Tuesday, 11 October 2016

فيچر عبدالسبحان جمالي



فيچر
عبدالسبحان جمالي
بي ايس پارٽ: ٻيون
2K15/MC/05 :رول نمبر
 سنڌ يونيورسٽي

تعليم جي هن ميدان ۾ جتي ڪيتريون ئي جديد يونيورسٽيون موجود آهن، اتي ڄامشوري جي پٿريلي ڌرتي تي من موهيندڙ هوائن ۾ رقص ڪندڙ سنڌ يونيورسٽي به آهي جيڪا 1947ع کان قائم ٿيل آهي، جنهن علمي توڙي ادبي سفر ۾ پنهنجو پاڻ ملهايو آهي، يوڪلپٽس جي وڻن ۾ گهيريل، سنواريل هن اداري انيڪ ڪردار پيدا ڪيا آهن، جن علمي طور هن ورسٽي جي ڪُک مان جنم ورتو،  وڏو نالو ڪمايو ۽ هميشه لاءِ امر ٿي ويا، تاريخي پسمنظر تي نظر وجھنداسين ته هن پٿريلي ڌرتي تي حليم باغي ۽ ٻين ڪيترن ئي نالي وارن ڪردارن هن يونيورسٽي مان علم پرايو.
علمي ميدان ۾ هن جديد دور جي اندر سنڌ يونيورسٽي اڄ جي نئين اڀرندڙ نسل لاءِ بهترين راهه آهي، 57 ڊپارٽمينٽن تي مشتمل هن ورسٽي مان لڳ ڀڳ 30 هزار شاگرد توڙي شاگردياڻيون تعليم پرائين ٿا، مختلف ڊپارٽمينٽن سان مالا مال هن اداري ڪيترائي شاگرد ترقي جي راهه ڏانهن گامزن ڪيا آهن.


