U should have discussed it with some one from forest department and seen that what are current policies of govt and how they are being violated
Article
سنڌ ۾ وڻن جي واڍي ۽ ٿيندڙ نقصان
Abdul Subhan Jamali BS-II
Roll 05
وڻ اسان جي معاشري ۾ وڏي
اهميت رکن ٿا، جنهن ۾ قدرت جا هزارين فائده رکيل آهن، جيئن وڻ سائنسي طور تي انسان
لاءِ آڪسيجن پيدا ڪن ٿا ۽ اسان جي ماحول کي بهتر ۽ صاف بڻائڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪن
ٿا ان سان گڏ وڻ اسان لاءِ طبي طور به تمام گهڻو فائديمند آهن، وڻ فطري سونهن ۾ به
پنهنجو مٽ پاڻ آهن، حديث ۾ آهي ته ”وڻ صدقه جاري آهي“ وڻ معاشي طور تي به ملڪ لاءِ
فائديمند آهن پر ان سان گڏوگڏ چوپائي
جانور لاءِ ، تيل، واپار، ماحول، برساتن ۽ پکين لاءِ اجهي جو فائدو پڻ آهن.
هڪ اندازي
موجب ڏٺو وڃي ته دنيا جي مٿاڇري تي صرف 30 سيڪڙو ٻيلا آهن، دنيا
۾ 3 ملين ماڻهو جيڪي ابن ڏاڏن کان ٻيلن ۾ رهن ٿا ۽ دنيا ۾ 2 بلين ماڻهن جي آمدني، کاڌي پيتي، پاڻي ۽ اجهي جو دارومدار
ٻيلن تي آهي.اسان جي ملڪ ۾ اندازي موجب 4.5 سيڪڙو ٻيلا آهن، جڏهن ته دنيا جي حساب سان 20 سيڪڙو هجڻ گهرجي، اسان جي ملڪ ۾ سالانه 22 ملين
ڪيوبڪ فوٽ تمر ڪاٺ جي ضرورت آهي، جڏهن ته اسان جي ملڪ ۾ صرف 11 ملين ڪيوبڪ فٽ تمر
ڪاٺ پيدا ٿئي ٿو، يعني ٻيڻ تي کوٽ آهي، ٻين ملڪن جي حساب سان اسان جي ملڪ ۾ تمام گهٽ ٻيلا آهن، ڏٺو وڃي ته ملائيشيا ۾ 56.5 سيڪڙو، سريلنڪا ۾ 42.4 سيڪڙو، انڊيا ۾ 23.7
سيڪڙو ۽ چائنا ۾ 17.7 سيڪڙو ٻيلا آهن،
پاڪستان ۾ ٻيلن جي گهٽ ٿيڻ جو سبب اهو به
آهي ته اسان جي ملڪ جي زمين تقريبن60 سيڪڙو کان 70 سيڪڙو ڦٽيل آهي، ڪلر، سيمي،
پاڻي جي کوٽ، ليز ۽ ٻين سببن جي ڪري به
ٻيلن ۾ گهٽتائي آئي آهي.
مجموعي طور تي سنڌ ۾ ٻيلن
جي ايراضي 2785000 ايڪڙ (2.785 ملين) ايڪڙ آهي، جنهن ۾ 500 اسڪوائر سنڌو درياهه جي
پاسي ڪشمور کان ڪراچي تائين آهن، سنڌ ۾ ٽوٽل 86 ٻيلا موجود آهن، جنهن ۾ اوڀر کان
61 ۽ اولهه کان 25 ٻيلا آهن، ڏٺو وڃي ته ٻيلن جي واڍي گڊو کان سکر بئراج تائين 85 سيڪڙو آهي، جڏهن ته وڻ لڳائڻ جو عمل صرف 9 سيڪڙو آهي جيڪو انتهائي نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو.
اندازي موجب سنڌ جي ڪل 8 سيڪڙو ايراضي تي ٻيلا آهن، ڏٺو وڃي ته ٻين صوبن، علائقن
جي ڀيٽ موجب گهٽ آهي، ڇو ته ڪشمير ۾ 6.5 سيڪڙو ، بلوچستان ۾ 14 سيڪڙو، ناردرن ايريا ۾ 15.7 سيڪڙو، خيبرپختونخواهه ۾ 40 سيڪڙو ۽ پنجاب ۾ 14.4 سيڪڙو ٻيلا آهن، جيڪو نه صرف سنڌ ۾ وڻن جي گهٽتائي بلڪه گهڻي قدر واڍي کي
به ظاهر ڪري ٿو.
گذريل ڪجهه وقت کان بي رحم
هٿن هٿان وڻن کي عبرت جو نشانو بڻايو پيو وڃي، وڻن کي وڍيو پيو وڃي ۽ اسان جي
معاشري مان فطري سونهن کي ختم ڪيو پيو وڃي، جيڪو انتهائي افسوس جوڳو عمل آهي ۽ ان
عمل سان ڪيترائي نقصان پڻ ٿين ٿا، جهڙوڪ گرمي جو وڌڻ، ٻوڏ، برساتن جو نه پوڻ ۽ ڏُڪار
وغيره.
وڻن جي واڍي کي روڪڻ لاءِ
اسان سڀني کي پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻو پوندو ۽ ان سان گڏوگڏ حڪومت کي به گهرجي ته
وڻن جي واڍي ۽ ليز تي زمين ڏئي ٻيلا ختم ڪرڻ خلاف سخت قدم کنيا وڃن، ٻيلي کاتي مان
ڪرپشن ختم ڪري ايماندار آفيسر آندا وڃن ۽ سموري کاتي کي فعال بڻايو وڃي، ٻهراڙي جي علائقن
۾ غريب ماڻهو پنهنجن ٻچن جي پيٽ گذر لاءِ وڻ وڍي زندگي جو گاڏو هلائي رهيا آهن جنهن عمل کي روڪيو وڃي.ته جيئن سنڌ
۾ قدرتي سونهن جيڪا وڻن جي ڪري هئي سا بحال ٿي سگهي.
No comments:
Post a Comment