Friday, 8 April 2016

Interview with Taj Joyo انٽرويو تاج جويو

The introduction is copy paste. u should have re-written in ur own words and made  but brief.
Questions are not impressive. u should have done some home work
Ur name is missing in the text.
 Factual mistakes: Now he has retired from govt job.

99
ADIL

 تاج جويو  سان ڳالھ ٻولھ

 تعارف
سنڌ جي نامياري اديب ۽ شاعر تاج جويي جو پورو نالو، تاج محمد جويو آهي. هن 6 سيپٽمبر 1954ع تي تعلق  سڪرنڊ (هاڻي دولتپور) ضلعي نوابشاهه (هاڻي بينظير آباد) جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ’پير ڪولاچيءَ‘ ۾ جنم ورتو. پهريون ڪلاس گورنمينٽ پرائمري اسڪول سن (تعلقي ڪوٽڙي، اڳوڻي ضلعي دادو) مان پاس ڪري، باقي پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ’پير شاهنواز(پير ڪولاچيءَ) مان حاصل ڪيائين. ڇهين ڪلاس کان نائين ڪلاس تائين ڊي سي (ناز باغ) هاءِ اسڪول قاضي احمد ۾ پڙهيو، جتان مڊل اسٽئنڊرڊ جو امتحان ڏنائين ۽ ضلعي ۾ پهريون نمبر حاصل ڪري، اسڪالرشپ کٽيائين. مئٽرڪ جو امتحان وري شهر سن مان 1970ع ۾ ڏنائين. هن جو ارادو ڊاڪٽر ٿيڻ جو هو، پر مائٽ غريب هئڻ ڪري سندس خرچ ڀري نه سگهيا، ۽ هن 1971ع ۾ سڪرنڊ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج ۾، اسڪالرشپ وارن پئسن مان، -ايس- وي (سينيئر ورنيڪيولر) جي ٽريننگ ڪري، فرسٽ پوزيشن حاصل ڪئي. بي. اي گورنمينٽ سچل سرمست ڪاليج نوابشاهه مان ۽ ايم. اي (سنڌي) خانگي طرح سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1978ع ۾ پاس ڪري، فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ماڻي، سنڌ يونيورسٽيءَ پاران چانسلر ۽ وائيس چانسلر گولڊ ميڊل حاصل ڪيائين. ان کان سواءِ خانگي طرح اديب سنڌي، عالم ۽ فاضل ۾ پڻ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشنون حاصل ڪيائين. 22 -آڪٽوبر- 1972ع کان پرائمري استاد طور پرائمري اسڪول طيب لاکي، تعلقي سڪرنڊ ۾ مقرر ٿيو. مختلف اسڪولن ۾ پڙهائڻ بعد، ڪجهه عرصو گورنمينٽ اڳوڻي ڊي. سي هاءِ اسڪول ۽ هاڻي ايڇ. ايم. خواجا هاءِ اسڪول نوابشاهه ۾ جونيئر اسڪول ٽيچر طور پڙهايائين ۽ هڪ سال ايڇ. ايم خواجه هاءِ اسڪول سوسائٽي نوابشاهه (خانگي) ۾ 16 گريڊ ۾ -استاد- طور پڻ پڙهايائين ۽ -ان- اسڪول جي باني استادن مان آهي. -تاج جويو- 1982ع ۾ پبلڪ اسڪول ميرپورخاص ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ -جنوري- 1984ع ۾ گورنمنٽ ڪاليج مٺيءَ ۾ ليڪچرار ٿيو. اتان 1986ع ۾ گورنمينٽ سائنس ڪاليج سڪرنڊ، -ان- بعد 1988ع کان گورنمينٽ سٽي ڪاليج حيدرآباد، گورنمينٽ ڪاليج ڪوٽڙي ۽ بعد ۾ گورنمينٽ ڪاليج قاسم -آباد-، حيدرآباد ۾ ليڪچرر ٿي رهيو. 1996ع جي -آگسٽ- مهيني ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور سندس -ترقي- ٿي ۽ سيپٽمبر 1997ع کان سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. پنج سال سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين ۽ -ٽن- چيئرمنن- حميد سنڌي، ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ ڊاڪٽر قاسم ٻگهيي سان گڏ ڪم ڪيائين. سندس چواڻي: کيس ڊاڪٽر غلام علي الانا سان گڏ ٻوليءَ جي خدمت جي ڪم ڪرڻ جو فخر حاصل آهي. ڊاڪٽر فهميده حسين جي دور ۾ کيس ٻيو ڀيرو 10 نومبر 2008ع کان سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. سندس رُڪيل پروموشن وري به اٿارٽيءَ جي دور ۾ 13 نومبر 2008ع کان ٿيو ۽ هن وقت هو ائسوسيئيٽ پروفيسر آهي ۽ ڊيپوٽيشن تي اٿارٽيءَ جي سيڪريٽري جون ذميواريون سنڀالي رهيو آهي BPS-19

سوال : قوم جي واڌاري ۽ ترقي ۾ ٻولي جو ڪهڙو ۽ ڪيترو ڪردار  آهي؟
جواب: قوم جي وصف ۾ جيڪي اهم ڳالهيون اچن ٿيون ان ۾ ٻولي اهم آهي، ڪا به قوم زبان کان سواءِ جڙي نٿي سگهي۔ ان کان سواءِ قوم جي ترقي نٿي ٿي سگهي۔

سوال : سنڌي ٻولي ۾ نوجوان نسل پاران ٿيندڙ شاعري ۽ نثر نويسي مان ڪيترا مطمئن آهيو؟
جواب : ان حوالي سان اسان ڏاڍا خوشنصيب آهيون، اڄ ڪلھ جي دور ۾ ڏاڍا سٺا شاعر ۽ نثر نگار به آهن، ائين ناهي جورڳو مايوسي آهي، هن وقت ايوب کوسو، سعيد ميمڻ، اقبال رند، شوڪت نوناري ۽ جام ٻيا آهن، اسان وٽ تنقيدي جائزو به هجڻ کپي جيڪو رف شاعري ۽ نثر کي درست ڪري، مان شاعري جي مستقبل مان مايوس ناهيان۔ باقي نثر ۾ به رسول بخش ميمڻ، طارق قريشي، شبنم گل ۽ ٻيا کوڙ سارا ليکڪ آهن۔

سوال : سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ ۾ اڃا نائين ساڃاھ وند ڪامياب نه ٿي سگهيا آهن، ناڪامي جا بنيادي ڪارڻ ڪهڙا آهن؟
خواب : ناڪامي ناهي ٿي، ڪجھ ماڻهون نٿا چاهين ته سنڌي ٻولي قومي ٻولي ٿي، هو وقت جاغلام رهيا آهن، سنڌي صدين کان وٺي هلندي آئي آهي، دفتري ٻولي رهي آهي، اسان ته ڪڏهن به ٻي ٻولي جي خلاف ڪا ڳالھ ناهي ڪئي، اهو سنڌ جو حق به آهي ۽ ٿيڻ به گهرجي۔

سوال : نوجوان نسل کي سنڌي ادب ۽ شاعري ڏانهن آڻڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟
جوان : شاعري ۽ ادب هڪ جذبو آ ان لاءِ مطالعو ۽ مشاهدو ڪرڻ ضروري آ، نوجوان وڏي انگ ۾ ڪتابن ۽ لکڻ ڏانهن اچن پيا ۽ ڪم ڪن پيا۔




سوال : سنڌ ۾ ادب، شاعري ۽ آرٽ کي ڪيتري اهميت حاصل آهي؟
جواب : اسان جي ادارن ۾ ان کي اهميت ناهي پر هر آرٽسٽ، شاعر وٽ ان جي اهميت آهي۔ اسان جا جام آرٽسٽ آهن پر انهن کي ايتري اهميت ملي نٿي۔ حڪومتي سرپرستي ناهي پر بنا حڪومتي سرپرستي جي هر آرٽسٽ پنهنجي سر جدوجهد ڪري رهيو آهي، اهي زندگي جو جز آهن۔ حڪمرانن ۽ ادارن کي ان جي اهميت تسليم ڪرڻ گهرجي ۽ توجه ڏيڻ گهرجي۔


 سوال : سنڌ ۾ شاھ لطيف، سچل سرمست ۽ شيخ اياز کانپوءِ هن جي مقابلي جو ڪو شاعر پيدا ٿيو آهي؟
جواب : هر دور پنهنجا شاعر پيدا ڪندو آ۔ لطيف ۽ اياز پنهنجي صدي جا وڏا شاعر آهن، هن صدي ۾ ڪو وڏو شاعر پيدا ٿي سگهي ٿو۔ ڪهڙي خبر ته ڪو وڏو شاعر لڪيل هجي۔ اسين فيصلو نٿا ڪري سگهون تاريخ فيصلو ڪندي۔

سوال : ڇا سنڌي اديب عالمي معيار جو ادب پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهيا آهن؟
جواب : جيستائين سنڌي ادب جو ترجمو نه ٿيندو تيستائين ڪيئن سوچيون۔ ڇا شاھ سائين، امر جليل، نارائن شام،امداد، شمشير، مرزا قليچ يا شيخ اياز وغيره جون شاعري ۽ لکڻيون عالمي ميار جي ناهي؟۔ اسان جا ڪيترا ئي نوجوان آهن جن جي شاعري عالمي معار جي آهي پر ان کي اهميت ڏئي ترجمو ڪجي۔ اسان وٽ تنقيد به پيدا ڪئي وڃي، اها ئي عالمي معيار جو ادب پيدا ڪندي آهي۔

سوال : ڇا ٽيڪنالاجي ڪتاب پڙهندڙن ۾ گهٽتائي آندي آهي؟
جواب : بلڪل آئي آهي، اڄ ڪلھ جا نوجوان انٽريٽ ۽ ٽيڪنالاجي جو غلط استعمال ڪن ٿا پيا پر ايئن به ناهي، اڄ ڪلھ جا نوجوان ڪتابن ڏانهن به اچن پيا، ڪو زمانو هو جو ان تان به ڌيان هٽجي ويو هو۔ اڄ ڪلھ نيٽ تي ڪتاب موجود آهن پر اسان سمورو ادب نيٽ تي نٿا لاهي سگهون۔ نيٽ تي جيڪي بهتر شيون آهن اهي ڪرڻ کپن۔

