Wednesday 23 November 2016

Profile of Shaista Soomro

For profile photo of personality is must. So also for feature and interview.
Write ur name in Sindhi also.
It is not written in profile manner, its like biography. Profiles and features are always reporting based. 
Many composing, proof reading mistakes. 

چاچا غلام قادر 

سنڌ جي سدا ملوڪ سٻاجهڙي شهر دادو جنهن کي اياز جو در به سڏيو ويندو آهي، چاچو غلام قادر به انهي شهر ۾ پيدا ٿيو، غربت سبب مٽن مائٽن دادو شهر ڇڏي اچي ڄامشورو وسايو ۽ ڪراچي ڏانهن ويندڙ باءِ پاس تي ٽول پلازه وٽ ڪچي آبادي ۾ رهڻ لڳا. 
هن ننڍي هوندي کان ماءُ کي پورهئي جو ڪم ڪندي ڏٺو ۽ سنڌو ڪناري آباد شهر ڄامشورو جي پٿريلي پٽن تي ڪڏهن سنڌ يونيورسٽي ته ڪڏهن باءِ پاس جي روڊن تي ته وري ڪڏهن ڄامشوري جي گهٽين ۾ پيٽ گذارو ڪرڻ خاطر ڪنهن اڳيان هٿ ٽنگڻ بدران حق حلال جي ڪمائي کائڻ جو رٿيو ۽ پين وڪڻن شروع ڪيائون، انهي دوران شادي به ٿي جنهن مان کيس 2 پٽ آهن، شادي کانپوءِ مجبورين سبب سندس زال منهن موڙي ڇڏي هلي وئي ۽ جيئن وڏي عمر ٿيڻ شروع ٿي ته گهرو ذميواريون وڌڻ لڳيون اڻ پڙهيل هئڻ ڪري مزدوري ڪرڻ جو سوچيو ۽ پنهنجي ماءُ جو هٿ ونڊرائڻ خاطر پاڻ به ڄامشوري جي پٿريلي ڌرتي تي پين وڪڻڻ جوڪم شروع ڪيائين، جيڪو گذريل ڪيترن ئي سالن کان جاري آهي. 
يونيورسٽي ۾ هاڻ روزانو 2 پاڪيٽ پين کپائي ويندو آهي، جنهن مان سندس 250 کان 350 رپيا ڏينهن جي ڏيهاڙي ٺهي ويندي آهي ۽ پيٽ گذران ٿي ويندو آهي، سندن چوڻ آهي ته مالڪ جو شڪر آهي، اهو ئي حلال جي ڪمائي آهي روزانو پنهنجي ڪچي آبادي جي گهر کان يونيورسٽي اچڻ لاءِ 30 رپيا ڪرايو ڪري پوءِ پهچندو آهي. 
سندس چوڻ آهي ته گهر ڪچي آبادي ۾ هجڻ ڪري ڪا به سهولت ناهي، پاڻي جو وڏو مسئلو آهي ۽ اسان کي پاڻي پئسن لاءِ وٺڻو پوي ٿو ۽ تمام ڏکي زندگي گذاري رهيا آهيون. 
جنهن ڏينهن پاڻي وٺون ان ڏينهن هڪ ويلي جي ماني به نصيب نه ٿيندي آهي. 
گهر ۾ هڪ سندس ماءُ ۽ هڪ ڀاءُ رهي ٿو جيڪو بيمار آهي ۽ پٽ اڪيلو ڪري ڇڏي هليا ويا آهن، اهڙن ڏکين گهڙين ۾ به رب جا شڪر ادا ڪندي چوي ٿو ته ايڏي تڪليف ۽ مجبورين باوجود به ڪو شاگرد، گاڏين وارا ۽ ايندڙ ويندڙ 50،100،500،1000، ڪڏهن خرچي به ڏئي ويندا آهن، چوندا آهن ته چاچا بس دعا ڪر......! 
يونيورسٽي جنهن ڏينهن بند هوندي آهي ان ڏينهن تمام گهڻي مشڪلات درپيش ايندي آهي، ان ڏينهن گهر جو گاڏو هلائڻ مشڪل ٿي پوندو آهي، ڇو جو هن پيار پريت، گلن جي حسناڪي ۽ حسن سان سجندڙ سنڌ يونيورسٽي ۾ غريبن جي احساس جو قدر به ڪيو ويندو آهي، هي علمي گهر ڪنهن جي روزگار جو ذريعو پڻ آهي. 
پاڻ ايترو ڏکايل هئڻ باوجود به جذبا مضبوط رکي ٿو، يادن ۽ خواهشن تي لڙڪ لاڙي ٿو وٺي ۽ چئي ٿو ته اسان غريبن جو ڪهڙيون خواهشون، ها بس هڪ ڳالهه جو ڏک رهجي ويندو آهي ته ڪاش منهنجي ننڍي عمر ۾ ئي بابا جو انتقال نه ٿئي ها ته اڄ اسان جو اهڙو حال نه ٿئي ها ۽ شايد اسان ٻئي سٺي حال ۾ هجون  ها، پاڻ پنهنجن رولاڪن ۾ وهندڙ لڙڪن کي نه روڪندي چوي ٿو ته منهنجي هڪ ننڍڙي نصيحت آهي ته ڪڏهن به ڪنهن جي دل نه ڏکايو غريبن جو احساس ڪيو ۽ هميشه شڪر ادا ڪيو ۽ وس آهر پورهيو ڪري حق حلال جو ڪمائڻ گهرجي، گهري کائڻ کان بهتر آهي ته ڪمائي حلا ل ڪري کائجي. 

No comments:

Post a Comment