Friday 15 April 2016

نصير مرزا سان ٿيل ڳالهه ٻول


 مشهور براڊ ڪاسٽر، نثرنگار، شاعر ۽ ڪمپيئر نصير مرزا سان ٿيل ڳالهه ٻول
انٽريو وٺندڙ سنجها سيد

سوال: توهان پنهنجي ڪيريئر جو آغاز ڪڏهن ۽ ڪٿان کان ڪيو.
جواب: منهنجو بنيادي تعلق پڙهيل لکيل گهراڻي سان آهي شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ جيڪو جديد سنڌي ادب جو ابو سڏبو آهي ان جو سڳي ڀيڻ منهنجي ڏاڏي آهي تعليم جيئن هوندي آهي ته آئون پڙهندو رهيس پر منهنجو شوق اهو هو ته آئون ماس ڪميونيڪيشن ۾ ماسٽر ڪندس يا سنڌي ٻوليءَ ۾ ماسٽر ڪندس ۽ ايز اي استاد پنهنجي ڪيريئر جو آغاز ڪندس، پر منهنجي داخلا ماس ڪميونيڪيشن م ٿي ۽ مون ماس ڪميونيڪشن ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن حاصل ڪئي هئي، جيستائين ڪا جاب ملي آئون پنهنجي شوق سان نور محمد هاءِ اسڪول جي سيڪنڊ شفٽ ۾ ٽيچنگ ڪندو رهيس، ان دوران 1983ع ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ پروڊيوسرشپ لاءِ جابس آيون ۽ آئون پروڊيوسر ٿي ويس. ان کان پوءِ سينيئر پروڊيوسر ٿيس، مينيجر ٿيس، ڊپٽي ڪنٽرولر ، ڪنٽرولر کان پوءِ ريجنل ڊائريڪٽر ٿي 20 جولاءِ 2015ع ۾ ريٽائر ٿيس اهو آهي منهنجو جابس ۽ اڪيڊمڪ ڪيريئر.

سوال: ريڊيو پاڪستان جي ڪمپيئر ۽ اينڪر کي ٽريننگ جي ڪيتري ضرورت آهي ؟
جواب: منهنجو خيال آهي ته جيئن ڪنهن ٻار جي تعليم ميدان ۾ تربيت نه ڪبي ته اهو اڳيان وڌي نه سگهندو، اهڙي طرح ريڊيو هڪ هنري ادارو آهي، ان ۾ تربيت جو هئڻ لازمي آهي هڪڙو ته توهان جو ذوق آهي ٻيو توهان ميڊيا ۾ اچڻ چاهيو ته ضرور توهان ريڊيو ٻڌندا هوندا، ان جي ٿوري گهڻي اوهان کي خبر هوندي، هر اداري جو پنهنجون ضرورتون هونديون آهن ان لاءِ اسين ٽن ڳالهين جي ڄاڻ ڏيندا آهيون. جيئن ماڻهو کي زير، زبر ۽ پيش جي خبر هجي ۽ صحيح تلفظ وٺي سگهي، ريڊيو ۾ 99 پرسن  ڪم اسڪرپٽ جو هوندو آهي جيڪو مائيڪ تي وڃي پڙهبو آهي، هڪڙا سيکڙاٽ ڪمپيئر هوندا آهن ۽ هڪڙا وري پڙهيل لکيل طبقي مان ايندا آهن.مثال طور ادي تنوير جوڻيجو، محمود مغل، سيد ماڪن رضوي انهن کي ڪنهن به پروڊيوسر کي ٻڌائڻ جي ضرورت نه هوندي آهي، انهن کي صرف پاليسي ٻڌائي ويندي آهي هڪ ته وقت جي حڪومت خلاف ڪجهه ڳالهائي نه سگهجي ۽ ٻيو هيءَ اسلامي ملڪ آهي ان جي خلاف ڪجهه ڳالهائي نه ٿو سگهجي، جيڪا ڳالهه هر ڪمپيئر کي ٻڌائڻي پوندي آهي..

