Tuesday 15 November 2016

پروفائيل: عباس علي شاهه -- مسرت ٽالپر

                                                                مسرت ٽالپر          
                                                               BS-II (2nd Sem)
                                                               2K15/MC/65
پروفائيل: عباس علي شاهه --  مسرت ٽالپر

خوش مزاجي جو سرچشمو: عباس علي شاهه

                         ڇا ڪنهن  ائين سوچيو هوندو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ هڪ مندر هوندو.
                         يونيورسٽي ۾ مندر: ٻڌڻ ۾ عجيب ٿو لڳي نه؟

                         جڏهن آرٽ فيڪلٽي جي سيڪنڊ فلور تي سوشل ورڪ ڊپارٽمينٽ وٽ پهتس ته اتي هڪ دروازي مٿان ”مندر عباس“ لکيل نظر آيو.  دروازو کولي اندر داخل ٿيس ته ان مندر اندر دنيا جا ڪيترائي رنگ نظر آيا. اتي پيل هر شئي هر تصوير ۾ الڳ الڳ رنگ، ثقافت ۽ تهذيب پئي نظر آئي.

                         اهو مندر حقيقت ۾ اتي ويٺل تندرست، خوش مزاج، خوش نظر ۽ دوستانه شخصيت جي مالڪ عباس علي شاهه جي آفيس هئي.

 زندگي کي خوبصورت رنگن ۾ گذارڻ واري ان خوش مزاج  ۽ مزاحيه انسان کي جڏهن ان آفيس ۾ پيل شين بابت پڇيو ته ڪٿان آنديون ايتريون شيون؟ ته تمام ئي مزاحيه انداز سان هڪ سچ سامهو آندائي، چوڻ لڳا ته اهي شيون مون چوري ڪيون آهن مون ڪا مسجد، درگاهه، مندر ۽ ڪنهن دوست جو گهر ڪونهي ڇڏيو. مون پنهنجي ڀاءُ  جو گهر به ڪونهي ڇڏيو. ڪجهه شين ڏانهن اشارو ڪندي چوڻ لڳا ته هي مون پنهنجي ڀاءُ  جي گهر مان چورايو آهي. هي مون پنهنجي گهرواري جو چورايو آهي. هي مون پنهنجي ڀائيٽي جو چورايو آهي ۽ بعد ۾ مان انهن کي ٻڌائيندو آهيان ته مان اهيا شئي چورائي آهي.

سندن چوڻ آهي ته مون کي رنگين زندگي وڻندي آهي، مون تمام  گھٽ اڇا ڪپڙا پاتا هوندا. اڇن ڪپڙن  ۾ مونکي ائين لڳندو آهي ته مان مردو آهيان. ان ڪري مون کي رنگن واري زندگي تمام گھڻي وڻندي آهي. اهيا ئي وجه آهي  منهنجي هن آفيس جي خوبصورتي جي.

                         هن خوش مزاج شخصيت جو تعلق ضلع بدين جي پراڻي ڳوٺ حاجي عبدالله شاهه سان آهي. پنهنجو ننڍپڻ پنهنجي ڳوٺ ۾ گذاريائين ابتدائي تعليم ڳوٺ ۾ ئي حاصل ڪيائين. ڳوٺ ۾ پڙهائي جا گھڻا وسيلا نه هئڻ سبب وڌيڪ تعليم شهر بدين ۾ حاصل ڪيائين. اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ يونيورسٽي آف سنڌ جو رخ ڪيائين. اتي گريجوئيشن مڪمل ڪرڻ کان پوءِ انهي ڊپارٽمينٽ سوشل ورڪ ۾ هڪ استاد جي حيثيت ۾ ڪم ڪرڻ لڳا. ڪجهه عرصي کان پوءِ چيئرپرسن جي ڪرسي سنڀاليائين ۽ هڪ سال کان انهي ذميداري ۾ مصروف آهي.


       اڄ  جي عباس علي شاهه ۽ ننڍپڻ جي عباس علي شاهه ۾ تمام وڏو فرق آهي. سندن چوڻ آهي ته آئون ننڍپڻ ۾ تمام خاموش قسم جو ٻار هئس ڪنهن کي به تنگ نه ڪندو هئس. منهنجي مزاج ۾ تبديلي يونيورسٽي اچڻ کان پوءِ دوستن جي محفل ۾ ٿي.

                         ننڍپڻ ۾  ٻين ٻارن وانگر راند کيڏڻ جو تمام شوق هو. پسنديده راندين ۾ صرف فٽ بال هئي جنهن کي وڏي دلچسپي سان کيڏندا هئا. اسڪول مان اچڻ کان پوءِ سندس گهر ويجھو هڪ ڪئنال هوندو هو ان ۾ پنهنجي دوستن سان گڏ ترڻ ويندا هئا.

                         عباس علي شاهه کي شروع ۾ پڙهائي  جو ڪو خاص شوق نه هو ڪجهه  سبجيڪٽ ۾ ڪمزور هئڻ سبب,  پر يونيورسٽي ۾ اچڻ کان پوءِ زندگي جو نئون موڙ شروع ٿيو.

                         سر عباس علي شاهه هڪ سٺو انسان آهي پر سندن چوڻ آهي ته آئون شريف ماڻهن کي پسند نه ڪندو آهيان ڇوته شريف ماڻهو نه پنهنجي نه ٻين جي ڪم جا آهن. مون کي صرف هلڻ رلڻ وارا ماڻهو وڻندا آهن جيڪي چست ۽ چالاڪ هجن.

                         عباس شاهه خوش مزاجي سان گڏ ماڻهن جي فڪر ۽ احساسن وارو جذبو به رکن ٿا. ڪنهن خيراتي اداري کي فنڊ ڏيڻ بجاءِ پاڻ ماڻهن جي مدد ڪن ٿا. سندن چوڻ آهي ته خيراتي ادارو هڪ قسم جو فراڊ آهي

                         ڪجهه وقت گفتگو ڪرڻ کان پوءِ  عباس علي شاهه سنجيدگي پر مزاحيه مزاج ۾ چوڻ لڳا ته آئون توهان  کي چريو لڳندو هوندس.

                         اگر هڪ خوش مزاج، خوش اخلاق، دوستانه شخصيت جو مالڪ ماڻهن سان رحمدلي سان پيش ايندڙ انسان اگر اهڙو سوال ٿو ڪري ته پوءِ هن دنيا جي ٻه طرف رويو  رکندڙ  ماڻهن ۾ رهندڙ هر خوش مزاج ۽ رحمدل انسان چريو آهي.

No comments:

Post a Comment