Tuesday 15 November 2016

شيرزمان کوسو - پروفائيل

Its too short. 600 plus words are required.
For profile, interview and  feature foto is must
شيرزمان کوسو
ڪلاس بي ايس پارٽ 2
رول نمبر 2k15/MC/82
 پروفائيل
امين اڏيرائي
سنڌ جي اديبن،ڏاهن،دانشورن،شاعرن ء  ڪهاڻيڪارن جو تعلق صرف شهرن سان نه بلڪه  واهڻ وستين،جر جنگ ء ڳوٺن سان به آهي، جن جي شهرت ڪرسي يا پيسو نه بلڪه قلم آهي، اهو قلم جيڪو ادب ء قوم جي زندگي آهي. امين اڏيرائي جو تعلق به سنڌ جي اهڙي شهر سان آهي، جنهن کي اڏيرو لعل اسٽيشن  جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.اڏيرو لعل اسٽيشن جيڪو اسي جي ڏهاڪي کان اڳ ادب جي الف کان به اڻ واقف هو، پر امين اڏيرائي جي ادبي وک کڻڻ کان پوءِ هن شهر ۾ ادب جا نوان لاڙا پيدا ٿيا، جتي هاڻي ادبي پروگرام،تعليمي پروگرام ء ثقافتي ميلاکڙا وقت به وقت ٿيندا رهندا آهن.امين اڏيرائي جي پيدائش 5 نومبر 1964 ۾ ٿي.
7 سنڌي ڪتابن، 5 اردو ڪتابن ء هڪ پنجابي ڪتاب جو مصنف امين اڏيرائي ٽن ادبي زبانن ۾ لکندو رهيو آهي. سندس شهرت صرف سندڌي اديبن ۾ نه بلڪه اردو ء پنجابي اديبن ۾ به ملي آهي. ٻي طرف سنڌ ۾ اديبن جو لاڙو فقط سنڌي ء اردو طرف هوندو آهي، جڏهن ته امين اڏيرائي هن ٻن ٻولين سميت پنجابي ٻولي جي نثر توڙي نظم ۾ خوب لکندو رهي ٿو.
سنڌ ادبي سنگت ۾ شاخ اڏيرو لعل اسٽيشن جو بنياد وجهندڙ امين اڏيرائي ئي آهي، جتي ڪيترن ئي نئين ٽهي شاعرن ء ڪهاڻيڪارن جي تربيت ٿيندي رهي آهي. هن وقت ڪجه شاعرن جا ڪتاب به مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن، جن ۾ حيدر امان، احساس ميرل ء حيدر خاصخيلي شامل آهن. انهن کان سواءِ هنن جون مختلف ڪهاڻيون ڪاوش ء ٻين مئگزينن ۾ وقت به وقت ڇپجنديون رهن ٿيون.

امين اڏيرائي جي زير نگراني ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ اڏيرو لعل اسٽيشن وقت به وقت ادبي پروگرام ڪندي رهندي آهي، جنهن ۾ سنڌ يونيورسٽي جون مختلف شخصيتون شرڪت ڪنديون رهن ٿيون، جنهن ۾ اردو شعبي جو اڳوڻي چيئرمين مرزا سليم بيگ، سينٽر فار فزيڪل ايجوڪيشن هيلٿ اينڍ اسپورٽ سائنس جو ڍائيرڪٽر محمود مغل ء ڍپارٽمينٽ آف فارمئڪيوٽڪس جو چيئرمين عبيدالرحمن مغل شامل آهن. بقول محمود مغل صاحب جي ته مٽياري ٰء ان جي آسپاس واري اديبن ۾ اها بهترين خوبي آهي ته  هو ڪرسي تان اٿي ٻين کي جاٰءِ ڏيندا آهن ء نئين ٽهي کي اڳتي ڏسڻ چاهيندا آهن.

No comments:

Post a Comment