Showing posts with label مسرت ٽالپر 2nd. Show all posts
Showing posts with label مسرت ٽالپر 2nd. Show all posts

Tuesday, 15 November 2016

پروفائيل: عباس علي شاهه -- مسرت ٽالپر

                                                                مسرت ٽالپر          
                                                               BS-II (2nd Sem)
                                                               2K15/MC/65
پروفائيل: عباس علي شاهه --  مسرت ٽالپر

خوش مزاجي جو سرچشمو: عباس علي شاهه

                         ڇا ڪنهن  ائين سوچيو هوندو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ هڪ مندر هوندو.
                         يونيورسٽي ۾ مندر: ٻڌڻ ۾ عجيب ٿو لڳي نه؟

                         جڏهن آرٽ فيڪلٽي جي سيڪنڊ فلور تي سوشل ورڪ ڊپارٽمينٽ وٽ پهتس ته اتي هڪ دروازي مٿان ”مندر عباس“ لکيل نظر آيو.  دروازو کولي اندر داخل ٿيس ته ان مندر اندر دنيا جا ڪيترائي رنگ نظر آيا. اتي پيل هر شئي هر تصوير ۾ الڳ الڳ رنگ، ثقافت ۽ تهذيب پئي نظر آئي.

                         اهو مندر حقيقت ۾ اتي ويٺل تندرست، خوش مزاج، خوش نظر ۽ دوستانه شخصيت جي مالڪ عباس علي شاهه جي آفيس هئي.

 زندگي کي خوبصورت رنگن ۾ گذارڻ واري ان خوش مزاج  ۽ مزاحيه انسان کي جڏهن ان آفيس ۾ پيل شين بابت پڇيو ته ڪٿان آنديون ايتريون شيون؟ ته تمام ئي مزاحيه انداز سان هڪ سچ سامهو آندائي، چوڻ لڳا ته اهي شيون مون چوري ڪيون آهن مون ڪا مسجد، درگاهه، مندر ۽ ڪنهن دوست جو گهر ڪونهي ڇڏيو. مون پنهنجي ڀاءُ  جو گهر به ڪونهي ڇڏيو. ڪجهه شين ڏانهن اشارو ڪندي چوڻ لڳا ته هي مون پنهنجي ڀاءُ  جي گهر مان چورايو آهي. هي مون پنهنجي گهرواري جو چورايو آهي. هي مون پنهنجي ڀائيٽي جو چورايو آهي ۽ بعد ۾ مان انهن کي ٻڌائيندو آهيان ته مان اهيا شئي چورائي آهي.

سندن چوڻ آهي ته مون کي رنگين زندگي وڻندي آهي، مون تمام  گھٽ اڇا ڪپڙا پاتا هوندا. اڇن ڪپڙن  ۾ مونکي ائين لڳندو آهي ته مان مردو آهيان. ان ڪري مون کي رنگن واري زندگي تمام گھڻي وڻندي آهي. اهيا ئي وجه آهي  منهنجي هن آفيس جي خوبصورتي جي.

                         هن خوش مزاج شخصيت جو تعلق ضلع بدين جي پراڻي ڳوٺ حاجي عبدالله شاهه سان آهي. پنهنجو ننڍپڻ پنهنجي ڳوٺ ۾ گذاريائين ابتدائي تعليم ڳوٺ ۾ ئي حاصل ڪيائين. ڳوٺ ۾ پڙهائي جا گھڻا وسيلا نه هئڻ سبب وڌيڪ تعليم شهر بدين ۾ حاصل ڪيائين. اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ يونيورسٽي آف سنڌ جو رخ ڪيائين. اتي گريجوئيشن مڪمل ڪرڻ کان پوءِ انهي ڊپارٽمينٽ سوشل ورڪ ۾ هڪ استاد جي حيثيت ۾ ڪم ڪرڻ لڳا. ڪجهه عرصي کان پوءِ چيئرپرسن جي ڪرسي سنڀاليائين ۽ هڪ سال کان انهي ذميداري ۾ مصروف آهي.


       اڄ  جي عباس علي شاهه ۽ ننڍپڻ جي عباس علي شاهه ۾ تمام وڏو فرق آهي. سندن چوڻ آهي ته آئون ننڍپڻ ۾ تمام خاموش قسم جو ٻار هئس ڪنهن کي به تنگ نه ڪندو هئس. منهنجي مزاج ۾ تبديلي يونيورسٽي اچڻ کان پوءِ دوستن جي محفل ۾ ٿي.

