Showing posts with label Subhan Jamali 2nd. Show all posts
Showing posts with label Subhan Jamali 2nd. Show all posts

Tuesday, 15 November 2016

پروفائيل ڊاڪٽر نصرالله ڪابورو: عبدالسبحان

پروفائيل  ڊاڪٽر نصرالله ڪابورو
عبدالسبحان  
BS II 2K15 MC 05

1979-07-06 ع ۾ شهيد مخدوم بلاول جي علائقي ڳوٺ فضل ڪابورو ۾  پنهنجي والد محمد رحيم جي گھر ۾ اک کوليندڙ ڊاڪٽر نصرالله ڪابورو دادو ضلعي ۾  پيدا ٿيو.  هن پنهنجي شروعاتي تعليم پنهنجي پاڙي جي گھٽين ۾ گھمندي ڦرندي ڳوٺ ۾  حاصل ڪئي ۽ مئٽرڪ گورنمنٽ بوائز هاءِ اسڪول ڪوٽڙي مان پاس ڪيائين. انٽرميڊيئيٽ بوائز ڪاليج قاسم آباد مان پاس ڪيائين ۽ اعليٰ تعليم  جي لاءِ ڄام شوري جي پٿريلي ڌرتي تي هوائون کائڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي جو رخ ڪيائين جتي سٻاجھڙي سنڌ ورسٽي ۾ حسين نگاهن سان اُپٽار ٿيل هوائن جي ڊپارٽمنٽ مسلم هسٽري ۾ پير پاتائين، جتي هن ماسٽرس جي ڊگري ملڻ کان پوءِ پي ايڇ ڊي به انهيءَ سونهن ورنيءَ ڌرتي سنڌ يونيورسٽي مان ڪئي، 
ايئن وقت جي هلندڙ گاڏيءَ ۾ پنهنجي سوٽ سان شادي جي ٻنڌنن ۾ ٻڌجي ويو، جنهن مان هينئر کيس ڇھ ٻار به آهن، يونيورسٽي جي ڊگري مڪمل ٿيڻ کان پوءِ هاڻ پاڻ به انهيءَ مسلم هسٽري شعبي ۾ پروفيسر طور پنهنجو فرض سر انجام ڏئي رهيا آهن، گھريلو زندگي جي حساب سان پاڻ بيحد سادگي واري زندگي گذارڻ پسند ڪن ٿا. گھر ۾ ڀائرن ۾ سڀني کان وڏو هئڻ ڪري وڏي مان ۽ مرتبي وارا آهن. فطرت جي حساب سان صبر۽ برداشت دل رکندڙ آهن، هن شخص کي ڪڏهن به ڪاوڙ نه ايندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن بک لڳڻ ڪري برداشت ڇڏائجي ويندي آهي ۽ پوءِ گھر ۾ ڪنهنجو به خير نه هئڻ جهڙو لمحو پيدا ٿي ويندو آهي. 
