Tuesday 5 April 2016

عباس علي شاهه چيئرپرسن سوشل ورڪ

Do not use English words. In interview no name but question and answer as I did. وجه is not sindhi word. Maintain space between one question and its answer and the another. As i have done. Improve language. For interview, profile and feature photo is must. I made some correction. Also see over all format

عباس علي شاهه چيئرپرسن  سوشل ورڪ
مسرت ٽالپر
رول  نمبر: 2k15/MC/65

عباس علي شاهه شعبه سوشل ورڪ ۾ چيئرپرسن  جي حيثيت سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيئي رهيا آهن ضلعي بدين جي ڳوٺ حاجي عبدالله شاهه سان تعلق رکن ٿا، پنهنجي ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾  ۽ وڌيڪ اسلاميه ڪاليج بدين ۾ تعليم حاصل ڪئي، سنڌ يونيورسٽي ۾ ماسٽر ڪرڻ کان پوءِ 2000ع ۾ سنڌ يونيورسٽي Teacher Assignment  منتخب ٿيا ان کانپوءِ Seniority  جي بنياد تي اڄ شعبه سوشل ورڪ ۾ چيئرپرسن  جي حيثيت سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيئي رهيا آهن

  • رياست ملڪ جي مسئلن ڏانهن ڏيان نه ٿي ڏي تنهن ڪري NGOs آيون.
  • NGOs جو مقصد اهو آهي ته پئسه ڪيئن ڪمائجن اهي پنهنجي ذاتي مقصد لاءِ اچن ٿيون.
  • تعليم صرف  نوڪرين لاءِ نه هوندي آهي تعليم هوندي آهي ڳالهين کي سمجھڻ لاءِ.
  • Local NGOs هڪ دڪان جي طرح آهي ته دڪان کوليون ۽ ان مان ڪمايون.
  • مونکي ائين ٿو لڳي ته NGOs ۽ گورنمينٽ ملي ڪري ماڻهن  کي بيوقوف بڻائين ٿيون.

سوال: توهان هن شعبي کي ڇو پسند ڪيو؟
عباس علي شاهه: هن ڪري جو هن ۾ Field Work گھڻو آهي، مون کي مختلف جڳهين تي وڃڻ ۽ مختلف ماڻهن سان ملڻ جو شوق گھڻو آهي، انهن جون ڳالهيون انهن جي ثقافت مون کي  وڻندي آهي، اسان جي سوشل ورڪ ۾ ماڻهن سان ميل ميلاپ گھڻو آ هي.

سوال: توهان ڪنهن Social Organization جا ميمبر آهيو؟
عباس علي شاهه: سڀني NGOs سان واسطو آهي، پر ميمبر ڪنهن جا نه آهيون سڀني NGOs سان اسين جڙيل آهيون، جيڪڏهن انهن جا پروگرام هوندا آهن ته انهن ۾ شرڪت ڪندا آهيون.

سوال: بدين ۾ ڪهڙا سماجي ڪم پيا ٿين؟
عباس علي شاهه: بدين سان منهنجو گھڻو  واسطو نه آهي، جيئن سنڌ ۾ مختلف NGOS  ۾ ڪم ڪن پيون ائين ئي بدين ۾ به مختلف NGOS ڪم ڪن پيون.  پر آئون NGOS جي ڪم سان گھڻو متفق نه آهيان ته ڇاڪاڻ ته اهي بهتر ڪم ڪون ٿيون ڪن ۽ جيڪو انهن کي ڪرڻ گھرجي اهو نه ٿيون ڪن.

سوال: اڄ سنڌ ۾ خاص طور تي ضلعي بدين جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ايترا اسڪول هئڻ باوجود ٻار انهن اسڪولن تائين ڇو نٿا پهچن؟
جواب: پهرين اها ڳالهه ته تعليم جو ڪم NGOs جو  نه آهي اهو ڪم رياست جو آهي ته هو تعليم کي اڳتي وڌائي پر اسان جي رياست ان ڳالهه ڏانهن ڌيان نٿي ڏي تنهن ڪري اسان وٽ NGOs آيون NGOs جي اسڪولن جو نتيجو سٺو نه آهي، بنيادي طور تي NGOs جو مقصد آهي ته پئسا ڪيئن ڪمائجن، اهي پنهنجي ذاتي مقصد لاءِ ڪم ڪن ٿيون ملڪ جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ NGOs جو ڪو مقصد هي ڪونهي.

