Friday 8 April 2016

Interview with Gobind Meghwar

Unchecked
گوبند ميگهواڙ
اسسٽنٽ ڪمشنر انڪم ٽيڪس ڪراچي
انٽرويو: آنند ڪمار
2K15/MC/19
گوبند ميگهواڙ 9 ڊسمبر1984ع تي عمرڪوٽ ضلعي جي ڳوٺ شادي پلي پراڻي ۾  لڇمڻ ميگهواڙ جي گهر ۾ جنم ورتو، هن پرائمري تعليم انهي ڳوٺ مان حاصل ڪئي ۽ گورنمينٽ بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول شادي پلي مان مئٽرڪ پاس ڪرڻ بعد وڌيڪ تعليم لاءِ حيدرآباد جو رخ ڪيو، ڊگري ڪاليج قاسم آباد مان انٽر پاس ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽي جي شعبي فارميسي ۾ داخلا ورتي، جتان فائنل بعد 2008ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ٻيلي کاتي ۾ ضلعي سطح جو آفيسر مقرر ٿيو، پڙهائي سان چاهه ۽ اڳتي وڌڻ جي جذبي کيس صرف ٻيلي کاتي ۾ ضلعي سطح جو آفيسر رهڻ نٿي ڏنو، جنهن ڪري پاڻ چٽاڀيٽي جي امتحان جي تياري ۾ رڌل رهيو. 2013ع ۾ سي ايس ايس پاس ڪري انڪم ٽيڪس کاتي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر مقرر ٿيو.
گوبند ميگهواڙ ننڍي هوندي کان ئي رسالن ۽ اخبارن ۾ لکندو هو، اڃا به سندس ڪالم ۽ رپورٽون ڪاوش، ڊان، دي نيوز ۽ ٻين اخبارن ۾ شايع ٿينديون رهن ٿيون.

سوال: اسڪول واري دور ۾ ڪهڙي شيءَ توهان کي اخبارن ۽ رسالن ۾ لکڻ تي مجبور ڪيو؟
جواب: مون کي ننڍي هوندي کان ئي رسالا ۽ اخبارون  پڙهڻ جو شوق هو، جنهن سبب اخبارن ۾ ٻارن واري سيڪشن ۾ لکڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ باقاعده اخبارن لاءِ لکڻ جي عادت پئجي وئي.

س:  ادب ڏانهن لاڙو هجڻ باوجود فارميسي جي ڊگري ورتي، اهو ڪيئن ٿيو؟
ج: بلڪل، اسان جي ڪميونٽي ۾ نوجوانن جو ڊاڪٽري شعبي ڏانهن تمام گهڻو لاڙو آهي، بدقسمتي سان ايم بي بي ايس ۾ داخلا نه ٿيڻ جي ڪري سنڌ يونيورسٽي جي شعبي فارميسي ۾ داخلا ورتي.سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهائي سان گڏوگڏ ادب سان به وابسطه رهيس، اتي عبدالقادر جوڻيجي، شوڪت شوري ۽ محمود مغل سان گڏ کوڙ سارا پروگرام ڪيا، فارميسي ڊپارٽمينٽ جي بلڪل سامهون عبدالقادر جوڻيجي جي سنڌالاجي ۾ آفيس هئي. جتان کانئس انگريزي جا ڪتاب وٺي پڙهڻ شروع ڪيا، سنڌ يونيورسٽي جي شاگردي واري دور ۾ ئي انگريزي اخبارن ۾ لکڻ شروع ڪيو.

س: ٻيلي کاتي ۾ نوڪري هئڻ باوجود چٽاڀيٽي جو امتحان پاس ڪيو، ڪهڙن مرحلن مان گذريا؟
ج: فارميسي جي ڊگري جيئن ئي پوري ٿي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ٻيلي کاتي ۾ ضلعي سطح جو آفيسر مقرر ٿيس ۽ ٽريننگ لاءِ ٻن سالن لاءِ پشاور هليو ويس،  پشاور جي پهاڙي ماحول ۾ زندگي ۾ وڌيڪ نخار آيو، نون ماڻهن ۽ نئين ڪلچر سان واسطو ٿيو، نوڪري جي نويت اهڙي هوندي هئي جو اسان جو واسطو ٻيلن ۽ قدرت سان هوندو هو،  جنهن سبب جمالياتي حفس وڌيڪ اجاگر ٿي ۽ پشاور ۾ رهڻ جو ٻيو اهو فائدو ٿيو جو اڪيڊمي جي لائبريري ۾ موجود سوين ڪتاب پڙهڻ جو موقعو مليو، پشاور مان ٽريننگ ختم ڪرڻ بعد سنڌ ۾ پوسٽنگ ٿي ۽ مختلف وقتن تي بدليون به ٿينديون رهيون، ٻيلي کاتي جي نوڪري سان گڏوگڏ چٽاڀيٽي جي امتحان جي تياري به جاري رکي ۽  2013ع ۾ امتحان پاس ڪيو.

