Wednesday, 12 October 2016

جي ۔ او ۔ آر ڪالوني حيدرآباد

Many spelling mistakes  like ڪلوني ,  لا طيف, 
This is not feature. feature is reporting based and basic purpuse is entertainment, therefore info is given in interesting manner. and that is not there.
Intro is weak 
 Do not use English words.
Desipte repeated instructions U did not write ur name  roll number etc. it will be difficult at the time of assessment, bcz  this piece will not be shown with ur name. 
For feature, interview and profile photo is must

  
"جي ۔ او ۔ آر ڪالوني حيدرآباد جي تاريخ"
جي او آر ڪلوني هڪ اهڙي ڪلوني آهي جيڪا پنهنجي نالي سان نه بلڪ جي او آر جي نالي سان سڏي ويندي آهي  ۽ انهي نالي سان مشهور  آهي ،  جيڪا اصل ۾  لا طيف آباد يونٽ : 1 آهي، جي او آر ڪلوني جو فل فارم گورمينٽ آفيسر ريسيڊينس آهي ڇو جو اتي گورمينٽ آفيسر رهائش  پذير آهن، هي ڪلوني حيدرآباد جي ٻن مشهور علائقن جي وچ ۾ آباد آهي هن جي سامهون ٿڌي سڙڪ وڃي ٿي ۽ هن جي پويان حيدرآباد جي رونق ٻين لفظن ۾ چيو وڃي ته حيدرآباد جو دل آٽوڀان آهي  انهي سان لڳو لڳ ريلوي اسٽيشن به آهي چيو وڃي ٿو ته هي ڪلوني 60سالن کان به پهرين جي ارصي جي آهي ۔جي ڪالوني ٻن حصن تي مشتمل آهي هڪ حصو جيڪو گورمينٽ ايريا ۾ اچي ٿو ۽ ٻيو حصو جيڪو سول ايريا ۾ اچي ٿو   ، جيڪو گورمينٽ ايريا آهي انهي ۾ ڪمشنر هائوس به آهي انهي ايريا ۾ ڪافي ريسٽ هائوسس ۽ سرڪٽ هائوس به آهي  جن ۾ هائي وي ريسٽ هائوس ، رونيو ريسٽ هائوس ۽ ٻيا به ڪافي ريسٽ هائوسس آهن  ، سرڪٽ هائوس ۾ هڪ قديم مندر آهي جنهن ۾۾ ساليانو ميلو لڳندو آهي ۽ پري پري کان عقيدتمند اچي حاضري ڏيندا آهن، هن ڪلوني ۾ مختلف محڪمن جا دفتر به موجود آهن جنهن ۾ نمايان طور تي  ڊاريڪٽر ان فارميشن آفيس، واپڊا آفيس، ايڪسائيز آفيس، اولڊ ايج بينيفٽس آفيس ۽ آئي بي اي آفيس آهن ۽انهن سان گڏوگڏ  ٻين سرڪاري ادارن جا دفتر پڻ موجود آهن ۔ هن ڪلوني ۾ اسپيشل چلڊرن ۽ سماعت کان محروم ٻارن جو اسڪول به موجودآهي۔، انگلش کان وڻھي سنڌي ۽ اردو ادارا سکيا لاء موجود آهن جنهن ۾ ذاتي ۽سرڪاري اسڪول آهن حيدرآباد جا مشهور ڪالج به آهن  اسڪول ۽ ڪاليجن سان گڏوگڏ نمل يونيورسٹي به آهي ۔
اينٽي ڪرپشن آفيسرس جي رهائش گاه هتي موجود آهي  اليڪٽرون ڪميشن   آفيس،اينٽي ٽيريرسم ، ميٽرنٽي هوم، نادرا آفيس، ڪورٽ ۽ تعلقي مختيارڪار جو دفتر به هتي جيئن ريلوي اسٽيشن ڪلوني جي پاسي ۾ هئڻ ڪري هتي جي ماڻهن جي موت جو ڪارڻ به بڻجي ٿي۔
چيو ٿو وڃي ته ڪافي سال پهرين هڪ احمد نالي شخص ريلوي تان روز رات جو گذرندو هو ڇو ته هو پيزا ٽريڪ تي ڪم ڪندو هو، هڪ رات ان کي ڪنوار جي روپ ۾ عورت نظر آئي ۽ ان ڏينهن کان پوء اها عورت روز هلندي هئي آهسته آهسته احمد ان سان دوستي ڪري ڇڏي عورت احمد کي سختي سان روڪيو ته موسان واعدو ڪر ته ٻه شيون نه ڪندي هڪ منهنجي دوستي جو ذڪر ڪنهن ٻئي سان ۽ ٻيو شادي، احمد ان جي واعدي ڪو ڀرم رکندي ها ڪئي ۽ پوء هڪ ڏينهن مذاڪ مستي ۾ اها ڳاله پنهنجي دوستن سان ڪئي اتي ان ئي وقت ان کي ڪياڙي وارو ڌڪ لڳو ۽ پوء جڏهن گهر اچي ستو ته صبح مائٽن لاش ڏڻهو۔   اهڙي قسم􏱊 جا ٻيا به ڪافي واقعا ٿيا آهن جيڪي ماڻهو الاهي پهريان جا آهن انهن جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ هڪ جنگل هوندو هو جنهن ۾ ڏينهن ڏڻهي جو گدڙ شينهن ۽۽ ٻيا جانور پيا هلندا هئا ماڻهو ان خوف جي ڪري به هيڏانهن نه ايندا هئا ۽ اهو به چيو وڃي ٿو ته رات جو جنگل ۾ باھ لڳندي ھئي ۽ جڏهن صبح جو ماڻهو اچي ڏسندا هئا ته هڪ پتو به سڙيل نه هوندو هو هاڻي ته هي ڪلوني مڪمل طور تي آباد آهي هن ڪلوني ۾ مختلف ڪميونٽيز سان تعلق رکندڙ مختلف ماڻهو رهائش پذير آهن هتي قومن جي نالن سان پاڙا مشهور آهن جيئن ته ملتاني قوم جنهن جو وڏو پاڙو مشهور آهي بنگالي قوم جو بنگالي پاڙو مشهور آهي اهڙي طرح ٻيون قومون ۽ انهن جا پاڙا مشهور آهن هتي وڏي تعداد ۾ ڪريسچن رھن ٿا انهن جي عبادتگاه يعني چرچ موجود آهي جنهن ۾ هر آچر تي عبادت ڪئي ويندي آهي هتي ان وقت جي هڪڙي فاريسٽ نرسري به آهي جيڪا اڄ به موجود آهي