سوال: ملڪ ۾ تعليم جي بربادي جون  وجه ڪهڙيون آهن؟
جواب: رياست انهن شين کي اهميت نه ٿي ڏي، تعليمي ادارا صحيح طريقي ڪم ڪرين ٿا، اسان جي زماني ۾  جيڪي اسڪول هئا انهن ۾ سٺي تعليم ڏني ويندي هئي تڏهن جا استاد پنهنجي ذميداري کي اهميت ڏيندا هئا، روز ايندا ۽ پڙهائيندا هئا، پر هاڻ اهو صاف طور تي هڪ ڪاروبار ٿي ويو آهي اڄ جي دور ۾ اسڪول گھڻا ته آهن پر انهن ۾ اها تعليم  نٿي ڏني وڃي ان جي وجه اها هي آهي ته رياست انهن شين کي اهميت نٿي ڏي رياست چاهي ٿي ماڻهو بيوقوف رهن اهي نه پڙهن ته جيئن اسان پنهنجو ڪم ڪريون.

سوال: ايتريون NGOs هئڻ جي باوجود Child labour  پاڪستان جو تعليم وانگر هڪ  وڏو مسئلو آهي اهو ڇو نٿو حل ٿئي ان جون ڪهڙيون وجه آهن؟
جواب:: جيڪي ٻار اسڪول نٿا وڃن پهرين اها ڳالهه ته اسڪول هلن ئي ڪونه ٿا ۽ ٻي اها ڳالهه ته اسان جا ماڻهو ائين ٿا سوچن ته جيڪڏهن اسان تعليم ورتي ته اسان کي ڪهڙو فائدو ٿيندو تعليم صرف نوڪري لاءِ نه هوندي آهي تعليم هوندي آهي ڳالهين کي سمجھڻ جي لاءِ اسان وٽ تعليم کي هڪ ڪمائي جو وسيلو سمجھن ٿا تعليم ڪمائي جو وسيلو ڪڏهن نه هوندي آهي، ماڻهو ائين ٿا سوچين ته اسان جا ٻار پڙهندا ته اهي ڇا ٿيندا؟ انهن کي نوڪري نه ملندي نوڪري نه ملندي ته پڙهي ڇا  ڪندا؟ تنهن جي ڪري اسان کي اها سوچ تبديل ڪرڻي آهي جيڪي ماڻهو پنهنجي ٻارن کي اسڪول  نٿا موڪلين گورنمينٽ انهن تي جرمانو رکي انهن تي سختي هئڻ گھرجي انهن تي سزا جا قانون ٺاهيا وڃن.

سوال: LOCAL NGOs جي باري ۾ توهان ڇا ٿا چئو؟
جواب: Local NGOs اسان وٽ هڪ ڪاروبار ٿي ويو آهي، اهو هڪ دڪان جي طرح آهي  ته دڪان کوليون ۽ ان مان ڪمايون ماڻهن جي انهن ۾ ڀلائي گھٽ NGOs جو فائدو گھڻو آهي، بنيادي طور تي انهن NGOs جو اقتدار گورنمينٽ وٽ هجڻ گھرجي ته جنهن ڪم جي اهي دعويٰ ڪن ٿيون اهي انهن ڪيا به آهن يا نه، مون کي ائين ٿو لڳي ته NGOs ۽ گورنمينٽ ملي ڪري ماڻهن کي بيوقوف پيون ڪن عام ماڻهو ويچارو بيوقوف ٿيو پوي.

