Wednesday, 12 October 2016

Quratulain Feature


 ur name, roll number  are missing in the file
Not reporting based 
 No photo 


شهباز بلڊنگ حيدرآباد

 

حيدرآباد جيڪو سنڌ جو ٻيو نمبر وڏو شھر  آھيٖ  ۽ ٿڌي ھوائن جي ڪري هڪ خاص سڄاڻپ رکي ٿو، انڪري اتان جي ٿڌي سڙڪ مشهور سڙڪ آھي جيڪا انگريزن جي دور ۾ صفائي سٿرائي ۾ پڻ پنهنجو مٽ پاڻ ھئي ان ئي سڙڪ تي شھباز بلڊنگ جو بنياد 1956ع ڌاري رکيو  ويو ، هن بلڊنگ جو بنياد حيدرآباد ۾ ان ڪري رکيو ويو جو هڪ ته حيدرآباد  صوبي جو ٻيو وڏو شهر هو ، ٻيو جيئن ماڻهن کي سرڪاري ڪم لاء اچڻ وڃڻ ۾ سهولت حاصل ٿئي ، هي اٗ هو دور هو جڏهن سنڌ تي ون يونٽ لاڳو ڪري سنڌ جي اصل حيثيت کي ختم ڪيو ويو هو، ۽ ان ئي ڪري ھن بلڊنگ کي پھريان ون يونٽ بلڊنگ سڏيو ويندو هو ، جنهن ۾ پوري سنڌ جي سرڪاري ادارن جي هيڊ آفيسن جو ڪارونهوار هلندو هو  ، جنهن جي ڪري هن بلڊنگ کي حيدرآباد ريجنل آفيس به سڏيو ويندو ھو، ڇاڪاڻ ته ان وقت سنڌ کي ٻن ريجن ۾ ورهايو هو هڪ خيرپور ، ٻيو حيدرآباد ، حيدرآباد ريجن جي هر سرڪاري آفيس جو ڪارونهوار هن بلڊنگ ۾ هلندو هو۔
ون يونٽ جي قانون ٽٽڻ کانپوء ون يونٽ بلڊنگ جو نالو مٽائي شهباز بلڊنگ رکيو ويو، ان وقت کان اڄ تائين سنڌ صوبي جون سرڪاري آفيسون هن بلڊنگ ۾ پنهنجون خدمتون سر انجام ڏئي رهيون آهن جن ۾ اريگيشن واٽر مينيجمينٽ، ڪمشنر حيدرآباد،  ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد،  سڪريٽريٽ بورڊ آف.......،  ڊي آء جي پوليس حيدرآباد، واپڊا ، ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن ۽ ٻيون آفيسون پڻ ڪم ڪري رهيون آهن۔
ان کان علاوه نيشنل بينڪ آف پاڪستان جي  به هڪ برانچ ان بلڊنگ ۾ ڪم ڪري رهي آهي جنهن سان شهباز بلڊنگ ۾ ڪم ڪندڙ سرڪاري ملازمن کي پئسن جي ڏي وڻھ ۾ آساني پيش اچي ٿي جهڙوڪ پگھارون وڻھڻ ، پئسا آن لائين ڪرڻ ، آڪائونٽ ۾ رقم جمع ڪرائڻ وغيره ۔
ڪمشنر جي آفيس جيڪا شهباز بلڊنگ جي مين آفيس  جنهن ۾ ضلعي جي اعلي آفيسرن  جون عام گڏجاڻيون ٿينديون رهنديون آهن ۽  سرڪاري ملازمن جا مسئلا حل ڪيا ويندا آهن ، ڪڏهن ڪڏهن صوبي جو وزير اعليٰ ۽ رونيو جو وزير اچي ھن بلڊنگ ۾ موجود خاتن جي ڪارڪردگيء جي جانچ ڪري ڃاڻ حاصل ڪندا آهن ۔
هن بلڊنگ ۾ سڄو ڏينهن ضرورت مند ماڻهن جي سرڪاري ڪارونهوار لاء آمد و رفت رهي ٿي ، ۽ ضرورتمند ماڻھو جي مدد ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي ، هي بلڊنگ حيدرآباد جي عمارتن ۾ الڳ سڃآڻپ رکي ٿي ۔

No comments:

Post a Comment