We need 600 words, this one is 312 words.
File name is not correct. How to send file, see FB group
No proper figures and argument, its too vague and general
Article Siraj-ul-Haque
سنڌ ۾ غربت ۽ بيروزگاري جي صورتحال
سراج الحق
ملڪي معيشت ۾ 71%
حصو ڏيندڙ سنڌ جي صورتحال اڄ آفريڪا جي ڪنهن ملڪ جيان لڳي ٿي.
زراعت، معدني وسيلن سان مالامال سنڌ جا ماڻهو بک ۽ بيروزگاري سبب اڄ پنهنجا ٻچا
وڪڻڻ تي مجبور آهن.
اڄ جڏهن دنيا سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي جديد
دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي، ڏينهون ڏينهن نيون ايجادون ٿين پيون، اتي هن ديس جا ماڻهو زندگي
جون ٻيون ضرورتون ته پري پر ٻن ويلن جي ماني لاءِ به ڪيترن ئي پريشانين ۽ تڪليفن
کي منهن ڏين ٿا. گذريل ڪجھ سالن کان ڪوئلي، فطرت جي شاهڪار حسن ۽ ٻين قدرتي وسيلن
سان مالامال سنڌ جي سڀ کان وڏي ضلعي ٿرپاڪر ۾ بک ۽ بيمارين سبب ٻارڙن جو موت روز
جو معمول بڻيل آهي. ان کان علاوه سنڌ جي ٻين علائقن جهڙوڪ ڪاڇي، ڪوهستان ۽ جابلو
پٽي جا ماڻهو پڻ 21هين جي صديءَ جي مڙني سهولتن کان محروم آهن. تعليم ۽ صحت جهڙين
بنيادي سهولتون ته پري جي ڳالهه آهي پر انسان جي جياپي پاڻي لاءِ به ٿر سميت، سنڌ
جي مختلف علائقن جا ماڻهو ڪيترن ئي تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ رياست
سميت سماج جي سڀني باشعور ماڻهن تي ذميواري عائد ٿئي ٿي ته هو پنهنجو ڪردار ادا
ڪن. ڇاڪاڻ ته غربت ۽ بيروزگاري مان ئي سماج جا ٻيا ڏوهه جنم وٺن ٿا، چيو ويندو آهي
ته غربت سڀني براين جي ماءُ آهي، بيروزگاري جي شرح وڌڻ سبب ئي ڏوهن ۾ پڻ اضافي ٿي
رهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جو نوجوان مايوسين ۾ ڌڪجندو پيو وڃي. ان سڄي صورتحال
۽ پسمنظر جي پٺيان تبڪاتي نظام جو هٿ آهي. جنهن سبب چند جاگيردار ۽ سرمايدار گھراڻن
جو پوري زراعت ۽ صنعت تي قبضو آهي ۽ اهي استحصالي قوتون ڪڏهن به نه چاهينديون ته
سنڌ جو مڊل ڪلاس طبقو اڳتي اچي ۽ غربت جي زنجير کي ٽوڙي دنيا سان ڪلهي ۾ ڪلهو
ملائي بيهي.
Siraj-ul-Haque
Roll No.
# 2k15-MC-121
No comments:
Post a Comment