س: شيڊول ڪاسٽ برادري جي نوجوانن مان ڪهڙي اميد رکو ٿا؟
ج: اسان جو هٿيار رڳو تعليم ئي آهي ۽ ان ۾ اسان جي نوجوانن وڏو نالو ڪمايو آهي، تعليمي ميدان ڏانهن نظر وجهبي ته گهڻو انگ شيڊول ڪاسٽ برادري جي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جو ملندو، جن صدين کان ڏاڍ، جبر ۽ استحصال کي منهن ڏنو آهي، اسان جي نوجوانن کي صحيح رهنمائي ملي ته اهي اڃا به وڌيڪ منزلون ماڻي سگهن ٿا.

س: اڄوڪي دور ۾ صحافت خاص ڪري سنڌي صحافت کي ڪيئن ٿا ڏسو؟
ج: سنڌي صحافت سنڌ جي قومي مسئلن تي سنڌ جي خيرخواهه ڌرين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل رهي آهي ۽ ڪيترن ئي موقعن تي ايجنڊه سيٽنگ جو ڪم سرانجام ڏنو آهي، ڪالاباغ ڊيم جو اشو هجي يا آدمشماري جو مسئلو، ڌارين جي آبادڪاري سميت ٻين مسئلن تي سنڌي صحافت ايجنڊه سيٽنگ جو ڪم ڪيو آهي.

س: اڄڪلهه سنڌي ۾ لکڻ بجاءِ انگريزي ۾ وڌيڪ لکو ٿا، هن جو ڪو خاص سبب؟
ج: انگريزي ميڊيا جو ڪينواس تمام وسيع آهي ۽ ان جي پڙهندڙ حلقي ۾ پاليسي ساز ادارا به شامل آهن ۽ ٻيو ته پاڪستان جي انگريزي ميڊيا کي ڪافي حد تائين غيرجانبدار سمجهيو وڃي ٿو، منهنجو انگريزي پرنٽ ميڊيا ۾ لکڻ جو اهو ئي سبب آهي ته سنڌ جي ثقافت ۽ مسئلن کي انهن ڌرين تائين پهچايو ۽ اجاگر ڪيو وڃي.

س: چٽاڀيٽي جي امتحان ۾ ڪاميابي لاءِ نوجوانن کي ڪهڙا مشورا ڏيندا؟
ج: چٽاڀيٽي جي امتحان ۾ ڪاميابي لاءِ وسيع معلومات، انگريزي ۾ مهارت ۽ لکڻ جي پريڪٽس گهربل آهي، اسان جي نوجوانن ۾انگريزي ڪتابن ۽ اخبارن جي پڙهڻ جو ڪافي رجحان آهي، پر چٽاڀيٽي جي امتحان ۾ ڪاميابي جي لاءِ پنهنجي علم کي چئنلائيز ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي، ان سان گڏوگڏ انگريزي ۾ لکڻ جي پريڪٽس تمام ضروري آهي، هاڻي ته حيدرآباد سميت سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ چٽاڀيٽي جي امتحان جي تياري جي لاءِ اڳ ۾ پاس ٿيل اميدوارن پاران رهنمائي جا سينٽر کوليا ويا آهن، جن کان رهنمائي وٺي امتحان ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهجي ٿي.

انٽرويو: آنند ڪمار
2K15/MC/19
بي ايس پارٽ ٽو
ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز

Interview with Goband Meghwar,  by Anand Kumar

 Practical work was conducted under supervision of Sir Sohail Sangi, at Department of Media and Communication Studies, University of Sindh (April 2016)

No comments:

Post a Comment