ساوڪ جي سيج ۾ سجندڙ آرٽ فيڪلٽي هن ورسٽي جي دل جي سونهن سندي ويندي آهي، جيڪا 1951ع ۾ تعمير ٿي، جنهن ۾ پڻ ڪيترائي ڊپارٽمينٽ آهن، جنهن ۾ سنڌي ادب جي وڏن ڪردارن کي نالو ڏيندڙ سنڌي ڊپارٽمينٽ به شامل آهي، ان سان گڏوگڏ سوشالاجي، سوشل ورڪ، پوليٽيڪل سائنس، جنرل هسٽري، مسلم هسٽري، اسلامڪ ڪلچر، عربي، اردو،  انٽيرنيشنل رليشنس، سائيڪولاجي، اڪانامڪس، ڪرمنالاجي ۽ پهرين فلور جي ڏاڪڻين کان وٺي ٽئين فلور تي موجود فلاسافي ڊپارٽمينٽ به شامل آهي، فلاسافي جي فلاسفرن ته هر روح کي راحت ڏيندڙ محبت پکيڙي هن فيڪلٽي کي هڪ نانءُ ڏنو آهي، جنهن جي گئلري مان ٽئين فلور کان انيڪ چهرا روزانا اکين ۾ قيد ٿيندا رهندا آهن، جيڪي هر روز ڪنهن نه ڪنهن جي قاتل نگاهن جو نشانو بڻجندا رهندا آهن، حسن جي هندوري جو ڏيک ڏيندڙ هن ورسٽي ۾ انيڪ جوڙا به محبت جي رنگن ۾ رنگيل آهن، جتي دلين جي راند جاري ۽ ساري آهي، محبتون جفائون، خفائون ۽ وفائون به هن هوائن ۾ هلنديون رهن ٿيون، جتي ڏک سک جا هي ساٿي وقت جي وهڪرن ۾ هڪٻئي جو ساٿ نڀائڻ جا پيا وچن ڪندا آهن ته ڪي وري هڪڙي دلڙي سان پيا ڳالهيون ڪندا آهن ته ڪي وري پنهنجون ساروڻيون ياد پيا ڪندا آهن.
فيڪلٽي کان اڳتي پٿرن کان ٺوڪرون کائيندي ماس ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ جيڪو 1977ع ۾ جرنلزم ۽ هاڻ 1985ع کان ماس ڪميونيڪيشن نالي سان موجود آهي ۽ اڳيان انگلش ڊپارٽمينٽ جيڪو 1953ع ۾ قائم ٿيو، انهن جا به انيڪ منظر ڏسڻ وٽان آهن، جيڪي هن ورسٽي جا مک ڊپارٽمينٽ پڻ ڪوٺيا وڃن ٿا، ادبي سفر ۾ به هي ورسٽي نامياري آهي، سينٽرل لائبريري جتي هر قسم جا ڪتاب پڻ مهيا ڪيا ويندا آهن جيڪي پڙهي شاگرد پنهنجي علم جي اڃ اجھائيندا آهن، ان سان گڏوگڏ اتي ڪمپيوٽر ليب، نيوز پيپر هال، ڊسڪس هال پڻ موجود آهن، جتي روزانو ڪيترائي شاگرد ادب سان رلي جهلي ويندا آهن، سي ايل جي پويان وارو منظر به انيڪ يادون کڻي ايندو آهي، جتي روزانو ڪيترائي جوڙا هڪٻئي جو انتظار ڪندي پڻ نظر اچن ٿا ۽ آس پاس موجود ورسٽي جي ڪئنٽينن تي به شاگرد طبقو پنهنجي اُڃ اجهائڻ خاطر ٻه پل ويهي دوستن سان منڊليون مچائيندا رهندا آهن.
سنڌ يونيورسٽي جا هاسٽل به هن هوائن جو حصو آهن، جتي پوري سنڌ توڙي ٻين ملڪن ۽ صوبن مان ايندڙ ڪيترائي شاگرد ۽ شاگردياڻيون رهندا آهن، جيڪي تعليم پرائي رهيا آهن، هاسٽل جو يادون به يقينن وسرڻ جهڙيون ناهن هونديون، جيڪي هر ڪنهن کي نانگ جي ڏنگ جيان ڪکڻ اينديون آهن، هاسٽل جا ته رنگ ئي پنهنجا آهن، نوان چهرا، مختلف سوچون، مختلف خيال، مختلف زبانون، مختلف رهڻي ڪهڻي مطلب ته وڻ وڻ جي ڪاٺي گڏ ٿيڻ وارو عمل آهي، جيڪي مانائتو آهي، شاگردياڻين جي ماروي هاسٽل به حسن جي هندوري جيان سدائين مرڪندي ٿي رهي، جنهن جي ساراهه ته حيدرآباد توڙي ڄامشوري جي هر هنڌ ڪئي ويندي آهي، بهار جي موسم جيان من کي موهيندڙ هي هاسٽل جتي پکين جي مٺي لات جيان مٺيون ٻوليون به ٻڌڻ ۾ ملن ٿيون ته گلاب جي گل جهڙا ماڻهو به ڏسڻ وٽان ملن ٿا، جيڪي هر ڪنهن جي دل تي ڌڙا هڻڻ بنا رهي نٿا سگهن وري جڏهن جون جو مهينو ايندو آهي ۽ گرمي پنهنجا پر کولندي آهي تڏهن هاسٽل تي رهندڙ شاگرد موڪلون ملهائڻ ۽ پنهنجي امڙ جي هٿن جي ماني کائڻ لاءِ ڳوٺن ڏانهن نڪري پوندا آهن ۽ ناريون به واپسي  جا وائدا وچن ڪري پنهنجي سڳنڌ هوائن ۾ ڇڏي روانيون ٿي وينديون آهن.
يونيورسٽي جي پوائنٽن جو سفر به شاگردن لاءِ يادگار سفر هوندو آهي، ڪڏهن پُٺارڪ ۾ ته ڪڏهن ڀري ۾ جي پهاڪي جيان  ورسٽي جي پوائنٽ جي سفر ۾ به ڪڏهن ڏک ۾ ته ڪڏهن سک ۾، ڪڏهن اڪيلو ته ڪڏهن گڏ، ڪڏهن ويٺي ته ڪڏهن بيٺي، ڪڏهن گيٽ تي لٽڪيل ته ڪڏهن مٿي ڇت تي چڙهيل پنهنجي منزل تي پهچڻ شاگردن لاءِ وڏو امتحان هوندو آهي، جيڪو به انيڪ يادون ڇڏي ويندو آهي.

سنڌي ثقافت کي به سنڌ يونيورسٽي هڪ ميوزيم سنڌالاجي ۾ سهيڙي عوام لاءِ تفريح جو موقعو فراهم ڪرڻ ۾ به اثرائتو ۽ قابل تعريف جوڳو عمل ڪيو آهي، جتي پراڻي دور جون شيون ۽ مختلف تاريخي ميوزيم جي صورت ۾ جڙيل آهي، جنهن ۾ سنڌ جي وڏن ڪردارن جي تاريخ بابت ڄاڻ شامل ڪيل آهي، انهن جا ڪارنر پڻ ٺاهيا ويا آهن.
سنڌ يونيورسٽي هر لحاظ کان پنهنجو فرض نڀائيندي اثرائتا قدم کڻي رهي آهي ۽ تعليمي توڙي ادبي سفر ۾ جديد دور ڏانهن روان دوان آهي، جيڪا مستقبل جي نوجوانن لاءِ بهترين عمل آهي.


No comments:

Post a Comment