                         ننڍپڻ ۾  ٻين ٻارن وانگر راند کيڏڻ جو تمام شوق هو. پسنديده راندين ۾ صرف فٽ بال هئي جنهن کي وڏي دلچسپي سان کيڏندا هئا. اسڪول مان اچڻ کان پوءِ سندس گهر ويجھو هڪ ڪئنال هوندو هو ان ۾ پنهنجي دوستن سان گڏ ترڻ ويندا هئا.

                         عباس علي شاهه کي شروع ۾ پڙهائي  جو ڪو خاص شوق نه هو ڪجهه  سبجيڪٽ ۾ ڪمزور هئڻ سبب,  پر يونيورسٽي ۾ اچڻ کان پوءِ زندگي جو نئون موڙ شروع ٿيو.

                         سر عباس علي شاهه هڪ سٺو انسان آهي پر سندن چوڻ آهي ته آئون شريف ماڻهن کي پسند نه ڪندو آهيان ڇوته شريف ماڻهو نه پنهنجي نه ٻين جي ڪم جا آهن. مون کي صرف هلڻ رلڻ وارا ماڻهو وڻندا آهن جيڪي چست ۽ چالاڪ هجن.

                         عباس شاهه خوش مزاجي سان گڏ ماڻهن جي فڪر ۽ احساسن وارو جذبو به رکن ٿا. ڪنهن خيراتي اداري کي فنڊ ڏيڻ بجاءِ پاڻ ماڻهن جي مدد ڪن ٿا. سندن چوڻ آهي ته خيراتي ادارو هڪ قسم جو فراڊ آهي

                         ڪجهه وقت گفتگو ڪرڻ کان پوءِ  عباس علي شاهه سنجيدگي پر مزاحيه مزاج ۾ چوڻ لڳا ته آئون توهان  کي چريو لڳندو هوندس.

                         اگر هڪ خوش مزاج، خوش اخلاق، دوستانه شخصيت جو مالڪ ماڻهن سان رحمدلي سان پيش ايندڙ انسان اگر اهڙو سوال ٿو ڪري ته پوءِ هن دنيا جي ٻه طرف رويو  رکندڙ  ماڻهن ۾ رهندڙ هر خوش مزاج ۽ رحمدل انسان چريو آهي.

Saturday, 15 October 2016

مسرت ٽالپر: لوڊشيڊنگ جا دلچسپ منظر


مسرت ٽالپر 
ڪلاس: BS-II 
رول نمبر: 2K15/MC/65  
فيچر
 لوڊشيڊنگ سببان ٿيندڙ دلچسپ منظر

لوڊ شيڊنگ سببان ٿيندڙ دلچسپ منظر 
هن عنوان جي ملڻ کان پهرين مون ڪڏهن نه سوچيو هو ته لوڊشيڊنگ به دلچسپ ٿي سگھي ٿي منجھائڻ وارو سوال ته گھڻين جي دماغ لاءِ اچي ٿو ته لوڊشيڊنگ سببان دلچسپ منظر عجيب ڪاميڊي ٿي لڳي نه ! ها عجيب ته لڳندي، ڇو ته اسان اڄ تائين لوڊشيڊنگ صرف هڪ مسئلو ٿي سمجھون ٿا جنهن جو اسان جي پريشانين ۾ ڪنهن حد تائين هٿ ضرور اٿس جنهن کي اڄ تائين پاڪستان جا ماڻهو ختم ڪرڻ لاءِ لکين هيلا وسيلا ڪري ڪا قصر نه ڇڏي پر عوام جو مسئلو حل ٿئي.

مڃون ٿا ته لوڊشيڊنگ هڪ وڏو مسئلو آهي جنهن جي سببان اسان کي روزمره جي ڪم ۾ ڪيترين ئي مسئلن کي منهن ڏيڻو پئي ٿو. ان جي باوجود به اسان کي لوڊشيڊنگ جي سببا ڪيترائي فائدا به پهچن ٿا. اڄ اسان جي زندگي جو ڪاروان بجلي جي بغير تمام مشڪل آهي کاڌي کان وٺي اسان جي ڪپڙن تائين، ڪپڙن کان وٺي پڙهائي تائين، پڙهائي کان وٺي آفيس تائين اسان بجلي جي رحم ڪرم تي آهيون جنهن جي غير موجودگي ۾ اسان جي روزمره جي زندگي غير توازن ٿئي ٿي.