سوال : سنڌ ۾ تعليم جي تباهي جا بنيادي ڪارڻ  ڇا آهن؟
جواب : وڏي ۾ وڏا ڪارڻ اسان جا تعليمي ادارا، افيسر ۽ تعليمي پاليسيون آهن۔ ٻولي کان غفلت به هڪ ڪارڻ آهي۔ ادارن ۾ نااحل ماڻهون استاد لڳا پيا آهن۔ اهي ساڳيا گورنمينٽ اسڪول ڪاليج ماڻ پرهيل آهن جيڪي اسان وڏا وڏا نالا ڏسون ٿا۔ 

سوال : سائين اخر ۾ ڪو پينغام ڏيڻ چاهيندو؟
جواب : پنهنجي ٻولي کي نه وساريو، ان کي کڻي اڳتي وڌو۔ ۔ ۔:


Interview with Taj Joyo by 
This practical work was conducted under supervision of Sir Sohail Sangi,  April 2016 at Department of Media and Communication Studies, University of Sindh Jamshoro

Interview with Dr Nawaz Kaka

Feedback later
                                                                                                                                                                                                                                                                 
         ڊاڪٽر نواب ڪاڪا                                          
انٽرويو وٺندڙ:  شير زمان کوسو
ڪلاس: بي، ايس پارٽ 2 
رول نمبر :   2k15/MC/82 
ڊاڪٽر نواب ڪاڪا سنڌي ادب جو پروفيسر آهي جنهن پرائمري تعليم تعلقي نيو سعيدآباد ۽ ضلعي مٽياري مان حاصل ڪئي. انٽرميڊيٽ اسلاميه ڊگري ڪاليج هالا مان حاصل ڪيائين سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو مان سنڌ ادب ۾ پي ايچ ڊي ڪيائين. ڪاليج ۾ پنج سال ليڪچرار رهيو ۽ هاڻي سنڌ يونيورسٽي ۾ پروفيسر جي حيثيت سان پڙهائي رهيو آهي. ڪيترن ئي سماجي تنظيمن سندن کي ايوارڊ سان نوازيو آهي.

 ”ننڍي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي جدوجهد جي ضرورت هوندي آهي“ ڊاڪٽر
 نواب ڪاڪا.

س: سنڌي ادب ۾ اوهان جي دلچسپي ڪيئن پيدا ٿي ۽ ڪهڙن اديبن اوهان کي متاثر ڪيو؟
ج: ننڍپڻ کان وٺي طبيعت ۾ ادب جي طرف لاڙو هو. پڙهائي واري دور کان وٺي ادب پڙهڻ ۽ لکڻ جو شوق هو. ننڍي هوندي کان شيخ اياز، امرجليل، نجم عباسي کي پڙهيو، جن جي لکڻين ادب سان چاهه پيدا ڪيو ۽ ادب ۾ متاثر ڪيو. شاهه عبداللطيف ڀٽائي کان جيئن ته هر گهر مان هڪ فرد واقف آهي. اهڙي طرح شاهه لطيف به ادب ۾ متاثر ۽ رهنمائي ڪئي. ائين ادب جي طرف پنهنجي شوق ۽ جذبي سان آيس ۽ لکڻ پڙهڻ جو سلسلو هلي پيو. 

س: سنڌي ادب جو سنڌ جي قومي ترقي ۾ ڪهڙو ڪردار رهيو آهي؟
ج: دنيا پر جو جيڪو ادب لکجي ٿو، اهو پنهنجي سماج جي عڪاسي ڪندو آهي. هن طريقي سان اسان جو سنڌي ادب شاهه عبداللطيف ڀٽائي کان وٺي موجودو دور تائين پنهنجي سماج جي عڪاسي ڪري ٿو. سماج جي سٺاين ۽ اوڻاين کي ظاهر ڪري ٿو. ان سان گڏوگڏ ثقافتي قدر به ادب ۾ محفوظ ٿي ويا آهن. ادب ۾ جيڪي لکڻيون آهن، سي پنهنجي سماج جي سجاگيءَ جو سبب آهن. سنڌي ادب ماڻهن ۾ جوش پيدا ڪرڻ لاءِ، ٻولي سان محبت پيدا ڪرڻ لاءِ ۽ ثقافتي قدرن کي سڃاڻڻ لاءِ وڏو ڪردار نڀايو آهي ۽ مان سمجهان پيو ته سنڌي ادب هن حوالي سان گهڻي ڀاڱي ڪم ڪندو اچي پيو.

س: دنيا جي هر ادب انساني حقن جي اظهار لاءِ وڏو ڪم ڪيو، تنهن ۾ سنڌي ادب جو ڪهڙو ڪردار رهيو؟
ج: ادب جو موضوع ئي زندگي آهي. زندگي ۾ جيڪي عمل ٿين ٿا، اهي اديب جا اول ترجيح آهن. مشاهدو اديب جو پهريون ڪم هوندو آهي. مختلف ڪردارن جي نشاندهي مختلف ناولن، ڊرامن، ڪهاڻين ۽ شاعري ۾ ٿيندي رهي آهي. مظلوم توڙي ظالم ڪردار تي به هر ادب ۾ لکيو ويو آهي. انساني حق انسان جون بنيادي گهرجون آهن. اسان وٽ جيڪو ادب جو ذخيرو موجود آهي. ان ۾ گهڻي ڀاڱي بنيادي حقن جي ڳالهه ٿيل آهي. جمال ابڙي، نسيم کرل جي ڪهاڻين، امر جليل، نجم عباسي، اياز قادري جي مجموعن ۽ شاعري ۾ شاهه لطيف کان وٺي شيخ اياز تائين انساني حقن قومي توڙي بين الاقوامي سطح ٿي ادب ذريعي آواز اٿاريو ويو آهي.

س: شاهه عبدالطيف ڪهڙن سببن جي ڪري هر دور جو جديد شاعر رهيو آهي؟
ج: شاهه لطيف هڪ ڪلاسيڪل شاعر آهي ۽ ڪلاسيڪل شاعر زمان، مڪان ۽ زبان جي سرحدن کان مٿانهون هوندو آهي يعني ان جي شاعري هر دور ۾ پنهنجي اهميت برقرار رکي. ڪلاسيڪل شاعري اهو وکر آهي جيڪا پئي پراڻي ڪونه ٿئي. شاهه لطيف جي شاعري ۾ اهي عالمي ۽ آفاقي قدر موجود آهن جيڪي اڄ جي دور جي ماڻهن جي اندر جي ڳالهه ڪن ٿا. ان جي احساسن، جذبن، ان سان ٿيندڙ ناانصافيون ۽ ان جي ثقافتي قدرن جي هر حوالي سان شاهه لطيف رهنمائي ڪري ٿو. سجاڳي ، جدوجهد، محنت ۽ قرباني هر دور جون گهرجون رهيون آهن. جيڪي شاهه لطيف جي شاعري جا بنيادي عنصر آهن. ان ڪري اڄ به هن جي شاعري ساڳي اهميت برقرار رکندي اچي ۽ سڀاڻي به رکندي.

س: موجوده ادب ۾ گهڻي ڀاڱي مقدار ملي ٿي، ادب ۾ ڪهڙي شيءِ اهميت رکي ٿي مقدار يا معيار؟
ج: ادب ۾ ڪنهن هڪ شيءِ جي چونڊ نه تا ڪري سگهون. مثال اسان چئون ته اساني کي معيار کپي پوءِ ڀلي ڪو هڪري ڪهاڻي لکي ۽ وڌيڪ نه لکي. جڏهن ليکڪ لکن ٿا. ان جون ڪجهه لکڻيون معيار جي بلنديون کي ڇهن ٿيون، ڪي وچ ٿريون آهن ته ڪي لکڻيون به معيار ۾ گهٽ آهن. اهڙي حوالي سان هر ليکڪ جي پنهنجي اهميت، قابليت ۽ ذهني سوچ آهي. ڪڏهن عام لکندڙ به شاعري، مضمون، ڪهاڻي ۽ ناول جي صورت ۾ سٺيون لکڻيون لکن ٿا ۽ هڪڙي ئي لکڻي انهن کي سڃاڻپ ڏئي ڇڏيندي آهي. ڪڏهن وري ليکڪ گهڻو لکن ٿا ۽ انهن جي ڪابه لکڻي گهڻي ڪامياب نه ٿي وڃي. ان ڪري معياري ادب جو مقدار گهڻو هجڻ گهرجي ڇو ته معيار جي هر دور ۾ گهرج هوندي آهي.

س: سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ ۾ سنڌي اديبن جو ڪهڙو ڪردار رهيو آهي؟
ج: ڪو دور هو جڏهن عالمي فڪري لاڙا پيدا ٿيا، مزاحمتي ۽ قومپرست ي وارو لاڙو عروج ٿي هو. انهي پليٽ فارم تان اديبن منظم ڪوششون ورتيون . ان دوران ليکڪن عملي ڪردار نڀايو، پيمفليٽ لکندا آيا، سياسي ۽ سماجي شعور لاءِ ٻاهر نڪرندا آيا. اديبن ٻوليءَ جي بچاءِ لاءِ تحريڪون هلايون ۽ واڌاري لاءِ معياري ادب تخليق ڪئي. پر موجوده دور ميڊيا جو دور آهي، جنهن ۾ اسان کي ڏيکا گهڻو ٿو نظر اچي. جيئن عام ماڻهو ڏيکاءُ جي پويان آهي. تيئن دانشور به ميڊيا ۽ ڪوريج ۾ شهرت حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. پر عملي صورت ۾ اڳان نه ٿا اچن ۽ نه ئي سماج ۾ انهن کي موٽ ملي ٿي. تنهن جي باوجود ڪجهه اهڙا اديب آهن. جيڪي شيخ اياز جا هم عصر هئا، جيڪي اڄ به پنهنجي ٻوليءَ سان سچا آهن ۽ ٻولي کي قومي درجو ڏيڻ ۾ انهن جو وڏو  ڪردار رهيو آهي.

