Wednesday 23 November 2016

Profile by Qurat ul ain Soomro

For profile photo of personality is must. So also for feature and interview.
Write ur name in Sindhi also.
It is not written in profile manner, its like biography. Profiles and features are always reporting based. 
Many composing, proof reading mistakes. 


گلبدن جاويد مرزا  سنڌي ادبي بورڊ ۾ عورتن جي رسالي سرتيون جي ايڊيٽر

سنڌي ادب ۾ پنهنجي الڳ سڄاڻ رکندڙ سرتيون رسالي جي ايڊيٽر ميڊم گلبدن جاويد مرزا جو جنم 1969ع ۾ ڳوٽھ مٽھو ٻٻر ۾ سنڌ جي مشھور ، شاعر، اديب، عالم ، استاد شھيد احمد خان آصف مصراڻي جي گھر ۾ ٿيو۔
سندس والد سوين ايڪڙ زمين رکڻ باوجود ھڪ درويش صفت انسان  ھو ته وري سندس ڏاڏو طب جو ڪم ڄاڻيندو  ھو ھن جي دل ۽  اوطاق جا دروازا ھميشه غريبن لاء کليل ھوندا ھءا ھو علاج سان گڏ غريبن کي ماني ٽڪي به کارائيندو ھو ۽ رھڻ جو بندوبست به ڪندو ھو۔
سندس گهر ۾ موجود "شان آصف" لائبريري ھئڻ ڪري ڪتابن پڙھڻ جو شوق ۽ دلچسپي وڌڻ لڱي جنھن ادبي اوسر ۾ ھٿي ڏني۔
سندس والد ھڪ بھترين شاعر ھئڻ سان گڏ ھڪ بھترين سماج سڌارڪ پڻ ھو، ھن ڳوٽھ ۾ نياڻين لا ء اسڪول  کولرايا ، نياڻين کي سرڪاري نوڪرين وٽھي ڏيڻ ۾ مدد ڪئي ، مصراڻي صاحب سڄي زندگي عورتن جي حقن لا ء جاکوڙ ڪئي.
گلبدن جاويد مرزا پنھنجي اباڻي ڳوٽھ مٽھو ٻٻر مان پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي۔ مڊل بوائز اسڪول ٻيلو پتڻ مان نائون ڪلاس خانپور بوائز ھاء اسڪول مان پاس ڪيائين  ته وري ميٽرڪ ۽ انٽر گورمينٽ گرلس اسڪول دادو مان پاس ڪيائين  ، وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاء مادر علم سنڌ يونيورسٹي ڄامشورو جو رخ ڪيائين. 
ھو فخر سان ٻڌائي ٿي ته اسڪول توڙي ڪاليج ۾ موسان ڪو به مقابلو ڪري نه سگھندو ھو، ھو ھڪ ذھين طالب علم  تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوء 4 نومبر 1989ع ۾ سرتيون رسالي جي پھرين ايڊيٽر طور چارج سنڀالي  ھي رسالو سنڌ ۾ عورتن جي نمائندگي ڪري ٿو اھو اعزاز ھن ان وقت حاصل ڪيو جڏھن سنڌي ادبي بورڊ جا چيئر مين مخدوم محمد زمان طالب المولي  ھئا۔ مخدوم صاحب جي مشاورت سان سرتيون رسالي جو آغاز ٿيو ھو، ھو ايڊيٽر جي پوسٽ تي گذريل 27 سالن کان ڪم پئي ڪري ۔
ھن پنھنجي دور ۾ ڪيترا ئي نمبر ڪڌيا آھن جن ۾ شاعري نمبر ، ڪھاڻي نمبر ، خيرالنساء جعفري نمبر ، انٽرويو نمبر ، شھيد راڻي نمبر ، نصرت بھٽو نمبر ، امڙ نمبر ، يادگيريون نمبر شامل آھن۔ ھو مختلف موضوعن تي 8 نمبر ڪڌي چڪي آھي.
جيئن ته ھي عورتن جو رسالو آهي ، انڪري نئين ليکڪائن کي به اڳتي آڻڻ ۾ سندس وڏو ڪردار آهي۔ سندس عورتن لاء راء آهي ته  ، عورت کي ھڪ فرد جي حيثيت ۽  انسان سمجھڻ  گھرجي اڄ جي عورت چاھي ٿي ته ڌرتي تي امن امان ھجي ھر ماڻهو جو عزت النفس برقرار ھجي ، انساني حقن جي پائمالي تي پڻ عورت سراپا احتجاج آھي اڄ جي عورت انصاف تي ٻڌل برابري واري قانون سازي ۾ پنھنجو حصو وٽھڻ ٿي چاھي ۔ ان سلسلي ۾ ھو عورتن جي حقن جي حاصلات لاء ھر پليٽ فارم تي مظلوم عورتن سان ڪلهي ۾ ڪلھو ملائي سندن حقن جي حاصلات لاء ساڻن گڏ ھوندي آھي۔
پوء اھو پليٽ فارم ويف جو ھجي يا پريس ڪلب جي اڳيان روڊ ھجي.
ھو پنھنجي ڪم جي حوالي سان جنسي مدڀيٽن ھجڻ ڪري مشڪلاتن جو منھن ڏسڻو پيو اٿس، پوء به مردن وانگر ميدان ۾ موجود آهي 
ھن وقت ھو ويف جي سرگرم ميمبر پڻ آهي ھر موڙ تي عورتن جي حقن لاء جاکوڙي پئي، وومين ايڪشن فورم ھڪ نظرياتي فورم آھي سندس ڪوشش آھي ته گھڻو آڳيان اچي ان سان گڏ ھو ھڪ سٽھي ليکڪ به آھي لکڻ جي شروعات 8 ڪلاس کان ڪيائين شاعري ۾ سندس  استاد سندس وڏو ڀاءُ  ڊاڪٽر اشرف آصف مصراڻي آهي ته وري علم عروضن جي سکيه پنھنجي بابا سائين کان ورتي ھن جي پھرين لکڻي  شاعري ۽ انٽرويو سگھڙين رسالي ۾ ڇپيو ھو
ھن وقت ھو ھڪ ڄاتل سڃاتل ليکڪ آھي جيتوڻيڪ سندس ڪو به  ڇپيو آھي ، پر ھن وٽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مواد موجود  جن ۾
* اٿم ڪٿا "اسان جي ياد تي اڪريل انوکا ڪي فسانا ھن
  * ناول - اڻ ڏٽھو پيار
* ڪيڏارو (شاعري )
* منزلون ۽ قافلا (شاعري )
* درد جا عڪس ( ڪھاڻيون )
سندس خواھش آھي ته پنھنجا ڪتاب ڇپرائي پڌرا ڪري۔سندس شادي ممتاز مرزا جي پٽ جاويد مرزا سان ٿيل آهي اولاد ۾ ٽي نياڻيون ۽ ھڪ پٽ آھي۔
ھو پنھنجو اڌ کان وڌيڪ وقت پنھنجي ڪم کي ڏي ٿي

Qurat ul ain Soomro 
Bs part:2 
Roll no : 119/mc/2k15

No comments:

Post a Comment