تعليم ۾ سندس پڙهائي سان لڳاءُ هئڻ ڪري استاد گھڻا ڀائيندا هئا، هڪ دفعي ته ايئن به ٿيو جو اسڪول جي دور ۾ ڪجه ڏينهن لاءِ مامن جي گھران پنهنجي اباڻي گھر ويا هئا  ته پويان اسڪول جي امتحانن جا ڏينهن ٿي ويا هن جي امتحانن ۾ نه ويهڻ جي ڪري اسڪول جي استادن امتحان ۾ ڪجھ ڏينهن لاءِ تاخير ڪري ڇڏي ته جيئن هي پنهنجي امتحانن ۾ شريڪ ٿي سگھي.
نوڪري جي لحاظ سان سائين تمام سچا رهيا آهن، ڪهڙا به حالات هجن پر اڄ تائين وس ڪندي پنهنجو ڪوبه ڪلاس نه ڇڏيو اٿن ۽ ٽائيم جي پابندي سان ڊيوٽي سرانجام ڏئي  رهيا آهن. 
سنڌ ورسٽي جي دل سڏي ويندڙ آرٽ فيڪلٽي ۾ موجود مسلم هسٽري شعبي جي مائينر سبجيڪٽ هر شاگرد جي چوائيس رهي آهي، ڇاڪاڻ ته مسلمان شاگردن جي گھڻائي ان ڪري آهي ته هر شاگرد جو ڏاڏو يا نانو ڪونه ڪو گھر مان الله ۽ رسول صه جي دين جو درس ڏيندڙ آهن. تنهن ڪري هر ڪنهن کي اڳ ۾ ئي ٿوري ڄاڻ آهي ۽ سائين به تمام سٺو ٿا  پڙهائين ۽ شاگرد به سٺي موٽ ڏين ٿا ۽ مارڪون به سٺا ٿا ملن تنهن ڪري شگردن جي گھڻائي پڻ هوندي آهي. 
سائين جن جي پڙهائڻ جو انداز ۽ سمجھائڻ به نرالو هئڻ جي ڪري هر شاگرد جي دل کي موهي ٿو وجھي ۽ ايئن ئي سائين هر شگرد جو دل کٽيندا رهيا آهن. سوين ٻارن کي سمڀالڻ به سائين جي لاءِ ڪو مشڪل ڪم نه آهي.
تعليم پرائڻ جي دور کان وٺي اڄ تائين سائين پنهنجن استادن جي رحمدلي جي سفر کي جاري رکندي پاڻ به پنهنجن شاگردن سان وڏو چاھ رکندا آهن ۽ وڏو ڀائيندا آهن جيئن هو هن جو پنهنجو اولاد هجي. 
زندگي جي حاصلات جو سمورو سفر سائين جي لاءِ يادگار رهيو آهي، سائين جن جي ڪاميابي ۾ سڀ کان وڏو هٿ سائين جن جي استادن ۽ مائٽن جي دعائن جو آهي. 
زندگي جي خواهشون ته انيڪ آهن جيڪي ڪڏهن به ختم ٿيڻ واريون نه آهن، پر سائين جن جي زندگي جي خواهش اها به آهي ته پسند جي شادي به ڪيان، باقي سڀ خواهشون پوريون ٿي ويون آهن ۽ آخر ۾ سائين جن پنهنجي پيغام ۾ هڪ سٺي زندگي گزارڻ جي تلڪين ڪئي آهي ته جيئن ڪاميابي اوهان شاگردن جا قدم چمي.   