س: اسان جو اڄوڪو نوجوان ڪهڙن سببن جي ڪري ادب کان پري آهي؟
ج: پڙهڻ ۾ لکڻ وارا نوجوان ادب کان ڪڏهن به پري ڪونه هوندا آهن. گهڻن کي اڄ به ادب سان گهڻي دلچسپي آهي. جن نوجوانن کي تعليمي ۽ ادبي ماحول مليو آهي. اهي ادب ۾ اڄ به ڏاڍا سرگرم آهن. انهن پڙهائي وارو اثر قبوليو آهي. پر جيڪي نوجوان ڳوٺاڻي ماحول ۽ روايتن ۾ گهيريل آهن جن وٽ لائبريري جي بدران نيٽ يا سوشل ميڊيا جون سهولتون موجود آهن، اهي ادب پڙهڻ ۽ لکڻ کان تمام گهڻو پري آهن. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڳوٺاڻن ۾ لائبريري ۽ تعليمي سهولتون عام ڪجن جيئن سنڌ جو اڄوڪو نوجوان ادب کان آشنا ٿي.

س: گهڻا اديب صحافي به رهي چڪا آهن ته ادبي لکت، صحافتي لکت کان ڪيئن مختلف آهي؟
ج: ادب ۽ صحافت ٻه جدا شعبا آهن. ادب جو تعلق ٻوليءَ سان آهي ۽ صحافت ڄاڻ جو وسيلو آهي. جيئن ڊرامو هڪ ادب جو صنف آهي پر ان کي عام ماڻهو تائين پهچائڻ صحافت سان راڳاپيل پروڊيوسر جو ڪم آهي. ڪڏهن هڪ ليکڪ به ميڊيا تي اچي ادبي پروگرام ڪري ٿو. ائين هر علم جو ٻي علم سان واسطو رهيو آهي. صحافت جي وجود کان پوءِ ٻئي ادب ۽ صحافت گڏ گڏ هليا آهن. اديب ميڊيا ۾ اچي پنهنجون لکڻيون پيش ڪري ٿو، ائين ميڊيا به ان لاءِ ادبي اظهار جو سبب بنجي ٿو.
س: سنڌي ادب جي ترقي ۾ عورت ليکڪائن ڪهڙيون خ
دمتون سرانجام ڏنيون؟
ج: اسان جي سماج ۾ عورتن کي ڪجهه ڪرڻ جو موقعو ناهي ڏنو ويو. پر جيتري قدر انهن کي موقعا فراهم ڪيا ويا، انهن هر موقعي ۽ هر هنڌ پاڻ کي مڃايو آهي. ادب ۾ ڊاڪٽر فهميده حسين، عظيم ڪهاڻيڪار نوراحدا شاهه، ماهتاب محبوب، شاعره روبينه ابڙو، جميلا نرگس ۽ ڪلاپرڪاش جا نالا نمايان آهن. اڳوڻي دور کان هاڻوڪي دور ۾ ادب ۾ عورتن جون خدمتون ڏسڻ وٽان آهن.

س: موجوده دور ۾ سنڌي ادب کي ڪهڙا خطرا درپيش آهن؟
ج: موجوده دور ۾ سنڌي ادب کي ڪي اهم خطرا درپيش ناهن، جنهن مان چئجي ته ادب لکجي ڪونه ٿو. جڏهن ته ڪنهن به ٻوليءَ لاءِ وڏو خطرو ان ٻوليءَ ۾ نه لکجڻ آهي. سنڌي ادب جي لکجڻ سان گڏوگڏ پڙهڻ وارو حلقو پڻ موجود آهي. ان کان علاوه گهڻن اديبن ڪيترن ئي ٻين ٻولين جا ڪتاب سنڌي ۾ ترجما ڪيا آهن جيڪي ادب جي واڌاري جو سبب آهن.

س: اوهان سنڌ جي نوجوانن خاص ڪري ادب سان لاڳاپيل شاگردن کي ڪهڙو پيغام ڏيڻ ضروري سمجهو ٿا؟
ج: اسان جو نوجوانن کي اهو پيغام آهي ته هو پنهنجي پاڻ سان سچا ۽ حقيقت پسند ٿين. پنهنجي زندگي ۾ هڪڙو واضع نقط نظر رکن ۽ ان جي حاصلات لاءِ ڪوششون وٺن نه فقط ادب پر زندگي جي ڪهڙي به شعبي مان هجن، ان ۾ محنت ڪن ڇو ته ننڍي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي جدوجهد جي ضرورت هوندي آهي.

Interview with Prof Dr Nawab Kaka by Sher Zaman Khoso 

This practical work was conducted under guidance of Sir Sohail Sangi, 
at Department of Media and COmmunication Studies, University of Sindh, Jamshoro (April 2016) 

Interview with Nusrat Raza Mangi


نصرت رضا منگي
انٽرويو: نبيل احمد ابڙو
رول نمبر     2k15/MC/66
ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽيڊيز بي ايس پارٽ 2

زندگي به هڪ آرٽ ئي آهي: نصرت رضا منگي




سنڌ ۾ مجسمه سازي جو هنر انتهائي قديم وقت کان وٺي موجود آهي ۽ ان کي سنڌ ۾ وڏي قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو دنيا جي قديم ترين تهذيب جي مهندار موهن جي دڙي مان پڻ اسان کي ڪنگ پريسٽ ۽ ڊانسنگ گرل جا مجسمه مليا آهن. مجسمه سازي جي انهي هنر کي سنڌ جا ماڻهو اڄ به جيئن جو تيئن جاري رکيو پيا اچن ، جديد سنڌ ۾ هن وقت نصرت رضا منگي اهڙو مجسمه ساز آهي، جنهن هن فيلڊ ۾ وڏو نالو ڪمايو آهي. نصرت رضا منگي مجسمه سازي جي شعبي  اندر وڏو ڪم ڪيو آهي، جنهن ڪري کيس وڏي مڃتا پڻ ملي آهي.سندس صوفي ازم واري مجسمن جو چرچو پوري دنيا ۾ مشهور آهي.هن وقت سينٽر آف ايڪسيلينس مهراڻ يونيورسٽي جي فائن آرٽ شعبي ۾ هيڊ آف ڊپارٽمينٽ طور پنهنجون ذميواريون سر انجام ڏئي رهيو آهي،
هن نالي واري مجسمه ساز جو جنم 20 جون 1966ع ۾ خيرپور ميرس ۾ ٿيو، انٽر ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان پاس ڪئي. نصرت رضا منگي مجسمه سازي طرف ڪيئن آيو، هو انهي شعبي کي ڪيئن سمجهي ۽ ڏسي ٿو، اچو ته ان بابت سندس ويچار ٻڌون.

.
سوال: اوهان مجسمه ٺاهڻ ڪڏهن شروع ڪيا ۽ شوق ڪيئن پيدا ٿيو؟

جواب: مون کي ياد ناهي ته مان مجسمه ٺاهڻ ڪڏهن شروع ڪيا باقي منهنجي امڙ گهر ۾ مٺي جي چلهه وغيرو ٺاهيندي هئي، جنهن کي ڏسي مون کي شوق پيدا ٿيو ۽ مون پهريون مجسمو آسمان تي اڏندڙ ڪبوتر جو ٺاهيو هو، انهي مجسمي کي ڏسي امڙ منهنجي ڪم جي تعريف ڪئي هئي.

 سوال : اوهان ڪهڙن موضوعن تي ڪم ڪيو آهي ۽ ڪريو پيا؟
جواب: منهنجا موضوع هر دور ۾ مختلف رهيا آهن، پر منهنجي توجهه هميشه سنڌ جي مسئلن تي رهي آهي، اسان ان درد کي پنهنجي ڪم ذريعي دنيا تائين پهچايون ٿا. مثال طور سنڌ اندر قرآن کڻي ڏوهه بخشرائبا آهن ان تي منهنجو ڪافي ڪم ڪيل آهي، ان کان علاوه محمد علي ڀٽي سان لطيف سائين جو مجسمو ٺاهڻ دوران مون گڏ ڪم ڪرايو. پر هاڻ مان صوفي ازم تي ڪم پيو ڪريان ۽ هن ڪم جي مون کي ڀرپور موٽ پڻ ملي رهي آهي.

سوال: آرٽ هڪ وسيع فيلڊ آهي، پو اوهان مجسمه سازي ۾ ئي مهارت ڇو ڪئي؟

جواب: اين سي اي مان نيڪالي بعد مون سنڌ يونيورسٽي جي فائن آرٽ شعبي ۾ داخلا ورتي ۽ مون يونيورسٽي ۾ جڏهن پنهنجو پهريون ڊزائن ٺاهيو ته منهنجي استاد محمد علي ڀٽي اهو ڊزائن ڏسي چيو ته تون تمام بهترين تخليقڪار آهين ۽ هن مون کي مجسمه سازي ۾ مهارت ڪرڻ لا چيو ۽ منهنجي مدد پڻ ڪئي.

سوال : اوهان آرٽ کان علاوه ٻيو به ڪو ڪم ڪيو آهي ؟

جواب: جي بلڪل، جڏهن مان اين سي اي لاهور ۾ پڙهندو هئس ته شام جو اردو سائنس بورڊ ۾ بطور ايلسٽيٽر ڪم ڪندو هئس، جتي منهنجون ملاقتون مستنصر حسين تارڙ جهڙن ماڻهن سان ٿينديون هيون ۽ انهن وٽان سکڻ جو موقعو پڻ ملندو هو.

 سوال : اوهان کي اين سي اي مان ڪڍڻ جو ڪهڙو سبب هو؟
جواب: اهي ضيا جي آمريت وارا ڏينهن هئا ۽ پوري ملڪ ۾ سنڌين سان ماٽيلي ما وارو سلوڪ جاري هو، اسان سان به ڪاليج اندر ناانصافيون ڪيو وينديون هيون ۽ پنجابي ڳالهائيندڙن جي ڀيٽ ۾ اسان سنڌين کي مارڪون تمام گهٽ ڏنيون وينديون هيون، انهن ناانصافين خلاف اسان سنڌين هڪ تحريڪ هلائي ۽ ڪاليج جي آڊيٽوريم ۾ هڪ گڏجاڻي منعقد ڪئي هئي جنهن تان ان وقت جي پرنسپال عباسي عابدي مڇرجي اسان 7 سنڌي شاگردن کي ڪاليج مان نيڪالي ڏئي ڇڏي هئي.
.
سوال: عام طور چيو ويندو آهي ته هڪ آرٽسٽ ۾ مصوري جا گڻ ننڍپڻ کان هوندا آهن، ڇا اها حقيقت آهي؟

جواب: ڏسو، ونسٽ ونگائو 33 سالن جي عمر ۾ ڪم شروع ڪيو ۽ اڄ هو دنيا جي نالي وارن آرٽسٽن مان هڪ آهي، ته سکڻ ۽ پڙهڻ جي ڪا به عمر ناهي هوندي باقي هن ڪم لا مسلسل پريڪٽس جو هئڻ ضروري آهي ڇو جو هن ڪم ۾ وڌيڪ پريڪٽس سان ئي نکار ايندو آهي ۽ اوترو ڪم به سٺو ٿيندو آهي.

