Tuesday, 11 October 2016

شيرزمان کوسو فيچر

شيرزمان کوسو 
2k15/mc/82
Bs part 2
فيچر: مٽياري جي هٿ جا هنر

مٽياري جي هٿ جا هنر
مٽياري کي جيڪڏهن هڪ گھڻ رخو ضلعو چيو وڃي ته ان ۾ ڪو وڌاءٌ نه ٿيندو. ادب کان وٺي مذهب تائين، ثقافت کان وٺي آرٽ تائين ۽ زراعت کان وٺي صنعت تائين سڀني ميدانن پاڻ ملهايو آهي. مٽياري ۾ هٿ جو هنر هڪ اهڙو فن آهي جيڪو هن ضلعي کي ٻين ضلعن کان مٿين سطح تي آڻي بيهاري ٿو. آئيس ڪريم، حلوو ۽ مائو مٽياري شهر جون بهترين شيون ليکجن ٿيون جن کي مختلف شهرن کان ماڻهو اچي خريد ڪن ٿا. نه فقط ايترو پر ڪراچي ۾ صوبائي سطح تي ڪيل ڱڏجاڻين ۾ پڻ پيش ڪيون وڃن ٿيون،جيڪا  ضلعي هڪ اعزاز جي ڳالھ آهي. مٽياري ۾ هٿ جو هنر صرف کاڌي جي شين تائين  محدود ناهي پر اهو فن  ثقافت،عمارت سازي،جنڍي،دستڪاري ۽ ڪاشيڱري تائين وسيع آهي.
مٽياري جو تعلقو هالا هٿ جي هنر جو مرڪز آهي جنهن کي ثقافتي شهر به سڏيو وڃي ٿو. هتي سنڌي ثقافت جي هر شي ٺهي ٿي جن ۾ ٽوپي، اجرڪ، رلي، دٻڪي، ونجھڻي، دلو، جھولا، ليڊي پرس ۽ چوڙيون شامل آهن. مطلب ته هالا شهر سنڌي ثقافت تي ڪم ڪرڻ ۾ اولين نمبر تي آهي. سنڌي ثقافت وارن شين تي بهترين چٽ سازي ڪئي ويندي آهي. اُن کان علاوه مذهبي عمارتن ۾ ڪم آيل شين تي سٺي نموني گلسازي به ڪئي ويندي آهي. هتي شهر کان ٻاهران ايندڙ ماڻهو پنهنجي مرضي مطابق شيون ٺهرائي انهن تي مرضي سان ڪجه لکرائيدا آهن. جڏهن ڪاريگرن کان اجرڪ ٺهڻ جو ڪم پڇيو ويو ته ان مان هڪڙي جواب ۾ چيو ته اجرڪ ٺهڻ جا ڪل 14 مرحلا آهن، جن کان بعد اجرڪ پنهنجي اصل صورت ۾ ٺهندو. انهن جو اهو به چوڻ هو ته هتي هڪ شيءَ جي ٺهڻ جو عمل 10 کان 15 مرحلن تائين آهي. جڏهن ٿانو جي ٺڪرن تي چٽ سازي ڪئي ويندي آهي ته ان کان اڳ ان ٺڪرن جي ٿانون کي 10 کان 15 ڪلاڪ باھ جي بٺي ۾ رکڻو پوي ٿو. هالا ۾ کاديءَ جو ڪپڙو به تمام مشهور آهي جنهن جا تقريبن 28 ڪارخانا هالا ۾ ملن ٿا. هن ڪپڙي جي هڪ خصوصيت هي آهي ته هي سياري ۾ گرم ۽ اونهاري ۾ ٿڌو محسوس ٿيندو آهي. هي ڪپڙو سنڌ جي ڪيترن ئي ننڍن وڏن شهرن ڏانھن موڪليو ويندو آهي.
مٽياري ۾ هنرمندي جي ڪاميابي جو راز هي آهي ته ڪاريگر نسل در نسل اِهو ڪم ڪندا اچن ٿا جن ۾ ڪوري، ڪنڀار ۽ سومرا شامل آهن. انهن مان ڪوري ڪاريگرن جو چوڻ هو ته انهن جو نسل ٽي سو سالن کان هٿ جي هنرمندي جو ڪم ڪندو اچي ٿو. مطلب ته قديم عرصي کان قديم ماهِرن جي سرپرستي ۾ ثقافتي ۽ هنرمندي جو ڪم جاري ۽ ساري آهي. ٻيو ته ڪاريگر شيون ٺاهڻ دوران اهڙو ڪو به مرحلو نه ٿا ڇڏين جيڪو هنرمندي جي ناڪامي جو سبب بڻجي. ٽيون ته مٽياري ضلعي ۾ ٻٻر ۽ ٽالي جو ڪاٺ مظبوط هجي ٿو، جيڪي واڍڪي ڪم کي مظبوط ڪرڻ جو ضمانت آهن. ٻٻر جي ڪاٺي ڪرسي،ميز،الماڙي،در،دروازا،کٽ ۽ پينگھو ٺاهڻ ۾ ڪم اچي ٿي. اِنهي ڪري سڄي سنڌ مان هالا ۾ هنن شين جا خاص آرڊر ڏنا ويندا آهن.
مٽياري جي هٿ جي هنر ۾ عورت جو به وڏو حصو رهيو آهي جيڪي پنهنجي هنرمندي ذريعي ٻارن جي پرورش ڪن ٿيون ۽ ان سان گڏوگڏ ثقافت کي فروغ ڏيڻ ۾ مصروفِ  عمل آهن. هالا ۾ عورتون سال ۾ 14 هزار جي قريب ثقافتي شين جو وڪرو ڪن ٿيون، جن ۾ رلي، گندي، دسترخوان، سڳيون ۽ موڙ شامل آهن ۽ انهن شين تي ڀرت ڀرڻ جي مهارت رکنديون آهن. ٻيو ته هٿ جا هنر آمدني ۽ گذاري جو زريعو آهن. ڪم دوران ڪاريگرن کي ڪيترن ئي مشڪلاتن جو منهن ڏيڻو پئجي ٿو، پر تنهن جي باوجود به ڪاريگر پنهنجي ابن ڏاڏن جي ڪم سان سچا رهندا اچن ۽ سنڌي ثقافت کي فروغ ڏيڻ ۾ مصروف آهن. ضرورت هن عمل جي آهي ته سرڪار انهن لاءِ وظيفو مقرر ڪري ۽ بنيادي سهولتون مهيا ڪري.

No comments:

Post a Comment