Tuesday 15 November 2016

پروفائيل، حنيف سوڍر: ياسر علي

Do not insert photo in the text
پروفائيل، حنيف سوڍر
ياسر علي
رول نمبر 2k15/MC/93، بي ايس پارٽ ٽو

ننڍ ۾ ئي خواب ايندو آ، روز نئون انقلاب ايندو آ : حنيف سوڍر


هي دنيا مسافر خانو آهي ۽ هر شخص ڪهاڻي آهي، ڪن جي ڪهاڻي ڏکن سان ڀريل آ ته ڪن جي سکن سان ڀريل، حنيف سوڍر به انهن منجهان هڪ آهي جنهنن جي زندگي بنهه ڏکن، سورن ۽ خوشين سان ڀريل آهي.



حنيف سوڍر (پورو نالو محمد حنيف سوڍر) 08 جنوري 1988ع تي تعلقي وارهہ جي ڳوٺ فيض محمد سوڍر ۾ جنم ورتو، پاڻ سڃاڻ شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊراما نويس ۽ چترڪار آهي. گڏو گڏ سنڌي ادبي سنگت شاخ وارهہ جو ايڊيٽر پڻ آهي، سندس شاعري ۾ اسلوب ۽ انداز بيان نرالو آهي، جنهن تي ڪنهن به شاعر جو اثر حاوي ٿي نه سگهيو آهي. هيل تائين سندس ڪو بہ ڪتاب چپيو ناهي. پر وٽس ٽن ڪتابن جو مواد موجود آهي. پاڻ پوليس کاتي ۾ سال 2008ع ۾ بطور سپاهي ڀرٿي ٿيا. هيل تائين لوئر ڪوائليفائيڊ سپاهي جي حيثيت سان لاڳاپيل آهي، پاڻ بنيادي تعليم ساڳئي ڳوٺ جي اسڪول پرائمري اسڪول ممتاز آباد سوڍر مان وٺڻ بعد وارهہ شهر جي هائير سيڪنڊري اسڪول مان مئٽرڪ پاس ڪئي، کيس ايل.ايل.بي ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هو پر سندس زندگي ۾ اهڙا موڙ سامهون آيا، جو خاصي پگهار هئڻ باوجود بہ سندس ايل.ايل.بي ڪرڻ جي خواهش پوري نہ ٿي سگهي.

 پرائمري پاس ڪرڻ بعد هو پاڻ کي هڪ سڪل پن جيان تصور ڪندو هو، غربت ڪري هن وڌيڪ تعليم پرائڻ جا خواب ڏسڻ ڇڏي ڏنا هئا. مگر کيس فخر آهي پنهنجي چاچا مرحوم امام علي سوڍر، جيڪو اسٽاپ وينڊر سان گڏ هڪ معزز، ايماندار ۽ مهان شخصيت ٿي گذريو تي جنهن کيس وڌيڪ تعليم ڏياري. ملازمت ملڻ بعد هن وري وڌيڪ پڙهائي جاري رکڻ جي شروعات ڪئي. ان وقت هو شادي شده ۽ هڪ پٽ جو پيءُ هو. ساڳئي ئي شهر جي ڊگري ڪاليج مان انٽر پاس ڪئي.

سندس تعليمي سفر ۾ کيس جيڪي مشڪلاتون درپيش آيون، سي مختصر جملن ۾ بيان نٿيون ڪري سگهجن. ايترو چئي سگهجي ٿو تہ غربت ڪري دشواريون هيون جنهن ڪري پڙهائي مسلسل جاري نہ ڪري سگهيو ۽ پڙهائي دوران وقت بوقت سال گيپ ٿيندا رهيا. اهڙي صورتحال باوجود بہ سندس حوصلو بلند رهيو. هن ڪڏهن بہ همٿ نہ هاري. هو جيڪو هميشه ننڍن ٻارن کي هٿيارن بجاءِ قلم ڏسڻ جا خواب ڏسي ٿو ۽ ننڍن ٻارن سان بيحد پيار ڪندڙ ڪردار آهي. سندس نظر ۾ مذهب انسانيت آهي. مزي جي ڳالهه اه آها آهي تہ سندس چوڻ آهي اسان جو مذهب ڪهڙو بہ هجي مگر اسين انسان آهيون ۽ جنهن انسان ۾ انسانيت ناهي اهو اڃا پيدا ئي ناهي ٿيو. اسان جو خمير هڪ ئي مٽي مان تيار ڪيل آهي. اهي ڳالهيون ان وقت جون چيل اٿس جنهن وقت مان هڪ پرائيويٽ اسڪول ڪنگ گرامر اسڪول ڳوٺ فيض محمد سوڍر۾ شاگرد هيم. هن ملازمت کان اڳ پرائيويٽ اسڪول فيض محمد سوڍر“ ۾ ٽيچر جي حيثيت سان بہ پنهنجا فرض انجام ڏنا. هو ننڍي هوندي کان ئي پر اعتماد، ذهين ۽ جاکوڙي ڪردار رهيو آهي.

هن پنهنجي شاعري ۾ نظم، نثري نظم، وائي بيت چئوسٽا لکيا آهن ۽ هن جي شاعري ۾ اهي تمام خوبيون موجود آهن جيڪي هڪ ڪلاسيڪل شاعر کي جنم ڏينديون آهن.
مزي جي ڳالهه اها آهي ته هن وٽ چار  ڪتابن جو مواد هئڻ باوجود به ڪنهن اداري ۽ ڪجهه پنهنجي آمدني گهٽ هئڻ سبب ان مواد کي ڇپرائي نه سگهيو آهي.
سندس ننڍپڻ جي دوست احسان مرکنڊ هن بابت ويچار ونڊيندي چيو ته حنيف سوڍر ننڍي هوندي کان ئي ادب ۽ شاعري جو زوق  رکندڙ هو اهو ئي سبب آهي جو زندگي ۾ ڪيترائي لاها چاڙها اچڻ باوجود هن جو ادب سان چاهه ختم ناهي ٿيو ويتر وڌيو آهي.
حنيف سوڍر  پنهنجي زندگي جو دل آزارئيندڙ واقعو ٻڌايو، هن چيو ته جڏهن مان پرائمري ۾ پڙهندو هئس ته منهنجو ننڍو ڀاءِ مشتاق سوڍر جيڪو 6 سالن جي جمار ۾ سخت بخار سبب وفات ڪري ويو هو، جنهن سبب زندگي ۾ اهو دل ڏکائيل واقعو نه وسرڻ جهڙو آهي.
حنيف سوڍر پنهنجي ڊيوٽي سرانجام ڏيڻ دوران پڻ شاعري ڪندو آهي سندس چوڻ هو ته مان ڊيوٽي دوران ئي شين کي محسوس ڪري شاعري ڪندو آهيان، شين کي ڏسندو آهيان ۽ سوچي سمجهي پوءِ شاعري ڪندو آهيان، سندس هڪ شاعري هيٺ تحرير پڻ ٿيل آهي


هيڪلو ڇڏي ٿو وڃي ڪو،
ڳوٺ مان لڏي ٿو وڃي ڪو،
حال عجيب ٿي ٿا پون جي،
پوئتان سڏي ٿو وڃي ڪو،
خواهشون ٿيون موڪلائين،
آفتون اڏي ٿو وڃي ڪو،
رات جو ڪچا خواب ٽوڙي،
بيوسي گڏي ٿو وڃي ڪو،
وينديون رلائي بهارون ،
درد ۾ گڏي ٿو وڃي ڪو.


No comments:

Post a Comment