سوال: ملان ماڻهو چوندا آهن ته تصوير ٺاهڻ ۽ مصوري ڪرڻ حرام آهي، ان تي ڇا چوندا؟

جواب: اهڙن ملن کي چئو ته جڏهن هو پاڻ حج يا عمري تي ويندا آهن ته وڏيون تصويرون ڪڍرائيندا آهن، ته اسلام ۾ صرف تصويرون ٺاهڻ نه پر ڪڍرائڻ به حرام آهي.

 سوال: آرٽ جي پڙهائي تمام مهانگي آهي، پو غريب جو ٻار ڪيئن آرٽ طرف ايندو؟

جواب : اها بلڪل غلط ڳالهه آهي ته آرٽ جي پڙهائي تمام مهانگي آهي، آرٽ پڙهائي سان گڏوگڏ هڪ شوق به آهي، اسان جي يونيورسٽي ۾ غريب شاگرد به پڙهي رهيا آهن ۽ آرٽ جي پڙهائي برداشت جوڳي آهي، ايتري مهانگي به ناهي.

سوال: سنڌ اندر آرٽ اينڊ ڊزائن کي ڪيئن ٿا ڏسو؟

جواب: هن وقت سنڌ اندر آرٽ اينڊ ڊزائن پنهنجي عروج تي آهي ۽ ڪراچي آرٽ جي حوالي سان تمام اڳتي نڪري چڪو آهي، جتي آرٽسٽ کي پنهنجي ڪم جو بلڪل صحيح اجورو ملي ٿو، ۽ حال ئي ۾ اسان پنهنجي يونيورسٽي اندر انٽرنيشنل واٽر ڪلر جا مقابلا ڪرايا جنهن ۾ 32 غير ملڪي آرٽسٽن حصو ورتو، ته هن وقت دنيا ۾ سنڌ جي آرٽ جو تمام سٺو پيغام وڃي رهيو آهي.

سوال: اوهان جو ڪو پيغام؟

جواب: مان ان نام نهاد ملن ۽ ساڃاهه وندن کي چوندس ته اسان تي اجائي تنقيد نه ڪريو ڇو جو اسان آرٽسٽ تمام نازڪ هوندا آهيون، اسان کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏيو ته جيئن اسان قدرت جي خوبصورتي کي اڃا خوبصورت بڻايون.

Interview with Nusrat Mangi by Nabeel Abro 
Practical work was conducted under guidance of Sir Sohail Sangi, (April 2016)

Interview with actor Jibran Anjum Mamoon

Composing mistakes. Referred back 
 u put ے instead of  ی , this made all  ur composing not readable. It seems ok in inpage but  in editing and putting it on web site  creates problems.
Photo of personality? 
Referred back 

راجہ فہد شبیر انٹروےو 2k15/MC/72
کلاس: BS-II
اداکار جبران انجم عرف "ماموں "
تعارف: شعبہ کوئی سا بھی ہو ہر شعبے کی اپنی اہمےت ہوتی ہے شو بز کا شعبہ بھی اپنی جگہ اہمےت کا حامل ہے۔ نہ تو حکومتی سطح پر اس کی حوصلہ افزائی کی جاتی ہے اور نہ ہی عوامی پزےرائی اس کو حاصل ہے پھر بھی اس سے وابستہ اداکار دن رات محنت اور لگن سے اپنے فرائض ادا کرتے رہتے ہےں۔ 
اسی طرح ادا کار جبران انجم عرف ماموں شو بز کی دنےا مےں اےک منفرد مقام رکھتے ہےں ۔ آپ نے اداکاری کی ابتداءرےڈےو سے کی اور پھر اسٹےج ڈرامہ اور ٹےلےوےژن ڈراموں کے ساتھ ساتھ فلم انڈسٹری مےں بھی اداکاری کے جوہر دکھائے۔ اداکاری کے ساتھ ساتھ آپ ڈرامے بھی لکھتے ہےں اور شاعری بھی کرتے ہےں۔ مشہور ہونے والے ڈراموں مےں رات کی آنکھےں، کاروان اور رےڈےو مےں "رشےدہ ٹانگے والا " اور پاکستان ٹےلی وےژن کا سپر ہٹ ڈرامہ ففٹی ففٹی (50-50 )سر فہرست تھا۔ 

س ابتدائی زندگی کے بارے مےں بتائےں؟ 
جواب مےں پاکستان بننے کے 3سال بعد ےعنی 1950 مےں حےدرآباد مےں پےدا ہوا۔ مےرا اصلی نام واجد حسےن ہے ۔ بہن بھائیوں مےں ہم دو بھائی اور اےک بہن ہے۔ ابتدائی تعلےم مےن انجم ہائی اسکول حےدرآباد سے حاصل کی۔ اور پھر سٹی کالج حےدرآباد سے گرےجوئےشن تک تعلےم حاصل کی۔ 

س شعبہ اداکاری مےں کےسے آنا ہوا؟
جواب جس طرح ہر بچہ شرارتی ہوتا ہے تو مےں بھی بہت شرارتی تھا اداکاری کا بچپن سے ہی شوق تھا جب اسکول مےں تھا تو اساتذہ کی نقل اتارتا تھا۔ اسکول کی اےک تقرےب مےں مےں نے اور مےرے دوست محمد رمضان نے حصہ لےا۔ جس مےں محمد رمضان نے گانا گاےا اور مےں نے چند لطےفے سنا کر لوگوں کو محضوظ کےا ۔ جسے لوگوں نے بہت پسند کےا۔ ہمارے اساتذہ مےں فےاض صاحب اور مولانا عتےق الرحمن صاحب کا تعلق رےڈےو پاکستان سے تھا۔ تو پھر انہوں نے حوصلہ دےا اور کہا کہ رےڈےو پاکستان آجاﺅ۔ چنانچہ 7سال کی عمر مےں مےں محمد رمضان اور آفتاب احمد زےدی ہم تےنوں دوست اےک ساتھ رےڈےو پاکستان پہنچ گئے۔ مےرے دونوں دوست گلوکار بن گئے اور مےں اپنے شوق کی وجہ سے اداکاری مےں آگےا۔ 

س سب سے پہلا کردار کونسا کےا؟ 
جواب 1957 مےں بچوں کے فےچر سے رےڈےو مےں کام کا آغاز کےا اس مےں "با ادب با ملاحظہ ہوشےار" کے الفاظ بولے۔ اس فےچر کی خاص بات ےہ تھی کہ وہ براہ راست نشر ہونا تھا۔ اور اس فےچر کے پروڈےوسر اس وقت کے نامی گرامی شخصےت عبدالقےوم صاحب تھے۔ 

س فنی زندگی کا اس سے آگے والا سفر کےسا رہا؟
جواب رےڈےو پاکستان سے خوب پذےرائی ملی اس سے مےرا حوصلہ بڑھا اور پھر اسٹےج شوز مےں کام کےا ۔ کمرشل شوٹس کئے اور اس کے ساتھ ساتھ شادی کی تقرےبات مےں بھی لوگوں کو محضوظ کرتا رہا ۔ پھر 1962مےں فلم "آسرہ" مےں محمد علی صاحب کے بچپن کا کردار ملا۔ فلم کے شروع مےں اےک گانا ہے "جنگل مےں مور ناچا ،کس نے دےکھا " وہ سارا گانا مجھ پر فلماےا گےا۔ اس کے بعد 1964 مےں پاکستان ٹےلےوےژن آگےا۔ اور ہم اسٹےج اور رےڈےو والے اداکاروں نے پاکستان ٹےلی وےژن مےں کام کرنا شروع کردےا۔ ڈراموں مےں کام بھی کےا اور بہت سارے ڈرامے لکھے بھی اور ساتھ ساتھ شاعری بھی کی۔ 

س مشہور ہے کہ 1962 سے 1979 کے درمےانی عرصے تک آپ رےڈےو سے دور رہے اس کی وجہ؟ 
جواب جی ہاں 1962 سے 1979کے درمےانی عرصہ تک مےں رےڈےو سے دور رہا اس کی وجہ ےہ تھی کہ وہ دور رےڈےو کے عروج کا دور تھا۔ بہت بڑے بڑے اداکار پہلے ہی موجود تھے۔ اور اس زمانے مےں پروڈےوسرز کا بہت روب ہوا کرتا تھا۔ کوئی نےا اداکار ڈر کے مارے پروڈےوسرز کے آفس مےں نہےں جاتا تھا۔ چونکہ مےں بھی اس شعبے مےں نےا نےا آےا تھا اور جان پہچان بھی اتنی نہےں تھی اس لئے اس دور مےں رےڈےو مےں کام کا موقع نہےں ملا۔ 

س پھر دوبارہ کےسے رےڈےو مےں واپسی ہوئی؟ 
جواب ےہ 1979 کی بات ہے اےک رات مےں دوستوں کے ساتھ ہوٹل مےں گپ شپ کررہا تھا کہ اچانک اےک دوست نے پوچھا، ےار جبران تم اسٹےج ڈراموں مےں اتنا مشکل کام کرتے ہو تو رےڈےو مےں کےوں نہےں جاتے ؟ تو مےں نے کہا ےار مےں رےڈےو کا آرٹسٹ ہوں جب سات سال کا تھا تب کام کرچکا ہوں مگر ابھی کوئی جان پہچان ہی نہےں اس لئے کوئی بلاتا بھی نہےں۔ دوست بولے مےری اہلےہ شہناز وسےم رےڈےو پاکستان مےں کام کرتی ہےں ۔ تو وہ دوست رات کے تقرےبا 2بجے اپنے گھر لے گئے ۔ دروازہ بجاےا اندر سے ان کی اہلےہ جو کہ سوئی ہوئی تھےں اٹھ کر باہر آگئےں۔ دوست بولے شہناز کل جبران رےڈےو پاکستان آئے گا اس کی وہاں پر پروڈےوسر سے ملاقات کروانی ہے۔ شہناز نے حامی بھر لی اور اگلے دن مےں رےڈےو پاکستان پہنچ گےا۔ وہاں پر انہوں نے مےری ملاقات "محمود صدےقی صاحب "سے کروائی۔ ان کو مےں نے اپنا تعارف کرواےا اور پھر انہوں نے مجھے انوار احمد صدےقی کے پاس بھےج دےا ۔ انوار صاحب اس زمانے مےں اےک سےرےز چلارہے تھے جس کا نام تھا "تماشا مےرے آگے" اور اس سےرےز کا دوسرا پلے تھا "رشےدہ ٹانگے والا "اس ڈرامے مےں قمر انجم ہےرو تھے اور مےں نے "وےلن "کا کردار ادا کےا اور کہرام مچا دےا ۔ وہ ڈراما بہت مشہور ہوا اور ےوں ےہ مےرا سب سے زےادہ ہٹ ہونے والا پہلا ڈراما بن گےا اور ےوں مےری جان پہچان بھی دےگر اداکاروں سے بنی۔ پھر شکےل صدےقی سے رﺅف لالا ، وسےم عباسی سے معےن اختر، لےاقت سولجر ، آغا سکندر، محبوب عالم، اور اشفاق احمد سمےت ہر بڑے اداکار کے ساتھ کام کےااور ان سے خوب پذےرائی ملی۔ 

