پروفائل: لڳاتار ٽي ڪميشن پاس ڪندڙ نوجوان انجنيئر سرمد علي ڀاڳت
ليکڪ سراج الحق ڀاڳت (بي ايس پارٽ 2)
ماضيءَ ۾ علم جو مرڪز رهندڙ موجوده نوشهروفيروز ضلعي پنهنجي علمي سرگرمين ۾ اوچو نانءُ ڪرڻ واري روايت کان

يونيورسٽي جي ماحول ۾ وڃڻ وارو خواب سندس ساڀيان ٿيو۽ ڪلاس ۾ به پوزيشن هولڊر رهڻ کان سواءِ يونيورسٽي جي مختلف سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺندو رهيو. سال 2012ع ۾ ڊگري مڪمل ڪرڻ شرط ئي سانگهڙ ضلعي جي اوجي ڊي سيل ڪمپني ۾ پروجيڪٽ انجنيئر مقرر ٿيو، اهو پروفيشل زندگي جو شروعاتي قدم سرمد جي زندگي ۾ مسلسل محنت مزاجي کي اڀاريندو رهيو.هڪ سال کان پوءِ اوجي ڊي سي ايل واري نوڪري ڇڏي ڏنائين. ان کان پوءِ سال 2013ع ۾ ڪنسٽرڪشن پروجيڪٽ مئنيجمينٽ ۾ پڻ ساڳئي يونيورسٽي مان ماسٽرس ڪيائين. ماسٽرس جي ڊگري ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪميشن امتحانن جي لاءِ به تياري ڪندو رهيو. فيبروري 2014ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي پهرين ٽيسٽ پبلڪ هيلٿ انجنيئر لاءِ ڏنائين، جنهن ۾ پڻ ڪاميابي حاصل ڪيائين. پوءِ به مسلسل محنت تي يقين رکندي ڪاميابي جي ڏاڪن تي سفر جاري رکيائين. مارچ 2015ع ۾ اسسٽنٽ ايگزيٽو انجنيئر ( ايريگيشن) لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ٻئي ٽيسٽ ڏنائين جنهن ۾ پڻ ڪاميابي ماڻيائين.
ٻه ڪميشن پاس ڪرڻ کانپوءِ به سندس ڪاميابين ۽ مسلسل جدوجهد جو سلسلو اتي نه رڪيو. انسان کي جڏهن ڪاميابي ۽ خوشي ملندي آهي ته هو اڃا وڌيڪ ڪاميابي حاضل ڪرڻ لاءِ جتن ڪندو آهي ۽ هر ڪاميابي مان اتساھ وٺندو آهي.لڳاتار ٻه ڪميشن پاس ڪرڻ کان پوءِ ٽئين ڪميشن ورڪس اينڊ سروس ڊپارٽمينٽ ۾ اسسٽنٽ انجنيئر لاءِ ٽيسٽ ڏنائين ۽ آگسٽ 2015 ۾ اسسٽنٽ انجنيئر طور ڀرتي ٿيو.هاڻي سندس پوسٽنگ سکر ڊويزن ۾ آهي.
سرمد علي ڀاڳت جهڙا سنڌ ۾ شايد ڪي اهڙا چند تعداد ۾ شاگرد هوندا، جن لڳاتار ڪميشن جي ٽن امتحانن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي هجي. سرمد علي ڀاڳت محنت، جدوجهد جي ڪري نوجوانن ۾ اتساھ جو سبب بڻيل آهي. هڪ ڳوٺ جو شاگرد ٽئين ڪميشن پاس ڪري ته سندس والدين ۽ عزيزن لاءِ انهي کان وڌيڪ ڪهڙي خوشي هوندي. پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ وقت شايد اهو ڪڏهن ڪنهن نه سوچيو هوندو ته هي اڄ جو معصوم شاگرد مستقبل ۾ لڳاتار ٽئي ڪميشن پاس ڪندو. هن ان سان گڏ اهو به ثابت ڪري ڏيکاريو ته بنا ڪنهن سياسي سفارش ۽ پئسي جي پنهنجي مضبوط اٽل ارادي ۽ جفاڪشي سان منزل ماڻي سگهجي ٿي.ايترو ئي نه ته صرف هو پنهنجي شعبي سان لاڳاپيل رهيو پر مختلف سماجي اتحادن ۾ ڪم ڪيائين ۽ يوٿ پارليامينٽ پاڪستان ۾ به هڪ سال ميمبر رهيو.
برٽينڊ رسيل پنهنجي مشهور ڪتاب ” لوگون ڪو سوچني دو“ ۾ لکيو آهي ته ” جيترو مقصد وڏو هوندو آهي، تڪليفون به اوتريون ئي وڏيون اينديون آهن“ ساڳئي ڪتاب ۾ ٻئي هنڌ لکي ٿو ته ؛ هن دنيا ۾ انسان جي اچڻ جو صرف هڪڙو ئي مقصد آهي ته هو مسلسل جدوجهد ڪري. انهي قول جيان سرمد به پنهنجي بي پناھ جفاڪشين، صلاحيتن سان مسلسل جدوجهد تي يقين رکندي ڪاميابي ماڻيندو رهي ٿو.
No comments:
Post a Comment