اها ڳالهه چوڻ غلط نه ٿيندي ته بجلي جا فائدا يقين آهن پر ان جا نقصان به ڪجھ گھٽ نه آهن لوڊشيڊنگ نه ٿيڻ سببان عورتون پنهنجي گھر کان وڌيڪ TV ۾ مصروف هونديون آهن. يا ته سڄو ڏينهن ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ ۽ موبائيل ۾ مصروف هوندا آهن. اتي وري پڙهائي جو الڳ نقصان ٿئي تو انهن TV ۽ انٽرنيٽ سببان ماڻهون اهيو ان ڳالهه ڏانهن ڌيان ئي نٿا ڏين ته اسان پنهنجن کان ڪيترو پري ٿي ويا آهيون انهن کي وقت ئي نٿا ڏيون، اهڙن مسئلن ۾ لوڊشيڊنگ هڪ وڏي نعمت ثابت ٿئي ٿي 

لوڊشيڊنگ ٿيڻ سان ئي هڪ منظر پيش ڪري ٿي، لوڊشيڊنگ ٿيڻ سان ئي هڪ قسم خاموشي ۽ سڪون پيدا ٿئي ٿپ. جنهن سان ماڻهو ڪجھ سوچڻ شروع ڪري ٿو، نوجوان جي انٽرنيٽ ۽ TV ۾ زندگي بصر ڪري رهيا هوندا آهن. اهي زندگي جي ٻين حقيقتن کي به ڏسڻ لاءِ مجبور ٿيندا آهن عورتون جيڪي پنهنجو ڪم ڪار ڇڏي TV ۾ مصروف هونديون آهن اهي لوڊشيڊنگ سببان پنهنجي گھريلو زندگي ۾ واپس اينديون آهن اسان پنهنجين پنهنجين زندگين ۾ ايترا ته مصروف ٿي ويا آهيون جو پنهنجي مٽن مائٽن دوستن ۽ پاڙيوارن کي وقت ئي نٿا ڏئي سگھون. 

اهڙن معاملن ۾ پنهنجن جي ويجھو ڪرڻ ۾ لوڊشيڊنگ جي نه هئڻ سان جيڪي اسان مصروفيت واري زندگي گذاري رهيا آهيون، اتي لوڊشيڊنگ جي ٿيڻ سان اسان پنهنجين مصروفيتن مان واندا ٿي پنهنجن جي وچ ۾ ويهي زندگي جو هڪ خوبصورت رنگ محسوس ڪرڻ جو موقعو ملندو آهي، جنهن سان اسان جا وڏا به خوشي محسوس ڪندا آهن نوجوان جيڪي TV انٽرنيٽ ۾ مصروف هوندا آهن، لوڊشيڊنگ سببان انهن کي هڪ ڄڻ مرزي وارو موقعو ملي ويندو آهي پنهنجن دوستن سان ملڻ جو 

جتي لوڊشيدنگ سان گھر جا مرد وڃي اوطاقن ۾ ڪچهرين جي محفل سجائيندا آهن اتي ڳوٺاڻيون عورتون ڪنهن هڪ جي گھر گڏ ٿي پنهنجين ئي ڪچهرين ۾ مصروف هونديو آهن باقي رهيا شهري زندگي گذارڻ وارا انهن جو مزو ئي پنهنجو آهي شهر جي بند گھرن ۾ گرمي کان بچڻ لاءِ سڀ گھر جا فرد ڇت تي سڀ گڏ ٿي پنهنجين ئي ڪچهرين ۾ مصروف ۾ مصروف رهندا ته ڪي وري ڇڪي واري راند ۾ مزو ڪندا، ته ڪي وري ٿڌي هوا جو مزو وٺڻ لاءِ پنهنجي گھر ۾ پاڙهي وارن سان گڏ واڪ لاءِ نڪري ويندا جتي وري هلندي هلندي پارڪ ۾ ٻيا سڃاڻ وارا ملي ويندا. اتي به ڪچهريون جي محفل سجيو وڃي.
.