س پاکستان مےں اداکاری کی کےا اہمےت ہے؟
جواب اداکاری اےک اچھا شعبہ ہے مگر پاکستان مےں پہلے جو خاص قدر تھی وہ اب نہےں رہی اب ےہاں اگر قدر ہے تو پےسے کی ہے اگر آپ کے پاس پےسہ ہے تو آپ کے لئے اداکاری مےں کوئی رکاوٹ نہےں۔ 

س سےکےورٹی کے حوالے سے اےک اداکار کس حد تک محفوظ ہے؟
جواب اداکاری اےک فن ہے اور اس کو کوئی بھی نہےں چھےن سکتا ،زندگی موت اﷲ کے ہاتھ مےں ہے۔ جہاں تک مےری بات ہے تو 7دفعہ موت کا سامنا کرنا پڑا اور ہر بار موت کے منہ سے بچ کر واپس آگےا ہوں۔ تو مےرا ماننا ےہ ہے کہ جب موت نے آنا ہے تو پھر کوئی نہےں بچا سکتا۔ تو اسلئے کبھی سےکےورٹی کا خدشہ نہےں ہو ا۔ 

س زندگی کا کوئی دلچسپ واقعہ ؟
جواب اےک بار ہماری 3 ،4ساتھی اداکارہ رات کو دےر سے شوٹنگ سے فارغ ہوئیں اور وہ گھر کو جارہی تھےں کہ راستے مےں ان کو پولےس والوں نے روک لےا۔ اتنی رات کو اکےلے لڑکےوں کو دےکھ کر پولےس والوںنے ان کو مشکوک قرار دے کر تھانہ لطےف آباد نمبر 8مےں لے آئے اور حوالات مےں بند کردےا۔ ےہ بات مےرے دوستوں کو پتا چلی تو انہوں نے مجھے پان دئےے اور کہا کہ تھانہ لطےف آباد نمبر 8مےں جاﺅ اور ساتھی اداکاراﺅں کو لے آﺅ۔ ےہاں پر ےہ بتاتا چلوں کہ اس وقت تھانہ لطےف آباد کے انچارج "قمر شےخ" صاحب تھے انہوں نے اسٹےج ڈراموں مےں مےرے ساتھ کام کےا اور مےرے بہت ہی اچھے دوست تھے۔ تو اس لئے مےں نے فوراً پان اٹھائے اور پورے اعتماد کے ساتھ تھانے چلا گےا۔ سوچا ےہ تو کوئی مسئلہ نہےں ہے ابھی حل ہوجائے گا جب تھانے پہنچا تو پتا چلا کہ قمر صاحب باہر راﺅنڈ پر گئے ہےں ۔وہاں اےک کلرک تھا مےں نے اس کو بولا قمر صاحب کے آفس کا دروازہ کھولو۔ اس نے کہا کہ صاحب آپ ؟ مےں نے کہا ©’قمر کا دوست ہوں‘ اور پھر کلرک نے دروازہ کھولا اور مےں آفس مےں داخل ہوگےا۔ ہاتھ مےں جو پان تھے وہ سامنے مےز پر رکھ دئیے۔ اور کلرک کو بولا پانی پلاﺅ اور اس نے پانی پلاےا اور پھر مےں کرسی پر ٹانگ پہ ٹانگ رکھ کر کچھ ےوں بےٹھ گےا کہ مےری دروازے کی طرف کمر تھی۔ ابھی کچھ دےر ہی گزری تھی کہ مجھے قدموں کی آواز سنائی دی اور مےں نے سوچا کہ ابھی قمر آئے گا اور آکر گلے ملے گا اور خوش ہوجائے گا کہ ماموں مےرے پاس آئے اور چند منٹوں مےں معاملہ حل ہوجائے گا۔ ابھی مےں ےہ سوچ ہی رہا تھا کہ اسی دوران پتا نہےں کب قمر صاحب آگئے اور انہوں نے مجھے کمرے کے باہر سے ہی دےکھ کر پہچان لےا اور سپاہی کو اپنے پاس بلاےا اور سمجھاےا کہ ابھی مےں جےسا بولوں وےسا کرنا ۔ ہنسنا نہےں ورنہ نوکری سے نکال دوں گا ےہ کہہ کر ٹک ٹک کرتے ہوئے قمر صاحب آفس مےں داخل ہوئے جےسے ہی وہ آئے مےں نے نہاےت گرم جوشی سے کہا السلام و علےکم ۔ انہوں نے کوئی جواب نہےں دےا۔ سر پر ٹوپی تھی وہ اتار کر مےز پر رکھی اور مےرے سامنے کرسی پر آکر بےٹھ گئے تھوڑی دےر مجھے مشکوک نظروں سے گھورتے رہے اور پھر بولے جی فرمائےے۔ مجھے جھٹکا لگا کہ اتنا قرےبی دوست کےسے اجنبےوں کی طرح بات کررہا ہے مےں نے کہا کےا ہوگےا ؟ انہوں نے کہا آپ ہےں کون ؟ مےں گھبرا گےا اور دل ہی دل مےں سوچنے لگا کہ آج قمر کو کےا ہوگےا ؟ پھر ہمت کر کے مےں نے کہا ’ےار قمر‘ اچانک غصے مےں بولے کون قمر ؟ اب گھبراہٹ کا ےہ عالم تھا کہ مےری زبان سے کوئی بات نہ نکلے۔ اتنے مےں قمر صاحب نے گھنٹی بجائی تھوڑی ہی دےر مےں اےک سپاہی آفس مےں داخل ہوا۔ اس سے بولے "لے جاﺅ اس شخص کو اور حوالات مےں بند کردو پتا نہےں کہاں سے آجاتے ہےں " ان کا ےہ کہنا تھا کہ سپاہی نے مجھے بازو سے پکڑا، مےں جو کرسی پر بےٹھا تھا اےک جھٹکے سے کھڑا ہوگےا اس طرح سپاہی مجھے آفس سے باہر لے گےا۔ اور حوالات مےں اداکاروں کے ساتھ بند کردےا۔ مےرے پسےنے چھوٹ گئے، مےں نے سوچا عجےب اتفاق ہوا ہے جن کو چھڑوانے کے لئے آےا انہی کے ساتھ حوالات مےں بند ہوگےا ۔ اب مےں حوالات مےں دےوار کے ساتھ ٹےک لگا کر زمےن پر بےٹھ گےا اور دل ہی دل مےں دعا کرنے لگا کہ بس ےہاں سے نکل جاﺅں ۔ وہاں قمر صاحب نے پانی وغےرہ پےا اور قرےب 15 سے 20منٹ بعد مجھے بلواےا۔ سپاہی نے آکر حوالات کا دروازہ کھولا اور مےری طرف اشارہ کرتے ہوئے بولا تمہےں صاحب بلا رہے ہےں مےں خوش ہوگےا کہ لگتا ہے قمر صاحب مجھے پہچان گئے اور دل ہی دل مےں شکر کرتے ہوئے دوبارہ آفس مےں داخل ہوگےا ۔ مےں جےسے ہی اندر داخل ہوا قمر صاحب روبدار آواز مےں بولے "ےہ لڑکےاں تمہاری کےا لگتی ہےں" مےں اک بار پھر سے ہکا بکا رہ گےا مےں گھبرائی ہوئی آواز مےں بولا "ےار قمر " وہ اےک دم غصے سے بولے تمےز سے بات کرو۔ مےں چپ ہوگےا چندلمحوں تک وہ مجھے گھورتے رہے اور پھر بولے "کپڑے اتار " مےں نے فورا ً ڈرتے ہوئے اپنی قمےض اور بنےان اتار کر سامنے مےز پر رکھ دی۔ اب میں پاجامے مےں کھڑا ان کے سامنے کانپ رہا تھا پھر مجھے پاجامہ اتارنے کا کہا گیا پھر تو میں اچانک آگے بڑھا اور قمر صاحب کے قدموں مےں جاگرا اور بولا "صاحب مجھے معاف کردےں " اےک دم قمر صاحب نے زور دار قہقہہ لگایااور مجھے زمےن سے اٹھا کر گلے لگالیااور بولے " اب بتا کون بڑا ادا کار ہے توےا میں" پھر انہوں نے سپاہی کو بلاےا اور کہا کہ حوالات مےں موجود لڑکےوں کو جانے دو۔ اور دےر تک آفس ہمارے قہقہوں سے گونجتا رہا۔ 

س آپ کو ماموں کےوں کہا جاتا ہے؟ 
جواب مےں سٹی کالج مےں تھا تو کالج مےں الےکشن ہوئے اور مےں نے اور مےرے دوستوں نے مل کر الےکشن کمپےن چلائی اور اس کمپےن کو پرکشش بنانے کے لئے مےں نے داڑھی مونچھےں اور بڑے بڑے بال لگا کر فرضی عمر رسےدہ شخص کا روپ دھار لےا اور اس پر مجھے اےک دوست نے "ماموں "کا نام دے دےا۔ وہ اتنا مشہور ہوا کہ تب سے لےکر آج تک دنےا مجھے "ماموں "کے نام سے جانتی ہے۔ 