Tuesday, 20 September 2016

Article Subhan Jamali

u should start with some current reference.
U should have discussed it with some one from forest department and seen that what are current policies of govt and how they are  being violated
Article
سنڌ ۾ وڻن جي واڍي ۽ ٿيندڙ نقصان
Abdul Subhan Jamali BS-II Roll 05
وڻ اسان جي معاشري ۾ وڏي اهميت رکن ٿا، جنهن ۾ قدرت جا هزارين فائده رکيل آهن، جيئن وڻ سائنسي طور تي انسان لاءِ آڪسيجن پيدا ڪن ٿا ۽ اسان جي ماحول کي بهتر ۽ صاف بڻائڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا ان سان گڏ وڻ اسان لاءِ طبي طور به تمام گهڻو فائديمند آهن، وڻ فطري سونهن ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ آهن، حديث ۾ آهي ته ”وڻ صدقه جاري آهي“ وڻ معاشي طور تي به ملڪ لاءِ فائديمند آهن پر ان سان گڏوگڏ  چوپائي جانور لاءِ ، تيل، واپار، ماحول، برساتن ۽ پکين لاءِ اجهي جو فائدو پڻ آهن.
هڪ اندازي موجب ڏٺو وڃي ته دنيا جي مٿاڇري تي صرف 30 سيڪڙو ٻيلا آهن، دنيا ۾ 3 ملين ماڻهو جيڪي ابن ڏاڏن کان ٻيلن ۾ رهن ٿا ۽ دنيا ۾ 2 بلين ماڻهن جي  آمدني، کاڌي پيتي، پاڻي ۽ اجهي جو دارومدار ٻيلن تي آهي.اسان جي ملڪ ۾ اندازي موجب 4.5 سيڪڙو ٻيلا آهن، جڏهن ته دنيا جي حساب سان 20 سيڪڙو هجڻ گهرجي، اسان جي ملڪ ۾ سالانه 22 ملين ڪيوبڪ فوٽ تمر ڪاٺ جي ضرورت آهي، جڏهن ته اسان جي ملڪ ۾ صرف 11 ملين ڪيوبڪ فٽ تمر ڪاٺ پيدا ٿئي ٿو، يعني ٻيڻ تي کوٽ آهي، ٻين ملڪن جي حساب سان اسان جي ملڪ ۾  تمام گهٽ ٻيلا آهن، ڏٺو وڃي ته ملائيشيا ۾ 56.5 سيڪڙو، سريلنڪا ۾ 42.4 سيڪڙو، انڊيا ۾ 23.7 سيڪڙو ۽ چائنا ۾ 17.7 سيڪڙو ٻيلا آهن، پاڪستان ۾ ٻيلن جي  گهٽ ٿيڻ جو سبب اهو به آهي ته اسان جي ملڪ جي زمين تقريبن60 سيڪڙو کان 70 سيڪڙو ڦٽيل آهي، ڪلر، سيمي، پاڻي جي کوٽ،  ليز ۽ ٻين سببن جي ڪري به ٻيلن ۾ گهٽتائي آئي آهي.
مجموعي طور تي سنڌ ۾ ٻيلن جي ايراضي 2785000 ايڪڙ (2.785 ملين) ايڪڙ آهي، جنهن ۾ 500 اسڪوائر سنڌو درياهه جي پاسي ڪشمور کان ڪراچي تائين آهن، سنڌ ۾ ٽوٽل 86 ٻيلا موجود آهن، جنهن ۾ اوڀر کان 61 ۽ اولهه کان 25 ٻيلا آهن، ڏٺو وڃي ته ٻيلن جي واڍي گڊو کان سکر بئراج تائين 85 سيڪڙو آهي، جڏهن ته وڻ لڳائڻ جو عمل صرف 9 سيڪڙو آهي جيڪو انتهائي نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو.
اندازي موجب سنڌ جي ڪل 8 سيڪڙو ايراضي تي ٻيلا آهن، ڏٺو وڃي ته ٻين صوبن، علائقن جي ڀيٽ  موجب گهٽ آهي، ڇو ته ڪشمير ۾ 6.5 سيڪڙو ، بلوچستان ۾ 14 سيڪڙو، ناردرن ايريا ۾ 15.7 سيڪڙو، خيبرپختونخواهه ۾ 40 سيڪڙو ۽ پنجاب ۾ 14.4 سيڪڙو ٻيلا آهن، جيڪو نه صرف سنڌ ۾ وڻن جي گهٽتائي بلڪه گهڻي قدر واڍي کي به ظاهر ڪري ٿو.
گذريل ڪجهه وقت کان بي رحم هٿن هٿان وڻن کي عبرت جو نشانو بڻايو پيو وڃي، وڻن کي وڍيو پيو وڃي ۽ اسان جي معاشري مان فطري سونهن کي ختم ڪيو پيو وڃي، جيڪو انتهائي افسوس جوڳو عمل آهي ۽ ان عمل سان ڪيترائي نقصان پڻ ٿين ٿا، جهڙوڪ گرمي جو وڌڻ، ٻوڏ، برساتن جو نه پوڻ ۽ ڏُڪار وغيره.

وڻن جي واڍي کي روڪڻ لاءِ اسان سڀني کي پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻو پوندو ۽ ان سان گڏوگڏ حڪومت کي به گهرجي ته وڻن جي واڍي ۽ ليز تي زمين ڏئي ٻيلا ختم ڪرڻ خلاف سخت قدم کنيا وڃن، ٻيلي کاتي مان ڪرپشن ختم ڪري ايماندار آفيسر آندا وڃن ۽  سموري کاتي کي فعال بڻايو وڃي، ٻهراڙي جي علائقن ۾ غريب ماڻهو پنهنجن ٻچن جي پيٽ گذر لاءِ وڻ وڍي زندگي جو گاڏو  هلائي رهيا آهن جنهن عمل کي روڪيو وڃي.ته جيئن سنڌ ۾ قدرتي سونهن جيڪا وڻن جي ڪري هئي سا بحال ٿي سگهي.