليم جي گهٽتائي جي ڪري جهالت ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي،جنهن سبب ماڻهن ۾ برداشت نه رهيو آهي ۽ ماڻهو انتهاپسندي طرف وڃي رهيا آهن.

س: ماڻهن کي صوفي راڳ ڏانهن آڻڻ لاءِ ڪهڙيون ڪوششون ڪرڻيون پونديون.
ج: اڄڪلهه جو نوجوان نسل اصل راڳ کان پري ٿيندو پيو وڃي، اڄڪلهه جو نئون راڳ مثال طور راڪ ۽ پاپ يا اهڙي قسم جو راڳ اصل راڳ کي نقصان پهچائي رهيو آهي، غزل جون محفلون پڻ گهٽجنديون پيون وڃن، نوجوان نسل کي اصل راڳ ڏانهن واپس آڻڻ لاءِ اسان کي اصل راڳ ۽ پاپ جو نچوڙ ڪڍڻو پوندو، جنهن سان نوجوان نسل کي پاپ ميوزڪ ۽ اصل راڳ ٻنهي جو لطف اچي.

س: توهان جو پهريون پروگرام ڪڏهن ۽ ڇا تان نشر ٿيو؟
ج: منهنجو پهريون پروگرام 1988ع ۾ پي ٽي وي تان نشر ٿيو، ان بعد منهنجو هڪ انٽرويو ريڊيو پاڪستان تان نشر ٿيو،  ان بعد مختلف ريڊيو اسٽيشنن تان پروگرام نشر ٿيا.

س: اوهان پاڪستان کان ٻاهر ڪٿي ڪٿي پرفام ڪيو آهي؟
ج: راڳ ۽ ان جا چاهيندڙ هڪ فنڪار کي آسمان جي اوچاهين تائين پهچائي ڇڏيندا آهن، آئون  گورنمينٽ ڪلچرل ڊپارٽمينٽ طرفان اٽلي، جنيوا، سوئيٽزرلينڊ، لنڊن، بيلجيم ۽ آمريڪا سميت ترڪي ۾ به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي، جتي ماڻهن مون کي ڏاڍو ساراهيو.

س: راڳ سکڻ جي شروعاتي دور ۾ ڪهڙين تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو؟
ج: جيڪي ماڻهو ڪامياب ٿيا آهن، انهن سڀني پنهنجي مٿان تڪليفن، ڏکن ۽ سورن جا پهاڙ برداشت ڪيا آهن، انهن سڀني جيان مون کي به شروع واري دور ۾گهڻيون ساريون تڪليفون سهڻيون پيون، غريب خاندان سان تعلق هئڻ ڪري راڳ ۽ گهر جو گاڏو گڏيل طور هلائڻ لاءِ وڏي محنت ڪرڻي پئي.

س:  توهان جا ايسيتائين ڪهڙا البم رليز ٿي چڪا آهن؟
ج:  منهنجا ايسيتائين کوڙ سارا البم رليز ٿي چڪا آهن، جن مان ڪجهه هي آهن، ناز پروڊڪشن سڪرنڊ پاران ڏهه البم۽ اي اي قاسم ماڪا پروڊڪشن پاران ڏهه کان مٿي البم شامل آهن.

س: توهان جا مشهور ڪلام ڪهڙا آهن؟
ج: منهنجا گهڻا ئي ڪلام مشهور ٿيا پر  ڪجهه ڪلام اهڙا آهن، جن جي هر محفل ۾ فرمائش ٿيندي آهي، جهڙوڪ اها مٽي حڪم ڪريندي هزار، آئون نچڻ واري تنهنجي ڀولڙي ۽ هم صنم ڪي در سي شراب پي آئي. انهن ڪلامن مون کي عوام ۾ ڏاڍي مقبوليت ڏني.

س: قرآن شريف ڪيتري عرصي ۾ هٿ سان لکيو؟
ج: ڇهه کان ست مهينن ۾ قلمي نسخو ختم ڪيو، ڪراچي ميوزيم پاران اهو نسخو ميوزيم ۾ رکڻ لاءِ گهريو ويو، پر مون انڪار ڪري ڇڏيو.

س: توهان کي ايسيتائين ڪهڙن ايوارڊن سان نوازيو ويو آهي؟
ج:  مون کي ايسيتائين کوڙ سارا ايوارڊ مليا آهن، جيئن شاهه لطيف جا ٻه ايوارڊ، هڪ 2001 ع ۾ ۽ ٻيو 2013ع ۾، هڪ سچل سرمست ايوارڊ به مليو، پي ٽي وي طرفان به ٻه ايوارڊ ڏنا ويا آهن، آمريڪا  ۾ سانا ڪنوينشن ايوارڊ ، مصري شاهه ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي ايوارڊ مليا آهن.

 - April 2016 - Interview of Sufi Singer Jamal Fakir by Nasir Laskani 
Practical work was  conducted under guidance of Sir Sohail Sangi 

No comments:

Post a Comment