س کبھی سوچا آپ اگر ادا کار نہ ہوتے تو کےا ہوتے؟
جواب انسان وہ کام کرنے کا سوچتا ہے کہ جس کام کی اس کو خواہش ہو اور مجھے بچپن سے ہی اداکاری کی خواہش تھی ۔ اور مجھے لگتا ہے کہ مےں اسی کام کے لئے بنا ہوں۔ تو اس لئے کبھی ادا کاری کے علاوہ سوچا ہی نہےں۔ 


س اےک اداکار مےں کونسی خوبی لازماً ہونی چاہئے؟
جواب اےک اداکار خوش شکل ہونا چاہئے وےسے تو اﷲ تعالی نے کسی کو برا نہےں بناےا ہر چہرہ حسےن ہے اور خوش شکل سے بھی بڑی بات "اچھی آواز "ہونی چاہئے اور بہترےن ادا کار کی نشانی ےہ ہے کہ وہ اچھی آواز کو ٹھےک سے استعمال کرنے والا ہو۔ 

س آپ کو زےادہ مشکلات کا سامنا اسٹےج ڈراموں مےں ہوتا ہے ےا رےڈےو رےکارڈنگ مےں؟ 
جواب دونوں ہی اپنی جگہ اہمےت کی حامل ہےں مشکل اسٹےج مےں بھی ہوتی ہے کے اسٹےج ڈراموں مےں سب کے سامنے لائےو پرفارم کرنا ہوتا ہے اس مےں اسکرپٹ بہت بڑا ہوتا ہے ۔ ےاد کرنے مےں مشکل پےش آتی ہے ۔ اگر آپ اسکرپٹ بھول جائےں تو ےہ آپ کی صلاحےت ہے کہ آپ اس بات کو کےسے کوور کرتے ہےں ۔ رہی بات رےڈےو کی تو رےڈےو مےں بھی مشکل پےش آتی ہے۔ رےڈےو مےں سامعےن آپ کی آواز سے ہی پوری کہانی کی تصوےر بناتے ہےں کےوںکہ ہر اےک سےن کے حساب سے اس طرح کی آواز نکالنا بہت مشکل ہوجاتا ہے۔ 

س کےا حکومت ےا کسی تنظےم کی طرف سے اداکاروں کو سپورٹ ملتی ہے؟ 
جواب حکومت کی طرف سے تو صرف اےوارڈ ملتے ہےں اور وہ بھی پرچی پر ۔ باقی کوئی خاص کسی قسم کی قابلِ ذکر سپورٹ نہےں ملتی۔ 

س تقرےباً پوری زندگی ہی شعبہ اداکاری مےں گزار دی تو آپ کو اسکا فےڈ بےک کےا ملا؟ 
جواب جس حساب سے مےں نے اپنی زندگی شعبہ اداکاری مےں گزاری اس کے جواب مےں اتنا رسپونس نہےں ملا جتنا کے ملنا چاہئے ۔ 7سال کی عمر سے اس شعبے سے وابستہ ہوں اور مےں ےہ بات دعوے کے ساتھ کہتا ہوں کہ درجنوں نہےں ، سےنکڑوں بھی نہےں ، ہزاروں سےرےل، پروگرام ، کمرشل ، فےچر، اور ا ن گنت ڈراموں مےں کام کےا۔ پاکستان مےں تقرےباً ہر بڑے اداکار کے ساتھ کام کےا۔ مگر اس کے جواب مےں آج تک کوئی اےوارڈ تو درکنارکسی اےوارڈ کے لئے نامز د بھی نہےں ہوا۔ اےسا نہےں ہے اےوارڈز کے بغےر گزارا نہےں مگر جو قدر ہونی چاہئے وہ ملی نہےں۔ 

س زندگی کی کوئی ادھوری خواہش ؟ 
جواب مےری سب سے بڑی خواہش ےہی ہے کہ "لوگ مےری باتوں پر ہنس رہے ہوں تب انکو پتا چلے کہ ماموں اس دنےا مےں نہےں رہے"۔ 

س نئے ابھرتے ہوئے ستاروں کو کےا پےغام دےنا چاہتے ہےں؟ 
جواب مےرا پےغام محبت ہے جہاں تک پہنچے۔ اپنے بڑوں کا احترام کرو اپنے شعبے کے سنےئرز کو مانو اور ان کی قدر کرو ۔ اور اپنے والدےن کی خدمت کرو اور ان کی دعا لو کےوں کہ آج تم جو بھی کچھ ہو ان ہی کی وجہ سے ہو۔ 

Interview with Mohammed Nawaz

File name is ok but ur name is not in the  writing piece
Photo of personality? 
Headline should be there at the start 
Format of composing  ( Questions and answers) is not proper

 تعلیمی شخصیت پروفیسر محمد نواز سے انٹرویو

تعارف: پروفیسر محمدنواز تعلیمی شعبے میں ایک جانی پہچانی شخصیت ہیں۔ آپ ٹنڈو جان محمد ضلع میر پورخاص کے ڈگری کالج کے سابق وائس پرنسپل اور سابق پروفیسر بھی رہ چکے ہیں۔ آپ نے 25سال طالب علموں کو پڑھایا اور تعلیمی خدمت کی ۔ آپ کافی سینئر اور تجربہ کار اساتذہ میں سے ایک ہیں۔ اور تعلیم کے شعبے میں کافی عبور رکھتے ہیں اور جب میں نے ان سے سندھ کے تعلیمی نظام کی خراب صورتحال کی وجوہات جاننے کے لئے رابطہ کیا تو انہوں نے خوش اخلاقی انٹرویو دینے کی حامی بھر لی جب میں مقررہ وقت پر ان کے گھر پہنچا تو انہیں اپنا منتظر پایا۔ ان کے ساتھ کی جانے والی گفتگو نذر قارئین ہے۔ 

سوال : کاپی کلچر کا رجحان طالب علموں کے مستقبل پر کس طرح اثر انداز ہوتا ہے؟ 
جواب : ہا ں بالکل کاپی کلچر طالب علموں کے مستقبل پر اثر انداز ہوتا ہے ہمارے ہاں سندھ میں خاص طور پر زیریں سندھ میں یہ رجحان بہت زیادہ ہے۔ اگر ایک طالب علم دسویں کے یا بارہویں کے امتحانات میں کاپی کرکے پیپر دیتا ہے تو وہ اس کے رزلٹ میں تو A-1گریڈ اٹھا لیتا ہے لیکن اعلیٰ تعلیم میں مثال کے طو رپر اگر وہ کسی یونیورسٹی کا انٹرنس ٹیسٹ دیتا ہے تو اس میں اس کے با مشکل 100میں سے 20یا 30نمبر اٹھا پاتا ہے اس طرح یہ کاپی کلچر ہمارے طالب علموں کی شروع ہی سے بنیا د خراب کرتا ہے اور اس سے ہمارے طالب علموں کو شروع ہی سے پتا ہوتا ہے کہ وہ کاپی کرکے پیپر دیں گے تو وہ بالکل بھی مطالعہ نہیں کرتے۔ یہ ایک جرنل نقطہ نظر ہے اور ہماری گورنمنٹ کو کاپی کلچر ختم کرنے کے لئے اقدامات کرنے چاہئیں۔ 

سوال : سندھ اور پنجاب کے تعلیمی نظام میں بنیادی طور پر کیا فرق ہے؟ 
جواب : بس میں یہ یہی کہوں گا کہ سندھ او رپنجاب کے تعلیمی نظام میں صرف ایک فرق ہے اور وہ ہے انتظامیہ اگر انتظامیہ صحیح ہے تو خود بخود پورا تعلیمی نظام صحیح ہوگا اور پنجاب کا تعلیمی نظام سندھ سے بہتر ہے کیونکہ وہاں کی انتظامیہ اپنے کام سے سچی ہے۔ 

سوال : کیا نجی اسکول سرکاری اسکول کے طالب علموں پر اثر انداز ہوتے ہیں؟ 
جواب: نجی اسکولوں کے طالب علم بنیادی طور پر سرکاری اسکولوں کے طالب علموں سے زیادہ ہوشیار ہوتے ہیں کیونکہ انہیں شروع ہی سے زیادہ سہولتیں ملتی ہیں اور ان کا تعلیمی نصاب بھی اپ ٹو ڈیٹ ہوتا ہے اس وجہ سے طالب علموں کو نجی اسکولوں سے زیادہ فائدہ ہوتا ہے اور وہ زیادہ محنت بھی کرتے ہیںاور ہمارے والدین بھی اس وجہ سے اپنے بچوں کو سرکاری اسکولوں کے مقابلے میں نجی اسکولوں میں داخل کروانا پسند کرتے ہیں اور اس طرح یہ سرکاری اسکولوں کے لئے نقصان ہے۔ 

This question is not related to topic
سوال : چھوٹے بچوں کی مزدوری پر روک تھام پر حکومت سند ھ کیوں ناکام ہے؟ اور انہیں اسکولوں میں لانے میں کیوں ناکام ہے؟
جواب : ہاں یہ تو ایک جرم ہے چھوٹے بچوں سے مزدوری کروانا بالکل غلط ہے ہمیں اپنے بچوں کو کام کے بجائے اسکول بھیجنا چاہئے ۔ ہاں اور یہاں پر سندھ گورنمنٹ نے قدم اٹھایا ہے اور قانون بھی پاس کیا ہے کہ اب ہر بچہ اسکول جائے گا اگر کوئی والدین اپنے بچوں کو اسکول نہیں بھیجے گا تو ان سے اس کی مضبوط وجہ پوچھی جائے گی اگر وہ ناکام رہے تو قانونی کاروائی کی جائے گی۔ اب تو بس قانون ہے اس پر عمل درآمد کی ضرورت ہے۔ 

سوال : سرکاری اسکولوں کے زیادہ تر اساتذہ دور دراز دیہاتوں میں پڑھانے پر کیوں مطمئن نہیں؟ 
جواب: اصل بات یہی ہے کہ ہمارے سندھ میں دیہاتوں میں اسکول نہیں ہیں۔ اگر ہیں تو اساتذہ نہیں ہیں۔ کچھ اساتذہ ہیں تو وہ اسکول تو آتے ہیں مگر پڑھاتے نہیں۔ جو نہیں آتے وہ اپنا سائڈ بزنس چلاتے ہیں انہیں اتنی توفیق نہیں ہے کہ وہ قوم کے مستقبل کو آکے پڑھا سکیں اور یہ ہماری سندھ حکومت کی ناکامی ہے اور اب سندھ حکومت نے کچھ اقدامات کئے ہیں جیسا کہ بائیو میٹرل سسٹم جس سے اب ہر استاد کی حاضری لگے گی پہلے تو زیادہ تر اساتذہ اسکول آنا پسند نہیں فرماتے تھے اب شاید کچھ بہتر ہو۔ 