سوال: اڄ جي دؤر ۾ ڄاڻ ۽ تفريح جا ٻيا به ڪافي ذريعا آهن ان ۾ ريڊيو جي ڇا اهميت آهي؟
جواب: ريڊيو ٻن قسمن جا ٿين ٿا، هڪ ميڊيم ويز ٻيو ايف ايم چينل، ميڊيم ويز سرڪاري آهي ۽ ايف ايم پرائيويٽ آهي، ايف ايم مخصوص جڳهين تي ڪم ڪندا آهن اهي ماڻهو پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ ٻڌي سگهندا آهن، جيڪي سرڪاري ريڊيو آهن اهي پنهنجي ثقافت لوڪ ادب ۽ پنهنجي تهذيب جا محافظ هوندا آهن، براڊ ڪاسٽنگ جو اهو ڪم آهي ته پنهنجي ثقافتي سڀني شين کي بچائي ۽ انهن کي محفوظ ڪري ۽ ايف ايم جو ڪم رڪارڊ رکڻ نه آهي بس تڪڙيون تڪڙيون ڳالهيون تڪڙا تڪڙا مشهورا ڏيئي ماڻهن کي تفريح مهيا ڪرڻ آهي، پنهنجي موسيقي، ڊراما، ناول ۽ لوڪ ورثو بچائڻ ميڊيم ويز ريڊيو جو ڪم آهي.

سوال: توهان ريڊيو لاءِ ڪهڙيون ڪوششون ورتيون ۽ ڪهڙيون ڪاميابيون حاصل ڪيون؟
جواب: اهو بلڪل ائين آهي ته مون پيءُ جي صورت پنهنجي اولاد لاءِ ڇا ڪيو، آئون پيدائشي براڊ ڪاسٽر آهيان مون کي لڳو ته آئون ڄائو ئي ريڊيو لاءِ آهيان مون ايز اي پروڊيوسر پنهنجي نئي نسل جي ٽيلنٽ کي سامهون آندو مون پنهنجي عمر جا ماڻهو آندا، جن ۾ محمود مغل، سيد ماڪن شاهه رضوي، بخشڻ مهراڻوي وغيره ان کان مون پنهنجي عمر جا ڳائڻا ۽ ڳائڻيون آنديون ۽ نئي نسل جي ماڻهن کي متعارف ڪرايم جيئن ته آئون براڊ ڪاسٽر سان گڏ شاعر ۽ ليکڪ به آهيان ريڊيو جيڪو هڪ وڏي تاريخ آهي ان ۾ ڪافي وڏا ماڻهو رهيا آهن، انهيءَ تاريخ کي مون رٽرن فارم ۾ آندو ۽ اها تاريخ ٻارنهن سئو (1200) صفحن تي مشتمل آهي، هزارين ڪلاڪن جي رڪارڊنگ آهي، عظيم شخصيتن جا انٽرويو آهن، ڊراما، ڪهاڻيون وغيره، جيڪي اسڪول ٽيپ ۾ محفوظ هئا انهن کي اسان ڊجيٽلائيز ڪيو، اها تقريباً هزار ڪلاڪن جي رڪارڊنگ آهي جنهن کي مون اٺن سالن جي ۾ مڪمل ڪيو جنهن جو نالو حيدرآباد ڪيٽ لاگ رکيوسون، اهو ڪيٽ لاگ هزار صفحن تي مشتمل آهي ان کي آئون پنهنجي وڏي ڪاميابي سمجهان ٿو.

سوال: توهان شاعر به آهيو، شاعري جي باري ۾ ڇا چوندا؟
جواب: آئون شاعراڻه خاندان ۾ پيدا ٿيو آهيان ان ۾ نوي پرسن ماڻهو شاعر آهن يا شاعراڻو ذوق رکن ٿا، مونکي لفظن ۽ سُرن هميشه پاڻ ڏانهن ڇڪيو آهي، خوشبوءَ جي سنگ سنگ منهنجي شاعريءَ جو پهريون مجموعو آهي. ٻيو مجموعو آهي ٿي نه سگهيس شاعر جي نالي سان مارڪيٽ ۾ موجود آهي. ان کانپوءِ مون لاتعداد ڪتابن جا مهاڳ لکيا آهن.