هتي هڪڙي وڏي بازار به آهي جنهن ۾ ضرورت زندگي جي هر شي موجود آھي مسلمانن لاء سرڪاري ۽ زاتي مسجدون پڻ مسجدون سرڪاري مدرسو جنهن ۾ ٻارن کي ديني ۽ دنياوي تعليم ڏني ويندي آھي۔
جي او آر ڪلوني ۾ هڪ مشھور نالي واري ولي جي مزار پڻ آھي جنهن جو نالو بابن شاھ آهي سيد بابن شآھ جي نالي سان قبرستان ۽ ڪلوني به آهي  سنڌي ادب جي مشهور شخصيت nkaf shaikh ۽ ٻين به ڪيتري ئي سياسي ۽ سماجي ڪم واري ماڻھن جا گهر ۽ دفتر هتي آهن۔
جي او آر ڪلوني جي ويڪر ٿڌي سڙڪ کان شروع ٿئي ٿي ريلوي لائينس تي ختم ٿئي  ٿي ۽ ڊيگھ ايگريڪلچر ڪروسنگ پل کان شروع ٿئي ٿي ۽  طيف آباد ريلوي ڪروسنگ پل تي ختم ٿئي ٿي، جي او آر ڪلوني جي پوليس اسٽيشن جي حد ۾ -  pizza hut, indus hotel , max bachat , state life buildig , szabist, sindh museum، kfc وغيره اچن ٿا ۔

No comments:

Post a Comment