سوال: سرکاری پرائمری تعلیمی اداروں کی حالت سندھ میں اتنی خراب کیوں ہے؟ 
جواب : سندھ کے تعلیمی اداروں خاص کر پرائمری اسکولوں کی حالت اس وجہ سے خراب ہے کہ وہاں توجہ نہیں ہے اگر توجہ ہو تو ایسی حالت نہ ہو۔ ہمارے سیاست داں خاص کر سارا تعلیمی فنڈ تو وہ کھا جاتے ہیں اور وہ اپنے بچوں کو نجی اداروں میں داخل کرواتے ہیں پھر ان کو لینا دینا نہیں ہوتا سرکاری اسکولوں سے۔ یہی وجہ ہے کہ سرکاری اسکولوں میں سہولتوں کا فقدان ہے اور غریب کے بچے کی تعلیم مکمل طور پر تباہ ہوجاتی ہے کیونکہ وہ اپنے بچے کو نجی اسکول میں داخل کروانے کی استطاعت نہیں رکھتا۔ اس طرح سندھ میں خاص طور پر پرائمری تعلیمی اداروں کی حالت خراب ہے۔ میں یہ نہیں کہتا کہ تعلیمی حالت صرف سندھ میں خراب ہے باقی صوبوں میں بھی ہے پر وہ کافی حد تک کنٹرول کرچکے ہیں۔ پر بلوچستان کی حالت سندھ سے بھی زیادہ خراب ہے۔ بس سرکاری اداروں کو کچھ سوچنا چاہئے۔ 

سوال: سرکاری اور نجی اسکولوں کا تعلیمی نصاب تبدیل کیوں ہے؟ 
جواب : میںپہلے کہہ چکا ہوں کہ یہ نصاب پچھلے 30سالوں سے چلا آرہا ہے ۔ سرکاری اسکولوں میں کوئی تبدیلی نہیں وہی پرانی چیزین دنیا کتنی آگے جا چکی ہے مغرب میں اور دوسرے ترقی یافتہ ملکوں میں ہر دو سال بعد نصاب اپ گریڈ ہوتا ہے ۔ باقی چھوڑ دو پنجاب میںتعلیمی نصاب اپ گریڈ ہوتا رہتا ہے اور ہمارے یہاں سندھ میں تعلیمی نصاب پچھلے 30سال سے یہی ہے اب اس کو تبدیل کرنے کی اشد ضرورت ہے ۔ نجی اسکولوں میں یہی فائدہ ہے کہ وہاں تعلیمی نصاب جدید دور کے مطابق ہے اور اس سے طالب علموں کو بہت فائدہ ہوتا ہے اب سندھ حکومت کو اس کے بارے میں کچھ سوچنا چاہئے۔ 

سوال : تعلیمی سیکٹر میں کرپشن کو ختم کرنے کیلئے کونسے اقدامات اٹھانے چاہئیں؟ 
جواب: بہت اچھا سوال۔ بنیاد ی طور پر سندھ کے تعلیمی نظام کے اتنا پیچھے جانے کی وجہ کرپشن بھی ہے ۔ ہمارے یہاں پر تعلیم کے شعبہ میں سیاسی اثر و رسوخ بہت زیادہ ہے اگر کوئی استاد اپنے حلقے کے ایم پی اے کو 10لاکھ روپے دے کر اپنی سرکاری نوکری حاصل کرسکتا ہے تو وہ نوکری حاصل کرنے کے بعد کیا پڑھائے گا وہ تو صرف بزنس کرے گا۔ کیونکہ وہ شروع ہی سے کرپشن سے آیا ہے میرٹ پر نہیں کہ وہ جا کے اسکول میں پڑھائے ۔ ہمارے نظام میں سب سے بڑی ناسور کرپشن ہے اور اس کوختم کرنا بہت ضروری ہے۔ 


سوال : آپ کا کیانقطہ نظر ہے سندھ کے تعلیمی نظام پر اور اس کو کس طرح بہتر کیا جاسکتا ہے؟ 
جواب: ہاں میرے خیال میں ایک مضبوط مانیٹرنگ سسٹم بنایا جائے جو کہ سارے تعلیمی اداروںکی نگرانی کرے اور جو استاد بھرتی کرنے ہوتے ہیں وہ بھی میرٹ پر بھرتی کئے جائیں اور خاص کر پرائمری اسکولوں پر زیادہ توجہ دینی چاہئے کیونکہ وہی ہماری بنیاد ہے اگر وہ ایک طالب علم کی صحیح ہوگئی تو آگے جاکر اس کے لئے مشکل نہیں ہوگی۔ بس یہی اصلاحات ہمیں تعلیم میں کرنی چاہئیں۔ تاکہ تعلیم بہتر ہو۔ 

سوال : سندھ کے دیہی علاقوں میںتعلیم کو فروغ دینے کے لئے کیا اقدامات کرنے چاہئیں؟ 
جواب: دیہی علاقوں میں تعلیمی اداروں کی اچھی طرح نگرانی کرنی چاہئے اور خاص طور پر اساتذہ کی کہ وہ اسکول آتے ہیں یا نہیں۔ اگر یہ صحیح ہوگا تو سب کچھ صحیح ہوجائے گا بس یہی میرا مختصر جواب ہے۔ 

This question too is irrelevant 
سوال:  کیا سندھ حکومت اس مسئلے پر توجہ دے رہی ہے؟ 
جواب : ہاں ا ب توجہ دے رہی ہے سندھ حکومت تعلیم پر ۔ میںان کی ترجمانی تو نہیں کررہا پر ایک حقیقت بتا رہا ہوں اور سیکریٹری سندھ اس پر خاص توجہ دے رہے ہیں اور اب تو بائیو میٹرک سسٹم بھی لے کر آئے ہیں اور دوسری بہت ساری اصلاحات کی ہیں تعلیمی نظام میں جو ایک اچھا اقدام ہے ۔ بس امید کرتے ہیں ہمارا تعلیمی نظام بھی جلد صحیح ہوجائے گا۔ 

Interview with Anwar Ahmed Zai

Write interview in descriptive format not in CV style and points, 
No No to questions.
Do not write questions in capital,
Do not underline any thing.
 Many spelling mistakes in  the last two para, some of them i have underlined
Questions about literary activities and scenario of Hyderabad is missing. 
Questions were to be asked at least 12. u  have only 10 questions 
 Your name in the interview is missing.
File name is not proper, see the instruction. file name should also contain ur name. 
 detailed feedback later.

Interview with ANWAR AHMED ZAI,
Chairman, Board of Intermediate Education - Karachi
by..............
Educational Qualification:

M.A. (English)
M.A. (Urdu)
M.A (Sociology)
L.L.B
B.Ed
M.Ed
C.L (German)
C.A.S (Albama), U.S.


PRESENT POSTING:

Chairman, - (Board of Intermediate Education - Karachi)


POSTINGS PREVIOUSLY HELD

Chairman, - Board of Intermediate & Secondary Education - Mirpukhas
Additional Secretary Education (Academic & Training) Education Department, Govt of Sindh - Karachi
Additional Secretary Education (Planning, Development & Finance), Govt of Sindh - Karachi
Chairman - Sindh Text Book Board - Jamshoro
Executive District Officer Education, City District Government - Karachi
Director School Education, Karachi
Project Director, World Bank Funded Sindh Primary Education Development Programme
Project Director, Asian Development Bank Funded, Middle School, Project.
Project Director, Asian Development Bank Funded, Girls Primary Education Development Project.
INTERVIEW
Q:1 WHAT IS THE ROLE OF PARENTS, STUDENTS, AND TEACHERS IN EDUCATIONAL SYSTEM?
ANS: In educational system the main of government is that policy Supervision planning but in all these mechanisms the main role is teacher role because if the project is on the paper result can’t be possible.The role of students can’t be complete without the selection of merit,If the students recommend on the basis on corruption so the result cannot be clear because their concentration are not well

Q:2 WHAT IS THE MAIN DEFECT IN OUR EDUCATIONAL SYSTEM?
ANSWER: The main defect is in monitoring now a days our educational policies held announced in September 2009 and in the year of 2009 the presence of  educational policies, the previous policies which came in 1998 to 2010 but in 2009 this educational policies held created.
The last thing is that in 2009 educational policies gave a lot of things but the one and the main thing is that in 2015 our literacy rate in educational system will be moved on 85% but now we are in 2016 and it is not yet developed

Q : YOU ARE ALSO THE CHAIRMAN OF THE BOARD BUT AFTER EVERY STRUGGLE WHY WE COULD NOT STOP THE CHEATING CULTURE?
ANS: Because the chairman is the person and the society are base on the copy culture, if the society can not stop the copy culture the chairman can not do any thing there are three main important things
1s : parents, 2nd: students, 3rd: board members
IF THESE PEOPLE MAKE THE UNITY IN AGAINST OF CHEATING, SO THE CHEATING CAN NOT BE POSSIBLE.

Q: DO YOU THINK? IN FUTURE OUR ALL PRIVATE SCHOOL AND COLLEGES ALWAYS REGISTERED WITH THE CAMBRIDGE AND AGHA KHAN BOARD, AND OUR BOARD OF INTERMIDIATE EDUCATIONAL SYSTEM WILL JUST TAKE THE EXAMS OF GOVERNMENT SCHOOLS?
ANS: The first thing is that the danger are seeing clearly the government school must have education in the government school only have free education in the classes 1 to 10 and have the free textbooks. In the government schools the education is must be important the system of Cambridge are going to held due to those parents who have a lot money for the fees that means the merit students can not become forward? Because their parents have less money

Q: YOU ARE SHORT STORY TELLER, YOU ARE THE PLAY WRITE HYDERABAD CREATED THE THREE SHORT SORY TELLER  DOCTOR HASSAN MANZAR, QADEER GOSI  andANWAR AHMED ZAI. THESE THREE NAMES ARE SEEN IN ONE PERIOD WHAT IS THE REASON NOW HYDERABAD HAVE NO ANY WRITTER LIKE THESE THREE PEOPLE?

ANS: In our Hyderabad the short story teller and the play write are not creating because they are not focusing on their talent because without study it cannot be possible and the last thing the Hassan Manzar and the Qadeer Gosi have the talent of Matla.