سوال:-  توهان جو ڪو اهڙوڪتاب جيڪو اوهان کي گهڻو وڻندو هجي؟
جواب: منهنجو پهريون ڪتاب سفر من اندر جيڪو تمام گهڻو مشهورو ٿيو ۽ ان تي مون کي ايوارڊ به مليو اهو مونکي تمام گهڻو پسند آهي.

سوال:- ڪهڙي شاعر جي شاعري توهان کي وڌيڪ وڻندي آهي؟
جواب: سڀ کان پهرين ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي جيڪو پوري ڪائنات آهي، ان کان پوءِ شيخ اياز جنهن کان آئون گهڻو متاثر آهيان. ان کان پوءِ ڊاڪٽر تنوير عباسي، امداد حسيني ۽ جديد شاعرن ۾ اول ۽ آخر صرف هڪ نالو وٺندس، حسن درس جيڪو مون کي پسند آهي.

سوال:- ميڊيا ۾ عورت جو مستقبل ڇا آهي ۽ ان کي ڪهڙي نظر ڏٺو وڃي ٿو؟
جواب: منهنجي خيال ۾ عورت جو مستقبل روشن آهي، عورت جيتري پڙهيل لکيل هوندي اوتري ٺڳبي گهٽ، ادارن جا پنهنجا قانون هوندا آهن، جنهن جي ڪري ڪنهن مرد کي همت نه ٿيندي آهي اداري اندر رهي ڪا هلڪي ڳالهه ڪري سگهي ان ڪري سڀني کي محتاط رهڻو پوندو آهي.

سوال:-  توهان لکڻ ڪڏهن شروع ڪيو؟
جواب: آئون جڏهن ميٽرڪ ۾ پڙهندو هوس تڏهن کان مون ٻارن جا نظم لکڻ شروع ڪيا، منهنجا ادب ۾ ٻه استاد آهن هڪڙو سائين نثار حسيني ۽ ٻيو شيخ عزيز صاحب انهن مونکي لکڻ سيکاريو.

سوال:-  ڪهڙي موضوع تي لکڻ زياده پسند ڪندا آهيون؟
جواب: هر ماڻهو جي هڪ فطرت هوندي آهي مونکي اداس ميوزڪ وڻندي آهي اسٽار ڪينسر آهي ۽ آئون ان تي يقين ڪريان ٿو ته ڪينسر اسٽار وارا ماڻهو پراڻين ڳالهين دلچسپي وٺندا آهن، ان ڪري آئون ماضيءَ تي لکندو آهي، اڄڪلهه منهنجو موضوع آهي حيدرآباد شهر جي تاريخ لکڻ.

سوال: توهان اديب، شاعر ۽ براڊ ڪاسٽر آهيو، انهن سڀني ڪمن مان توهان فيورائيٽ ڪم ڪهڙو آهي؟
جواب:
 آئون بنيادي طور تي شاعر آهيان، مون پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو به آهي ته اها منهنجي خواهش آهي ته آئون جڏهن گذاري وڃان ته منهنجي قبر لکيل هجي ته هن قبر ۾ هڪ شاعر دفن آهي.

سوال: توهان جون ريٽائرمينٽ کان پوءِ ڇا مصروفيات آهن؟
جواب: ريٽائرمينٽ کان پوءِ آئون پينگهي ۾ لڏندو رهندو آهيان ۽ پنهنجي زال سان جيڪا پڙهيل لکيل خاتون آهي ان سان ڪچهري ڪندو آهيان ۽ ڪڏهن وري ڪتابن جا مهاڳ به لکندو آهيان ۽ ڪڏهن ڪڏهن جي نالي سان ڪاوش اخبار ۾ ڪالم به لکندو آهيان .

Interview of Naseer Mirza by Snajha Syed - April 2016
This practical work was  carried out under the guidance of Sir Sohail Sangi

No comments:

Post a Comment