Tuesday, 20 September 2016

مسرت ٽالپر



سنڌ ۾ اسڪول جي ناڪامين ۾ ڪميونٽي جو رول
                                    مسرت ٽالپر
ڪلاس                                BS-II
 رول نمبر                                      2K15/MC/65
تاريخ ۾ اگر سنڌ تي نظر وجھي وڃي ته اڄ جي سنڌ هر لحاظ کان بهتر آهي. سنڌ جي عوام اڄ ڪيترن ئي سهولتن سان زندگي گذاري رهي آهي. تاريخ ۾ ڏٺو وڃي ته مشڪل سان ئي ڪنهن علائقي ۾ اسڪول موجود هئا جو پري پري جا رهواسي ميلن جو سفر ڪري تعليم حاصل ڪرڻ ايندا هئا. پر اڄ ترقياتي وقتر سان گڏ اسڪول جي نه هئڻ جي ڪابه پريشاني نظر نٿي اچي. هر ڳوٺ، علائقي ۾ اسڪول نظر ايندا.  پر افسوس جي ڳالهه اهيا آهي ته انهن اسڪولن مان اڌ کان وڌيڪ ويران عمارت آهن جنهن کي ڏسڻ وارو به ڪو نه آهي. ۽ جيڪي  بچا ڪچا آهن انهن ۾ ڪمزور تعليمي نظام، استادن  جي غير حاضري ۽ بنيادي سهولتن جو مسئلو درپيش آهي. جنهن جي وجه سان سنڌ جي عوام تعليم جي معاملي ۾ تمام پويان آهي رهجي ويئي آهي.
سنڌ ڪيترن ئي قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي ان جي باوجود به سنڌ جي عوام کي بيروزگاري جو منهن ڏسڻو ڇوي ٿو  جنهن جي بنيادي وجه سنڌ جو بگڙيل تعليمي نظام آهي. اهي برباد ۽ ناڪام ٿيل اسڪول جو عمارتون آهن جن کي جاگيردارن پنهنجي ذاتي ملڪيت سمجھي پنهنجي ذاتي ڪمن لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن.
اسڪول جي ناڪامي ۾ سنڌ ڪميونٽي به اهم ڪردار ادا ڪري ٿي ته سنڌ جي  عوام جيڪا بيروزگاري کان تنگ اچي خودڪشي جون ڪامياب ڪوششون سرانجام ڏي ٿي، جتي لوڊشنڊنگ  سان پنهنجو ڪاروباري نقصان ڏسي روڊن تي حڪومت خلاف خطرناڪ قسم جا احتجاج ڪري ٿي، جتي ٻن ڏينهن لاءِ پاڻي ڇا بند ڪيو وڃي ٿو اتي اهيا عوام سک جو ساهه کڻڻ لاءِ تيار ڪونهي پر اهي ماڻهو اڄ ڇو انهن اسڪولن جتي ترقي جي راهه ٿي ڏيکاري وڃي انهن جي ناڪامين خلاف ڇو گڏ ٿي احتجاج نٿي ڪري؟ ڇو انهن زميندارن خلاف آواز نٿي بلند ڪري؟ جيڪي اسڪولن کي پنهنجي ذاتي ملڪيت سمجھڻ ٿا. اهيا سوچڻ جي ڳالهه آهي. ڪميونٽي ڇو خاموش آهي؟ اگر سنڌ جي عوام ائين ئي خاموش رهي ته سنڌ ۾ تعليمي نظام بلڪل ئي ختم ٿي ويندو ۽ سنڌ ۾ بيروزگاري جي ثقافت عام ٿي ويندي.
استاد علم جا سرچشما هوندا آهن قومن جي ترقي ۾ استادن جو وڏو ڪردار هوندو آهي. استاد هڪ اهڙي شخصيت آهي جنهن کي هميشه عزت ۽ احترام جي نظر ملي ٿي پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته تعليم يافته استاد اسڪول جي بربادين ناڪامين ۾ برابر جا شريڪ آهن. استاد جيڪي هفتن ۾ اسڪول جو منهن ڏسڻ وارا، جن کي جڏهن پگهارون نه ملنديون ته روز سرڪاري آفيسن اڳيان پنهنجي حقن لاءِ بک هڙتالون ڪندا  آهن اهي پنهنجي حق لاءِ وڙهڻ وارا پنهنجون زميداريون پوريون ڪرڻ بجاءِ اسڪول نه ايندا جنهن جي وجه اسڪول ۾ داخل ٿيڻ باوجودکان ٻار تعليم  محروم آهن.

هر ڪامياب معاشري  جي بلندي جي وجه تعليمي ادارا هوندا آهن. جتي انهن کي ڪاميابي ڏانهن راهه ڏيکاري ويندي آهي. اگر انهن تعليمي ادارن کي به ڪنهن قسم جو نقصان پهچندو ته قومن جي ڪاميابي ۾ رڪاوٽ ايندي انهي مسئلي کان بچڻ لاءِ قومن جي هر هڪ فرد کي گھرجي ته ادارن جي بچاءُ لاءِ سخت قدم کڻن ته جيئن تعليم جي بربادي کان بچي سگھجي ۽ پنهنجي ملڪ کي خوشحال و آباد رکجي.