Q: IS IT RIGHT? IN HYDERABAD POETRY REPLACED PROSE?
ANS: In overall not especially in Hyderabad the poets cannot be count but in same case the prose writer canbe count easily because the poetry is easy the prose is difficult.

Q: IN PREVIOUS TIME LITERATURE INCLUDED IN OUR SUBJECTS BUT NOW ADAYS IT HAVE NO ANY IMORTANCE DUE TO THIS ACTON WHAT CAN BE LOSS OF OUR FUTURE?
ANS: The literature are going into the loss because if any student give the exam so he/she will interested in grades as compare to knowledge if he/she take the good grade so we thing he/she did the great job! So the main thing is that in our educational system the process of literature, respect should be start again if we want a good environment in our Educational system so we must have to develop our activities and competitions

Q: YOU ARE THE EDUCATIONAL EXPERT IS IT POSSIBLE THAT THE SYLLABUS OF INTER CREAT THE OVER AGAIN AND THE SUBJECT OF URDU ALSO INCLUDED THEIR WITH IMPROVEMENT
ANSWER: It is important in 2006 the syllabus was not going to be change the urdu is must be important in the schools now adays that birocrat are in the tention. Due to this statement in that case it must be important that the students are know about the urdu language

Q: THE SUPREME CORT IMPLEMENT URDU IN ALL OFFICIES AND GOVERNMENT ALSO ORDER THE LETTER WRITING IN URDU IN ALL OFFICIES WHAT ARE THE REASONS IS NOT IT PRACTICE IN THE BOARD AND OTHER OFFICIES?
ANSWER: Birocrates are don’t know about the urdu and they facing the problem. so it must be important  the student  well know about the urdu language.

Q: HOW CAN WE IMPROVE OUR EDUCATIONAL SYSTEM?
ANS: Main thing is that the education emergency is must be created. The education emergency means the changes, the Globalization in that case the only government can not be responsible the government people, anjeoz , government people must be create their academy and because of this process we can get the better educational system.

Interview with Gobind Meghwar

Unchecked
گوبند ميگهواڙ
اسسٽنٽ ڪمشنر انڪم ٽيڪس ڪراچي
انٽرويو: آنند ڪمار
2K15/MC/19
گوبند ميگهواڙ 9 ڊسمبر1984ع تي عمرڪوٽ ضلعي جي ڳوٺ شادي پلي پراڻي ۾  لڇمڻ ميگهواڙ جي گهر ۾ جنم ورتو، هن پرائمري تعليم انهي ڳوٺ مان حاصل ڪئي ۽ گورنمينٽ بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول شادي پلي مان مئٽرڪ پاس ڪرڻ بعد وڌيڪ تعليم لاءِ حيدرآباد جو رخ ڪيو، ڊگري ڪاليج قاسم آباد مان انٽر پاس ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽي جي شعبي فارميسي ۾ داخلا ورتي، جتان فائنل بعد 2008ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ٻيلي کاتي ۾ ضلعي سطح جو آفيسر مقرر ٿيو، پڙهائي سان چاهه ۽ اڳتي وڌڻ جي جذبي کيس صرف ٻيلي کاتي ۾ ضلعي سطح جو آفيسر رهڻ نٿي ڏنو، جنهن ڪري پاڻ چٽاڀيٽي جي امتحان جي تياري ۾ رڌل رهيو. 2013ع ۾ سي ايس ايس پاس ڪري انڪم ٽيڪس کاتي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر مقرر ٿيو.
گوبند ميگهواڙ ننڍي هوندي کان ئي رسالن ۽ اخبارن ۾ لکندو هو، اڃا به سندس ڪالم ۽ رپورٽون ڪاوش، ڊان، دي نيوز ۽ ٻين اخبارن ۾ شايع ٿينديون رهن ٿيون.

سوال: اسڪول واري دور ۾ ڪهڙي شيءَ توهان کي اخبارن ۽ رسالن ۾ لکڻ تي مجبور ڪيو؟
جواب: مون کي ننڍي هوندي کان ئي رسالا ۽ اخبارون  پڙهڻ جو شوق هو، جنهن سبب اخبارن ۾ ٻارن واري سيڪشن ۾ لکڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ باقاعده اخبارن لاءِ لکڻ جي عادت پئجي وئي.

س:  ادب ڏانهن لاڙو هجڻ باوجود فارميسي جي ڊگري ورتي، اهو ڪيئن ٿيو؟
ج: بلڪل، اسان جي ڪميونٽي ۾ نوجوانن جو ڊاڪٽري شعبي ڏانهن تمام گهڻو لاڙو آهي، بدقسمتي سان ايم بي بي ايس ۾ داخلا نه ٿيڻ جي ڪري سنڌ يونيورسٽي جي شعبي فارميسي ۾ داخلا ورتي.سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهائي سان گڏوگڏ ادب سان به وابسطه رهيس، اتي عبدالقادر جوڻيجي، شوڪت شوري ۽ محمود مغل سان گڏ کوڙ سارا پروگرام ڪيا، فارميسي ڊپارٽمينٽ جي بلڪل سامهون عبدالقادر جوڻيجي جي سنڌالاجي ۾ آفيس هئي. جتان کانئس انگريزي جا ڪتاب وٺي پڙهڻ شروع ڪيا، سنڌ يونيورسٽي جي شاگردي واري دور ۾ ئي انگريزي اخبارن ۾ لکڻ شروع ڪيو.

س: ٻيلي کاتي ۾ نوڪري هئڻ باوجود چٽاڀيٽي جو امتحان پاس ڪيو، ڪهڙن مرحلن مان گذريا؟
ج: فارميسي جي ڊگري جيئن ئي پوري ٿي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ٻيلي کاتي ۾ ضلعي سطح جو آفيسر مقرر ٿيس ۽ ٽريننگ لاءِ ٻن سالن لاءِ پشاور هليو ويس،  پشاور جي پهاڙي ماحول ۾ زندگي ۾ وڌيڪ نخار آيو، نون ماڻهن ۽ نئين ڪلچر سان واسطو ٿيو، نوڪري جي نويت اهڙي هوندي هئي جو اسان جو واسطو ٻيلن ۽ قدرت سان هوندو هو،  جنهن سبب جمالياتي حفس وڌيڪ اجاگر ٿي ۽ پشاور ۾ رهڻ جو ٻيو اهو فائدو ٿيو جو اڪيڊمي جي لائبريري ۾ موجود سوين ڪتاب پڙهڻ جو موقعو مليو، پشاور مان ٽريننگ ختم ڪرڻ بعد سنڌ ۾ پوسٽنگ ٿي ۽ مختلف وقتن تي بدليون به ٿينديون رهيون، ٻيلي کاتي جي نوڪري سان گڏوگڏ چٽاڀيٽي جي امتحان جي تياري به جاري رکي ۽  2013ع ۾ امتحان پاس ڪيو.

س: شيڊول ڪاسٽ برادري جي نوجوانن مان ڪهڙي اميد رکو ٿا؟
ج: اسان جو هٿيار رڳو تعليم ئي آهي ۽ ان ۾ اسان جي نوجوانن وڏو نالو ڪمايو آهي، تعليمي ميدان ڏانهن نظر وجهبي ته گهڻو انگ شيڊول ڪاسٽ برادري جي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جو ملندو، جن صدين کان ڏاڍ، جبر ۽ استحصال کي منهن ڏنو آهي، اسان جي نوجوانن کي صحيح رهنمائي ملي ته اهي اڃا به وڌيڪ منزلون ماڻي سگهن ٿا.

س: اڄوڪي دور ۾ صحافت خاص ڪري سنڌي صحافت کي ڪيئن ٿا ڏسو؟
ج: سنڌي صحافت سنڌ جي قومي مسئلن تي سنڌ جي خيرخواهه ڌرين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل رهي آهي ۽ ڪيترن ئي موقعن تي ايجنڊه سيٽنگ جو ڪم سرانجام ڏنو آهي، ڪالاباغ ڊيم جو اشو هجي يا آدمشماري جو مسئلو، ڌارين جي آبادڪاري سميت ٻين مسئلن تي سنڌي صحافت ايجنڊه سيٽنگ جو ڪم ڪيو آهي.

س: اڄڪلهه سنڌي ۾ لکڻ بجاءِ انگريزي ۾ وڌيڪ لکو ٿا، هن جو ڪو خاص سبب؟
ج: انگريزي ميڊيا جو ڪينواس تمام وسيع آهي ۽ ان جي پڙهندڙ حلقي ۾ پاليسي ساز ادارا به شامل آهن ۽ ٻيو ته پاڪستان جي انگريزي ميڊيا کي ڪافي حد تائين غيرجانبدار سمجهيو وڃي ٿو، منهنجو انگريزي پرنٽ ميڊيا ۾ لکڻ جو اهو ئي سبب آهي ته سنڌ جي ثقافت ۽ مسئلن کي انهن ڌرين تائين پهچايو ۽ اجاگر ڪيو وڃي.

س: چٽاڀيٽي جي امتحان ۾ ڪاميابي لاءِ نوجوانن کي ڪهڙا مشورا ڏيندا؟
ج: چٽاڀيٽي جي امتحان ۾ ڪاميابي لاءِ وسيع معلومات، انگريزي ۾ مهارت ۽ لکڻ جي پريڪٽس گهربل آهي، اسان جي نوجوانن ۾انگريزي ڪتابن ۽ اخبارن جي پڙهڻ جو ڪافي رجحان آهي، پر چٽاڀيٽي جي امتحان ۾ ڪاميابي جي لاءِ پنهنجي علم کي چئنلائيز ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي، ان سان گڏوگڏ انگريزي ۾ لکڻ جي پريڪٽس تمام ضروري آهي، هاڻي ته حيدرآباد سميت سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ چٽاڀيٽي جي امتحان جي تياري جي لاءِ اڳ ۾ پاس ٿيل اميدوارن پاران رهنمائي جا سينٽر کوليا ويا آهن، جن کان رهنمائي وٺي امتحان ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهجي ٿي.

انٽرويو: آنند ڪمار
2K15/MC/19
بي ايس پارٽ ٽو
ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز

Interview with Goband Meghwar,  by Anand Kumar

 Practical work was conducted under supervision of Sir Sohail Sangi, at Department of Media and Communication Studies, University of Sindh (April 2016)