سوال: سوشل ورڪر جي نوڪري لاءِ توهان ڇا ٿا سوچيو ته هڪ مرد بهتر رهندو يا عورت؟
جواب: اسان وٽ ماڻهن ۾ ڪو فرق نه آهي اسان وٽ مرد به هڪ انسان عورت به هڪ انسان آهي انڪري  اسان وٽ Gender Equality آهي، جيڪڏهن اسان مرد ۽ عورت ۾ فرق سمجھيون ته پوءِ سوشل ورڪ ڇا جو رهندو. اسان وٽ جيئن مرد ڪم ڪري سگھي ٿو ائين عورت به ڪري سگھي ٿي، شايد عورت ڪنهن جڳه تي مرد کان سٺو ڪم ڪري سگھي ٿي.
سوال: NGOs پنهنجيون زميواريون بهتر طريقي سان نه ٿيون پوريون ڪن ان لاءِ توهان کي ڇا ٿو لڳي ته ڇا ڪرڻ گھرجي؟
جواب: NGOs ۾ جيڪي به ماڻهو هجن اهي سوشل ورڪ يا ته Sociology  جا هجن ڇاڪاڻ ته اهي بنيادي طور تي اهي سماج جي حوالي سان شيون پڙهن ٿا، انهن کي  خبر هوندي آهي ته ماڻهن جا مسئلا ڪيئن حل ڪجن اسان وٽ NGO۾ ڪمائي لاءِ Physics, Chemistry & English شعبه جا ماڻهو ويندا آهن، جنهن وٽ سماج جا مسئلا حل  ڪرڻ جا طريقا نه آهن ان ڪري NGOs ۾  سوشل ورڪ ۽ Sociology جا ماڻهو هجن.

سوال: ماڻهن جي غلط سوچ ۽ رويي کي ڪيئن تبديل ڪيو وڃي؟
جواب: اسان وٽ نصاب تعليم اهڙو جيڪو ماڻهن جي ذهين کي تبديل ۽ روشن نٿو ڪري، ان ڪري نصاب تعليم کي تبديل ڪيو وڃي ان کي بهتر بنايو وڃي ان سان ماڻهن ۾ بهتري ايندي.

سوال: ميڊيا سوشل ورڪ ۾ ڪيتري مددگار آهي ۽ ڪيئن مددگار ٿي سگھي ٿي؟
جواب: ميڊيا بلڪل سوشل ورڪ ۾ مددگار آهي ماڻهو گھڻي توجه ميڊيا کي ڏين ٿا ته بهتر آهي ته ميڊيا پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ماڻهو ايترا ڪتاب نه پڙهندا آهن جيترا ماڻهو ٽي وي ڏسندا آهن تنهنڪري اهڙا پروگرام نشر ڪيا وڃن جنهن سان ماڻهن کي سماج جي خبر پئي.

سوال : سماج ۾ اهڙو ڪو مسئلو جيڪو توهان حل ڪرڻ چاهيندا آهيو؟
جواب: منهنجي نظر ۾ سڀ کان  وڏو مسئلو تعليم آهي ته تعليم کي بهتر بنايو وڃي اگر تعليم بهتر هوندي ته سڀ مسئلا حل ٿي ويندا ڇو جو اسان جا جيڪي گھڻا مسئلا آهن اهي جھالت جي ڪري آهن انهن ۾ گھڻن پئسن جي ضرورت نه آهي عقل جي ضرورت آهي عقل سان تمام مسئلا حل ٿي سگھن ٿا جاهل مسئلا حل نه ڪندو ان کي ٻيڻو خراب ڪندو اسان وٽ تعليم اهڙي هئڻ گھرجي جنهن سان مسئلا حل ٿي سگھن.

سوال: نواجوانن کي ڪيئن سوشل ورڪ جي طرف آندو وڃي.
جواب:: سڄي دنيا جا جيڪي نوجوان هوندا آهن اهي سماجي ڪمن ۾ حصو وٺندا آهن پر ڳالهه اها آهي ته اهي شيون پرائمري، سڪنڊري ۽ هائي اسڪول کان سيکاريون وڃن. بنيادي طور سوشل ورڪ جي تعليم اسان کي پرائمري کان هلائڻ گھرجي.

سوال : نوجوانن لاءِ ڪو پيغام؟
جواب: پهرين ڳالهه ته نوجوان دنيا کي ڏسن دنيا ۾ ڪهڙا ڪم پيا ٿين ڪهڙي ترقي پئي ٿي ڪيئين پئي ٿي، انهن تي ڌيان ڏين. دنيا ترقي ڪئي آهي اها سائنسي تعليم سان ڪئي آهي، تنهنڪري اڄ جو  نوجوان سائنسي تعليم کان پري نه هجي، دنيا ۾ اهي ملڪ جيڪي سوين سال اڳ ڪجھ نه هئا.  اهي هاڻي ترقي ٿا ڪن انهن اها ترقي ڪيئن ڪئي نوجوانن کي اهو ڏسڻ گھرجي سائنس کان پري نه ٿين ڇو جو سائنسي تعليم انهن لاءِ تمام ضروري آهي.

No comments:

Post a Comment