Tuesday 15 November 2016

پروفائيل ڊاڪٽر نصرالله ڪابورو: عبدالسبحان

پروفائيل  ڊاڪٽر نصرالله ڪابورو
عبدالسبحان  
BS II 2K15 MC 05

1979-07-06 ع ۾ شهيد مخدوم بلاول جي علائقي ڳوٺ فضل ڪابورو ۾  پنهنجي والد محمد رحيم جي گھر ۾ اک کوليندڙ ڊاڪٽر نصرالله ڪابورو دادو ضلعي ۾  پيدا ٿيو.  هن پنهنجي شروعاتي تعليم پنهنجي پاڙي جي گھٽين ۾ گھمندي ڦرندي ڳوٺ ۾  حاصل ڪئي ۽ مئٽرڪ گورنمنٽ بوائز هاءِ اسڪول ڪوٽڙي مان پاس ڪيائين. انٽرميڊيئيٽ بوائز ڪاليج قاسم آباد مان پاس ڪيائين ۽ اعليٰ تعليم  جي لاءِ ڄام شوري جي پٿريلي ڌرتي تي هوائون کائڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي جو رخ ڪيائين جتي سٻاجھڙي سنڌ ورسٽي ۾ حسين نگاهن سان اُپٽار ٿيل هوائن جي ڊپارٽمنٽ مسلم هسٽري ۾ پير پاتائين، جتي هن ماسٽرس جي ڊگري ملڻ کان پوءِ پي ايڇ ڊي به انهيءَ سونهن ورنيءَ ڌرتي سنڌ يونيورسٽي مان ڪئي، 
ايئن وقت جي هلندڙ گاڏيءَ ۾ پنهنجي سوٽ سان شادي جي ٻنڌنن ۾ ٻڌجي ويو، جنهن مان هينئر کيس ڇھ ٻار به آهن، يونيورسٽي جي ڊگري مڪمل ٿيڻ کان پوءِ هاڻ پاڻ به انهيءَ مسلم هسٽري شعبي ۾ پروفيسر طور پنهنجو فرض سر انجام ڏئي رهيا آهن، گھريلو زندگي جي حساب سان پاڻ بيحد سادگي واري زندگي گذارڻ پسند ڪن ٿا. گھر ۾ ڀائرن ۾ سڀني کان وڏو هئڻ ڪري وڏي مان ۽ مرتبي وارا آهن. فطرت جي حساب سان صبر۽ برداشت دل رکندڙ آهن، هن شخص کي ڪڏهن به ڪاوڙ نه ايندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن بک لڳڻ ڪري برداشت ڇڏائجي ويندي آهي ۽ پوءِ گھر ۾ ڪنهنجو به خير نه هئڻ جهڙو لمحو پيدا ٿي ويندو آهي. 
تعليم ۾ سندس پڙهائي سان لڳاءُ هئڻ ڪري استاد گھڻا ڀائيندا هئا، هڪ دفعي ته ايئن به ٿيو جو اسڪول جي دور ۾ ڪجه ڏينهن لاءِ مامن جي گھران پنهنجي اباڻي گھر ويا هئا  ته پويان اسڪول جي امتحانن جا ڏينهن ٿي ويا هن جي امتحانن ۾ نه ويهڻ جي ڪري اسڪول جي استادن امتحان ۾ ڪجھ ڏينهن لاءِ تاخير ڪري ڇڏي ته جيئن هي پنهنجي امتحانن ۾ شريڪ ٿي سگھي.
نوڪري جي لحاظ سان سائين تمام سچا رهيا آهن، ڪهڙا به حالات هجن پر اڄ تائين وس ڪندي پنهنجو ڪوبه ڪلاس نه ڇڏيو اٿن ۽ ٽائيم جي پابندي سان ڊيوٽي سرانجام ڏئي  رهيا آهن. 
سنڌ ورسٽي جي دل سڏي ويندڙ آرٽ فيڪلٽي ۾ موجود مسلم هسٽري شعبي جي مائينر سبجيڪٽ هر شاگرد جي چوائيس رهي آهي، ڇاڪاڻ ته مسلمان شاگردن جي گھڻائي ان ڪري آهي ته هر شاگرد جو ڏاڏو يا نانو ڪونه ڪو گھر مان الله ۽ رسول صه جي دين جو درس ڏيندڙ آهن. تنهن ڪري هر ڪنهن کي اڳ ۾ ئي ٿوري ڄاڻ آهي ۽ سائين به تمام سٺو ٿا  پڙهائين ۽ شاگرد به سٺي موٽ ڏين ٿا ۽ مارڪون به سٺا ٿا ملن تنهن ڪري شگردن جي گھڻائي پڻ هوندي آهي. 
سائين جن جي پڙهائڻ جو انداز ۽ سمجھائڻ به نرالو هئڻ جي ڪري هر شاگرد جي دل کي موهي ٿو وجھي ۽ ايئن ئي سائين هر شگرد جو دل کٽيندا رهيا آهن. سوين ٻارن کي سمڀالڻ به سائين جي لاءِ ڪو مشڪل ڪم نه آهي.
تعليم پرائڻ جي دور کان وٺي اڄ تائين سائين پنهنجن استادن جي رحمدلي جي سفر کي جاري رکندي پاڻ به پنهنجن شاگردن سان وڏو چاھ رکندا آهن ۽ وڏو ڀائيندا آهن جيئن هو هن جو پنهنجو اولاد هجي. 
زندگي جي حاصلات جو سمورو سفر سائين جي لاءِ يادگار رهيو آهي، سائين جن جي ڪاميابي ۾ سڀ کان وڏو هٿ سائين جن جي استادن ۽ مائٽن جي دعائن جو آهي. 
زندگي جي خواهشون ته انيڪ آهن جيڪي ڪڏهن به ختم ٿيڻ واريون نه آهن، پر سائين جن جي زندگي جي خواهش اها به آهي ته پسند جي شادي به ڪيان، باقي سڀ خواهشون پوريون ٿي ويون آهن ۽ آخر ۾ سائين جن پنهنجي پيغام ۾ هڪ سٺي زندگي گزارڻ جي تلڪين ڪئي آهي ته جيئن ڪاميابي اوهان شاگردن جا قدم چمي.   

No comments:

Post a Comment